7
بابلين جي وسيلي بني اسرائيل جي ملڪ جي پڄاڻي
1 خداوند مون کي فرمايو تہ 2”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! تون بني اسرائيل کي مون خداوند جو هي فرمان ٻڌائي ڇڏ تہ
’اوهان جو ملڪ جلد ئي پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچندو.
هائو، سڄو ملڪ برباد ٿيڻ وارو آهي.
3اي بني اسرائيل!
هاڻي آءٌ اوهان جي ملڪ تي پنهنجو غضب نازل ڪري
انهيءَ جي پڄاڻي ڪندس.
هائو، اوهان جي چال چلت موجب اوهان جي عدالت ڪندس.
آءٌ اوهان جي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن جي سزا
اوهان جي ملڪ تي آڻيندس.
4آءٌ اوهان سان هرگز درگذر نہ ڪندس،
نڪي اوهان تي ڪو رحم ڪندس.
بلڪ اوهان جي ڪيل بڇڙن ڪمن جي ڪري
آءٌ اوهان جي ملڪ کي سزا ڏيندس،
تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.
5اي پنهنجي ملڪ ۾ باقي بچيل رهاڪؤ!
آءٌ خداوند ئي چوان ٿو تہ ياد رکو،
اوهان جي ملڪ تي مصيبت مٿان مصيبت اچڻ واري آهي،
6پڇاڙي بلڪل اچي پهتي آهي،
هائو، اوهان جي ملڪ مٿان اچي ڪڙڪي آهي.
ڏسو، اها اچي ويئي آهي.
7اوهان جي پڄاڻيءَ جو وقت ويجھو آهي.
هائو، اهو ڏينهن اچي پهتو آهي،
جڏهن جبلن تي بتپرستيءَ جون خوشيون نہ ملهايون وينديون،
بلڪ اتي رڳو جنگ جا نعرا ٻڌا ويندا.
8هاڻي عنقريب آءٌ پنهنجو قهر اوهان تي نازل ڪندس،
۽ پنهنجو غضب اوهان تي پورو ڪندس.
آءٌ اوهان جي چال چلت موجب اوهان جي عدالت ڪندس،
۽ اوهان جي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن جي
اوهان کي سزا ڏيندس.
9اوهان جا گناهہ اهڙا تہ ڪراهت جهڙا آهن جو
آءٌ اوهان سان هرگز درگذر نہ ڪندس،
نڪي اوهان تي ڪو رحم ڪندس،
بلڪ آءٌ اوهان کي اوهان جي چال چلت موجب سزا ڏيندس.
تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان،
جنهن اوهان کي اها سزا ڏني آهي.
10ڏسو، اهو ڏينهن اچڻ وارو آهي،
هائو، اهو ڏينهن اچي پهتو آهي.
اوهان جي بدبختي اچي اوهان جي دروازي تي بيٺي آهي،
ڇاڪاڻ تہ ظلم جي انتها ٿي چڪي آهي،
۽ مغروري چوٽ چڙهي ويئي آهي.
11ظلم جي وڌڻ سان هر قسم جي بدڪاري وڌي ويئي آهي.
سو اوهان مان ڪوبہ انهيءَ جي سزا مان بچي نہ نڪرندو.
نہ اوهان جا ڪٽنب قبيلا رهندا، نہ مال وَ دولت،
نہ ئي وري اوهان جو شان وَ شوڪت رهندو.
12وقت اچي پهتو آهي،
اهو ڏينهن ويجھو ايندو پيو وڃي.
سو نہ خريد ڪندڙ خوشي ڪري، نہ وڪڻندڙ غمگين ٿئي،
ڇاڪاڻ تہ مون خدا جو غضب
سڀني تي هڪجهڙو اچي ڪڙڪندو.
13بيشڪ وڪڻندڙ کي سڄي زندگيءَ ۾
اها شيءِ واپس ڪرڻ جو موقعو ئي نہ ملندو.
منهنجو اهو فيصلو سڀني لاءِ آهي،
۽ انهيءَ ۾ ڪابہ تبديلي ڪانہ ايندي.
هائو، ڪوبہ بدڪار ماڻهو سزا کان بچي نہ سگھندو.
14جنگ جو توتارو وڄي رهيو آهي،
۽ سڀ هٿيار موجود آهن.
پر اوهان مان اهڙو ڪوبہ ڪونهي
جيڪو جنگ لاءِ ٻاهر نڪري اچي،
ڇاڪاڻ تہ منهنجو غضب سڀني تي هڪجهڙو اچي ڪڙڪندو.
15شهر کان ٻاهر جنگ جو خطرو آهي،
۽ شهر اندر وبا ۽ ڏڪار آهي.
جيڪي بہ شهر کان ٻاهر نڪرندا سي جنگ ۾ ماريا ويندا،
۽ جيڪي بہ شهر ۾ آهن تن کي
ڏڪار ۽ موتمار وبا ماري ناس ڪري ڇڏيندي.
