Logo de l'Aplicació de la Bíblia
Icona de cerca

هوسيع 14

14
هوسيع جي اسرائيل وارن سان حجت
1اي اسرائيل وارؤ!
اوهان جي بدڪاريءَ ئي اوهان کي ٿاٻو ڏيئي ڪيرايو آهي،
تنهنڪري اوهين خداوند پنهنجي خدا آڏو توبهہ‌تائب ٿيو.
2هائو، اوهين خداوند آڏو توبهہ ڪندي کيس هيئن چئو تہ
”اي خداوند! اسان جون سڀ خطائون معاف ڪر،
۽ اڳتي هلي اسين جيڪي نيڪيون ڪريون سي تون قبول ڪر.
هاڻ اسين رڳو تنهنجي ئي واکاڻ ڪنداسون.
3اشور جو لشڪر اسان کي بچائي نہ سگھندو،
نڪي جنگي گھوڙا اسان کي بچائي سگھندا.
هاڻي اسين پنهنجي هٿن سان ٺاهيل بتن کي
وري نہ چونداسين تہ ’اوهين اسان جا خدا آهيو،‘
بيشڪ اي خداوند! تون ئي آهين،
جيڪو اسان يتيمن تي رحم ڪري سگھين ٿو.“
خداوند جو اسرائيل وارن کي معاف ڪرڻ جو واعدو
4خداوند فرمائي ٿو تہ
”اسرائيل وارن جيڪا سرڪشي ڪئي آهي،
سا آءٌ کين معاف ڪري ڇڏيندس.
آءٌ کُليءَ دل سان ساڻن پيار ڪندس،
ڇاڪاڻ تہ هاڻي هنن مٿان منهنجو غصو ٽري ويو آهي.
5سو جيئن ڪنهن ويران زمين تي برسات وسي،
تيئن ئي آءٌ اسرائيل وارن تي رحم ڪندس.
پوءِ هو سوسن جي ٻوٽي جيان گھڻا گل جھليندا،
اهي اهڙيون مضبوط پاڙون هڻندا،
جيئن لبنان جو ديال پاڙون هڻي ٿو.
6هنن جون ٽاريون اهڙيون پکڙبيون،
جو منجھائن زيتون جي وڻن جهڙي سونهن نظر ايندي،
۽ لبنان جي وڻن جهڙي خوشبوءَ ايندي.
7ڪڻڪ جي سلي جيان هو تازا توانا رهندا.
اهي انگورن جي ول جيان جھجھو ڦر ڏيندا،
۽ لبنان جي مئي وانگر مشهور ٿيندا.
هائو، اهي وري منهنجي ڇانوَ هيٺ رهندا.
8تڏهن اسرائيل وارا هيئن چوندا تہ
’هاڻي اسان جو بتن سان ڪهڙو واسطو؟‘
آءٌ خداوند انهن جون دعائون ٻڌندس،
۽ سندن حفاظت ڪندس.
آءٌ هنن لاءِ هميشہ سرسبز وڻ جهڙو ٿيندس،
۽ هو مون مان هر وقت جھجھو ڦل حاصل ڪندا.“
ڏاها ۽ سچار ماڻهو
9ڏاها ماڻهو انهن ڳالهين کي سمجھي ٿا سگھن،
هائو، سمجھہ وارا انهن ڳالهين کي چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿا.
خداوند جون راهون سنئيون سڌيون آهن،
سو سچار ماڻهو انهن تي ئي هلندا رهندا،
پر گنهگار ماڻهو انهن راهن تي نہ هلي سگھندا،
۽ ٿاٻڙجي ڪري پوندا.

S'ha seleccionat:

هوسيع 14: SB

Subratllat

Copia

Compara

Comparteix

None

Vols que els teus subratllats es desin a tots els teus dispositius? Registra't o inicia sessió