Logo de l'Aplicació de la Bíblia
Icona de cerca

هوسيع 11

11
خداوند جو پنهنجي باغي قوم سان پيار
1 # خر 4‏:22، مت 2‏:15 خداوند فرمائي ٿو تہ
”جڏهن بني اسرائيل قوم جي اڃا شروعات ئي هئي،
تڏهن کان مون ساڻس پيار رکيو هو،
۽ کيس پنهنجو پٽ بڻائي مصر ملڪ مان سڏي ورتو هئم.
2جيتري قدر مون هنن کي پاڻ ڏانهن سڏيو،
اوتري قدر هو مون کان پري ٿيندا ويا.
هو بعل ديوتائن جي پوڄا لاءِ قربانيون ڪندا رهيا،
۽ اُڪريل مورتين لاءِ لوبان ساڙيندا رهيا.
3تڏهن بہ مون پنهنجي قوم کي پنهنجو پٽ سمجھي
هنج کنيو ۽ هلڻ سيکاريو،
پر هنن اهو بہ نہ ڄاتو تہ
مون ئي هر وقت سندن سار سنڀال لڌي آهي.
4انساني رشتن ۽ محبت جي ڏورين سان
مون انهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو.
مون هنن سان اهڙو پيار ڪيو،
جيئن ڪو ننڍي ٻار کي ڳل سان لائيندو هجي.
آءٌ انهن ڏانهن جھڪي سندن کاڌي پيتي جو خيال رکندو رهيس.
5هاڻي هو وري مصر ملڪ ڏانهن موٽايا ويندا،
بلڪ اشور وارا مٿن حڪمراني ڪندا،
ڇاڪاڻ تہ هنن مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيڻ کان انڪار ڪيو آهي.
6سندن شهرن تي جنگ مڙهي ويندي،
۽ سندن پوڄارين جا اڳواڻ ماريا ويندا.
سندن نافرمانين جي ڪري
تلوار منهنجي قوم کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندي.
7منهنجي قوم مون کي ڇڏي ڏيڻ لاءِ پنهنجي هوڏ تي قائم آهي.
اهي بعل ديوتا کي پڪاريندا آهن،
۽ سندس ئي پوڄا ڪندا آهن.
8 # شر 29‏:23 اي اسرائيل وارؤ! آءٌ ڪيئن اوهان کي ڇڏي ڏيان،
آءٌ ڪيئن اوهان کي ٻين جي حوالي ڪريان!
آءٌ ڪيئن اوهان کي تباهہ وَ برباد ڪريان،
جيئن ادمہ ۽ ضبويم شهرن وارا ٿيا هئا!
منهنجي دل اندر ۾ وٽَ ٿي کائي،
منهنجي رحمت جوش ۾ ٿي اچي.
9هاڻي آءٌ پنهنجي سخت غضب کي عمل ۾ ڪين آڻيندس.
آءٌ اوهان کي ٻيهر هرگز برباد نہ ڪندس،
ڇاڪاڻ تہ آءٌ انسان ناهيان، بلڪ خدا آهيان.
آءٌ پاڪ خدا اوهان سان گڏ آهيان،
۽ اوهان تي قهر نازل نہ ڪندس.
10جڏهن آءٌ
پنهنجي قوم جي دشمنن مٿان شينهن جيان گجندس،
تڏهن منهنجي قوم
هڪدم اولهہ وارن ملڪن کان ڊوڙندي ايندي،
هائو، جڏهن آءٌ پنهنجي قوم کي سڏيندس،
تڏهن اهي مون ڏانهن هليا ايندا.
11اهي مصر مان بہ ائين ڊوڙندا ايندا،
جيئن پکي اڏامندا ايندا آهن،
هائو، اهي اشور ملڪ مان پڻ پنهنجن گھرن ڏانهن ائين ايندا،
جيئن ڪبوتر پنهنجن کُڏن ڏانهن ايندا آهن،
پوءِ آءٌ کين سندن گھرن ۾ وري آباد ڪندس.
اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
اسرائيل ۽ يهوداہ وارن جي خداوند سان بي‌وفائي
12خداوند فرمائي ٿو تہ
اسرائيل وارن مون سان هر طرف کان ڪوڙ ۽ ٺڳي ڪئي آهي،
۽ يهوداہ وارن بہ مون سچي ۽ پاڪ خدا کي ڇڏي ڏنو آهي.

S'ha seleccionat:

هوسيع 11: SB

Subratllat

Copia

Compara

Comparteix

None

Vols que els teus subratllats es desin a tots els teus dispositius? Registra't o inicia sessió