2
1سو اهي پنهنجي همقوم ڀائرن کي #2:1 عمي عبراني ٻوليءَ ۾ هن لفظ جي معنيٰ آهي ”منهنجي قوم.“عمي سڏين ۽ پنهنجي همقوم ڀينرن کي #2:1 رحامہ عبراني ٻوليءَ ۾ هن لفظ جي معنيٰ آهي ”رحم جوڳي.“رحامہ سڏين.
اسرائيل وارا هڪ بيوفا زال مثل
2خداوند فرمائي ٿو تہ
”اي منهنجا ٻارؤ! اوهين پنهنجي ماءُ سان حجت ڪريو،
توڙي جو هن سان هاڻي منهنجا زال مڙس وارا تعلقات نہ آهن،
تہ بہ اوهين ساڻس حجت ڪريو،
تانتہ هوءَ زنا ۽ بدڪاري ڇڏي ڏئي.
3ائين نہ ٿئي جو سندس ڄمڻ جي وقت وانگر
آءٌ کيس بلڪل اگھاڙو ڪري ڇڏيان،
يا ائين نہ ٿئي جو آءٌ کيس بيابان جهڙو ويران ڪري ڇڏيان.
هائو، آءٌ کيس ٺوٺ زمين جهڙو ڪري ڇڏيانس،
۽ پياسو ڪري ماريانس.
4تڏهن آءٌ سندس اولاد تي ڪو رحم نہ ڪندس،
ڇوجو اهي زناڪاريءَ مان پيدا ٿيا آهن.
5سندن زناڪار ماءُ جنهن مان اهي ٻار پيدا ٿيا،
تنهن هڪ تہ زناڪاري ڪري بيحيائيءَ جو ڪم ڪيو،
ٻيو وري چوي ٿي تہ
’آءٌ پنهنجي انهن زناڪار يارن جي پٺيان لڳي وينديس،
جيڪي مون کي کاڌو توڙي پاڻي،
بلڪ اُن، سڻي، زيتون جو تيل ۽ مئي پڻ ڏين ٿا.‘
6تنهنڪري هاڻي آءٌ لوڙهو ڏيئي سندس رستو بند ڪندس،
هائو، هن جي آڏو ڀت ڪڍندس، تانتہ کيس ڪو رستو نہ ملي.
7هوءَ پنهنجي عاشقن جي پٺيان لڳندي،
پر کين پهچي ڪين سگھندي.
هائو، هوءَ انهن کي ڳوليندي رهندي پر لهي نہ سگھندن.
تڏهن هوءَ چوندي تہ
’آءٌ پنهنجي پهرئين مڙس ڏانهن موٽي وينديس،
ڇو تہ هاڻي جي ڀيٽ ۾ منهنجي ان وقت واري حالت بهتر هئي.‘
8هن اهو بلڪل نہ ٿي مڃيو تہ آءٌ ئي اهو خدا آهيان،
جنهن کيس اناج، مئي ۽ زيتون جو تيل ڏنو،
۽ مون ئي کيس اهو جھجھو سون ۽ چاندي عطا ڪيو،
جيڪو هن بعل ديوتا جي پوڄا تي خرچ ڪيو.
9سو هاڻ فصل لهڻ تي
آءٌ کانئس پنهنجو اناج ۽ مئي موٽائي وٺندس.
آءٌ کانئس اها اُن ۽ سڻي بہ کسي وٺندس،
جنهن مان ٺهيل ڪپڙي سان هوءَ پنهنجي اوگھڙ ٿي ڍڪي.
10هاڻي آءٌ هن جي يارن آڏو
کيس اگھاڙو ڪري خوار خراب ڪندس،
۽ ڪوبہ کيس منهنجي هٿان ڇڏائي نہ سگھندو.
11آءٌ هن جون سموريون خوشيون ختم ڪري ڇڏيندس.
هائو، نئين چنڊ، سبت ۽ سندس عيدن جا ڏينهن،
مطلب تہ سندس سڀ پاڪ گڏجاڻين جا ڏينهن
آءٌ کيس ملهائڻ نہ ڏيندس.
12آءٌ سندس اهي انگورن جا باغ،
۽ انجير جا وڻ برباد ڪري ڇڏيندس،
جن بابت هن چيو آهي تہ
’هي منهنجي يارن جو ڏنل عيوضو آهن.‘
آءٌ انهن باغن کي جھنگ بڻائي ڇڏيندس،
جن کي جھنگلي جانور برباد ڪري ڇڏيندا.
13آءٌ انهيءَ کي سندس انهن ڏينهن جي سزا ڏيندس،
جڏهن هوءَ مون کي وساري بعل ديوتائن جي پوڄا ڪندي هئي،
۽ انهن جي آڏو لوبان ساڙيندي هئي.