16تڏهن جيڪي انهن مان ڀڄي نڪرندا،
سي بچي تہ ويندا،
پر ماٿريءَ جي انهن ڪبوترن وانگر هوندا،
جيڪي ڊپ وچان جبلن تي نڪري ويا هجن،
۽ اتي اهي ماڻهو پنهنجي بدڪاريءَ جي ڪري پيا روئندا رڙندا.
17-18انهن جا هٿ ڏڪڻ لڳندا،
۽ سندن گوڏا ٿڙڪڻ لڳندا،
ڇاڪاڻ تہ مٿن دهشت ڇائنجي ويئي آهي.
اهي ڏک وچان کٿا ڍڪيندا،
۽ پنهنجا مٿا ۽ ڏاڙهيون ڪوڙي ڇڏيندا،
ڇاڪاڻ تہ اهي سڀيئي خوار خراب ۽ ذليل ٿي ويا آهن.
19اهي پنهنجو سون ۽ چاندي گند ڪچري جيان
گھٽين ۾ اڇلائي ڇڏيندا،
ڇاڪاڻ تہ جڏهن آءٌ خداوند مٿن پنهنجو غضب نازل ڪندس،
تڏهن سندن اهو سون توڙي چاندي کين بچائي نہ سگھندا،
نڪي سندن خواهشن کي اهي پورو ڪري سگھندا،
۽ نہ ئي وري سندن پيٽ ئي ڀري سگھندا،
ڇاڪاڻ تہ اهي ئي شيون سندن گناهہ جو باعث بڻيون آهن.
20اهو هيئن ٿيو جو هنن پنهنجي سون ۽ چانديءَ مان
خوبصورت زيور جوڙايا ۽ انهن تي فخر ڪرڻ لڳا.
پوءِ هنن وڌيڪ ڪراهت جهڙا هي ڪم ڪيا
جو انهيءَ سون ۽ چانديءَ مان نفرت جهڙيون مورتيون جوڙايون.
تنهنڪري آءٌ سندن اها دولت هنن لاءِ حرام ڪري ڇڏيندس.
21هائو، اي پنهنجي ملڪ ۾ رهڻ وارؤ!
آءٌ خداوند چوان ٿو تہ
دنيا جي بدڪار ماڻهن هٿان آءٌ اوهان کي لُٽائي ڦرائي ڇڏيندس،
۽ اوهان جي دولت ڌارين کي مالِغنيمت طور ڏيئي ڇڏيندس،
جنهن جي ڪري اها ناپاڪ ٿي ويندي.
22اهي ڦورو مون لاءِ وقف ٿيل هيڪل ۾
گھڙي اچي انهيءَ کي پليت ڪندا،
پر آءٌ ان تي ڪو ڌيان نہ ڏيندس.
23اهو انهيءَ ڪري ٿيندو جو ملڪ ۾ گناهہ وڌي ويا آهن،
هائو، هر هنڌ ظلم ئي ظلم لڳو پيو آهي،
۽ ناحق ماڻهو ماريا ٿا وڃن.
24تنهنڪري آءٌ سڀني ظالم غير قومن مان
وڌيڪ ظالم قوم کي هتي آڻيندس،
جيڪي اوهان جي گھرن جا مالڪ ٿيندا.
آءٌ انهن ظالمن جي هٿان
اوهان جي پوڄا گھرن کي پليت ڪرائي ڇڏيندس.
اهڙيءَ طرح آءٌ اوهان جي طاقتورن جو غرور ٽوڙي ڇڏيندس.
25اوهان جي مٿان دهشت ڇائنجي ويندي.
سو اوهين پريشانيءَ وچان هيڏانهن هوڏانهن پيا ڊوڙندا،
پر اوهان کي ڪٿي بہ ڪا پناهہ نہ ملندي.
26اوهان تي مصيبت مٿان مصيبت اچي ڪڙڪندي،
۽ ظالمن جي حملن بابت افواهن مٿان افواهہ پيا اٿندا.
تڏهن ماڻهو منهنجي پيغام لاءِ نبين کي عرض ڪندا،
پر کين ڪا تسلي نہ ملندي.
بلڪ ڪاهن منهنجي شريعت جي تعليم بہ ڏيئي نہ سگھندا،
نڪي بزرگ صلاح مصلحت ڏيڻ جي لائق رهندا.
27اوهان جو بادشاهہ ۽ امير آسرو لاهي ويهندا،
۽ نااميديءَ وچان پيا روئندا رڙندا،
جڏهن تہ رعيت خوف وچان پيئي ڏڪندي.
آءٌ سڀني کي سندن چال چلت مطابق سزا ڏيندس،
هائو، آءٌ اهڙا فيصلا ڪندس،
جهڙا اوهان ٻين جا فيصلا ڪيا آهن.
تڏهن سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“