1
يرمياہ 11:29
Sindhi Bible FB
SB
آءٌ ئي آهيان، جنهن اوهان لاءِ جيڪي رٿيو آهي تنهن کي چڱيءَ طرح ڄاڻان ٿو. منهنجي اها رٿ خرابيءَ واري نہ، بلڪ خير وَ سلامتيءَ واري آهي، هائو، هڪ اهڙي رٿ جنهن سان اوهان جي آئيندہ جي اميد پوري ٿيندي.
Compara
Explorar يرمياہ 29:11
2
يرمياہ 13:29
اوهين منهنجا طالبو ٿيندا، هائو، جڏهن اوهين پوريءَ دل وَ جان سان منهنجا طالبو ٿيندا، تڏهن آءٌ اوهان سان پرچي پوندس.
Explorar يرمياہ 29:13
3
يرمياہ 12:29
تڏهن اوهين مون کي پڪاريندا ۽ مون کان دعائون گھرندا تہ آءٌ اوهان جون اهي دعائون اگھائيندس.
Explorar يرمياہ 29:12
4
يرمياہ 14:29
هائو، آءٌ اوهان سان راضي ٿيندس ۽ اوهان جي خوشحالي بحال ڪندس. آءٌ انهن سڀني قومن مان ۽ انهن سڀني هنڌن کان، جن ڏانهن مون اوهان کي هڪالي ڪڍي ڇڏيو هو اوهان کي موٽائي پنهنجي وطن ۾ آڻيندس. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.‘
Explorar يرمياہ 29:14
5
يرمياہ 10:29
خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ’بابل جي بادشاهت جا ستر سال پورا ٿيڻ بعد آءٌ اوهان جي خبر چار لهندس ۽ اوهان کي پنهنجي وطن ۾ موٽائي آڻڻ وارو اوهان سان ڪيل پنهنجو سهڻو سخن پورو ڪندس.
Explorar يرمياہ 29:10