هائو، آءٌ انهيءَ کي سندس انهن ڏينهن جي سزا ضرور ڏيندس،
جڏهن هوءَ زيور پائي سينگار ڪري
پنهنجي يارن جي پٺيان ويندي هئي.
اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
پنهنجي قوم لاءِ خداوند جي محبت
14خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ
”پر هاڻي ڏسو، آءٌ هن کي سمجھائيندس،
۽ ڌتاري بيابان ڏانهن وٺي وڃي ساڻس پيار سان ڳالهائيندس.
15 #
يش 7:24-26
پوءِ آءٌ سندس انگورن جا باغ کيس موٽائي ڏيندس،
۽ #2:15 ڏک جي ماٿريءَ انهيءَ ماٿريءَ جو نالو عڪور يعني ڏک جي ماٿري انهيءَ ڪري رکيو ويو هو جو اتي بني اسرائيل خدا جي نافرماني ڪرڻ ڪري دشمنن کان شڪست کاڌي هئي (ڏسو يشوع 7:24).ڏک جي ماٿريءَ کي پڻ هن لاءِ اميد جو گذرگاهہ بڻائيندس.
تڏهن هوءَ اتي جوانيءَ جي ڏينهن وانگر مون کي موٽ ڏيندي،
جيئن مصر جي ملڪ منجھان نڪرڻ وقت
هن مون سان پيار ڪيو هو.
16پوءِ انهيءَ ڏينهن هوءَ مون کي وري پنهنجو مڙس سڏيندي،
۽ اڳتي مون کي پنهنجو #2:16 بعل بعل هڪ ڪنعاني ديوتا جو نالو هو، جنهن جي معنيٰ آهي ”مالڪ“ يا ”مڙس.“بعل نہ سڏيندي،
17جيئن تہ آءٌ سندس ذهن مان
بعل ديوتائن جا نالا ڪڍي ڇڏيندس،
تنهنڪري هوءَ وري ڪڏهن بہ انهن جو نالو ڪين وٺندي.
18انهيءَ ڏينهن آءٌ جھنگلي جانورن،
پکين ۽ سرندڙ جيتن کي حڪم ڪندس تہ
اهي منهنجي قوم کي ڪوبہ نقصان نہ پهچائين.
آءٌ سڄي اسرائيل ملڪ مان
جنگ جا هٿيار نيست وَ نابود ڪري ڇڏيندس.
هائو، تيرڪمان توڙي تلوارون سڀيئي ناس ڪري ڇڏيندس.
اهڙيءَ طرح آءٌ پنهنجي قوم کي
سندن ملڪ ۾ امن وَ امان سان رهڻ ڏيندس.
19اي بني اسرائيل قوم!
آءٌ تو سان هميشہ زال مڙس وارو اهڙو لاڳاپو جوڙيندس،
جيڪو سچائيءَ، عدل، رحمت ۽ دائمي شفقت وارو هوندو.
20بيشڪ آءٌ تو سان اهو لاڳاپو هميشہ لاءِ جوڙيندس،
تڏهن تون ڄاڻي وٺندينءَ تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.
21-22انهيءَ ڏينهن آءٌ تو #2:21-22 يزرعيل خداوند پنهنجي قوم کي يزرعيل ٿو سڏي جنهن جو اشارو هوسيع نبيءَ جي پهريتي پٽ ڏانهن آهي (ڏسو 11:1،4).يزرعيل جون گھريل دعائون ٻڌندس،
هائو، آءٌ آسمان کي حڪم ڪندس،
تہ اهو زمين تي برسات جو وسڪارو ڪري.
تڏهن زمين اناج، انگورن ۽ زيتونن جو جھجھو فصل اُپائيندي.
23 #
رو 9:25، 1.پط 2:10 تون جيڪا منهنجي قوم آهين،
تنهن کي آءٌ تنهنجي ملڪ ۾ قائم ڪري خوشحالي عطا ڪندس.
آءٌ تو تي رحم ڪندس،
جنهن کي #2:23 ’رحم جوڳي نہ آهي‘ عبرانيءَ ۾ ”لورحامہ“ لکيل آهي، جيڪو هوسيع جي ڌيءَ جو نالو آهي (ڏسو 1:6).’رحم جوڳي نہ آهي‘ سڏيو وڃي ٿو،
آءٌ تو کي پنهنجي قوم پڻ سڏيندس،
جنهن کي #2:23 ’منهنجي قوم نہ آهي‘ عبرانيءَ ۾ ”لوعمي“ لکيل آهي، جيڪو هوسيع جي ٻئي پٽ جو نالو آهي (ڏسو 1:9).’منهنجي قوم نہ آهي‘ سڏيو وڃي ٿو.
تڏهن تون مون کي وراڻي ڏيندينءَ تہ
’تون ئي منهنجو خدا آهين.‘“