1
يوايل 12:2
Sindhi Bible FB
SB
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم! تنهن هوندي بہ اڃا وقت آهي، جو اوهين پنهنجي پوريءَ دل سان، روزا رکندي، روئندي رڙندي ۽ پڇتائيندي مون آڏو توبهہتائب ٿيو.“
Compara
Explorar يوايل 2:12
2
يوايل 28:2
خداوند فرمائي ٿو تہ ”انهيءَ کان پوءِ آءٌ سڀني ماڻهن تي پنهنجو روح نازل ڪندس، تڏهن اوهان جا پٽ ۽ ڌيئرون منهنجو پيغام ٻڌائڻ لڳندا. اوهان جا جوان توڙي پوڙها سچا خواب ۽ رويائون ڏسڻ لڳندا،
Explorar يوايل 2:28
3
يوايل 13:2
سو اي بني اسرائيل! پنهنجي ڏک جي اظهار لاءِ پنهنجا ڪپڙا نہ ڦاڙيو، بلڪ پنهنجين دلين جي گھِراين سان خداوند پنهنجي خدا آڏو توبهہتائب ٿيو، ڇاڪاڻ تہ هو رحيم ۽ مهربان آهي. هو ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ۽ شفقت ڪرڻ ۾ تڪڙو آهي، ۽ عذاب نازل ڪرڻ کان مڙي وڃي ٿو.
Explorar يوايل 2:13
4
يوايل 32:2
پر جيڪو بہ مون خداوند جو نالو وٺي ٻاڏائيندو، سو بچي ويندو. جيئن مون اڳ واعدو ڪيو آهي تہ صيئون جبل تي يروشلم ۾ جن کي مون چونڊي ڪڍيو آهي، سي سڀ بچي ويندا.“
Explorar يوايل 2:32
5
يوايل 31:2
سج ڦري اونداهو ٿي پوندو، ۽ چنڊ ڦري رت جيان ڳاڙهو ٿي پوندو. اهو سڀ ڪجھہ مون خداوند جي ظاهر ٿيڻ واري عظيم ۽ خوفناڪ ڏينهن جي اچڻ تي ٿيندو.
Explorar يوايل 2:31