حزقيايل 4:1-9
حزقيايل 4:1-9 SB
مون مٿي کڻي نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ اتر طرف کان هڪڙو وڏو طوفان پيو اچي. ڏٺم تہ هڪڙي وڏي ڪڪر مان وڄ چمڪي رهي هئي ۽ انهيءَ جي چوڌاري آسمان مان تجلا ٿي نڪتا. تڏهن جتي وڄ چمڪي رهي هئي، انهيءَ جي وچ مان چمڪندڙ پتل جهڙي هڪ شيءِ ظاهر ٿي ۽ انهيءَ شيءِ مان چار ساهوارا مخلوق ڏسڻ ۾ آيا، جيڪي انساني صورت جهڙا هئا. انهن مان هر هڪ کي چار منهن ۽ چار پر هئا. انهن جون ٽنگون سڌيون هيون ۽ سندن پيرن جون تِريون گابي جي کرن جهڙيون هيون. اهي مخلوق چمڪندڙ پتل وانگر پئي چمڪيا. انهن مان هر هڪ کي چار منهن ۽ چار پر هئا. ان کان علاوہ انهن جي چئني پاسن تي سندن پرن جي هيٺان انساني هٿ بہ نظر ٿي آيا. انهن چئني جا ٻہ ٻہ پر پکڙيل هئا ۽ هڪٻئي سان اهڙيءَ طرح پاڻ ۾ ڳنڍيل هئا، جو انهن هڪڙو چوڪنڊو ٺاهيو ٿي ۽ گڏجي هڪ ٿي هليا ٿي ۽ کين منهن ڦيرڻ جي ضرورت ڪانہ ٿي پئي.

