1
حزقيايل 32:18
Sindhi Bible FB
SB
مون خداوند خدا کي ڪنهن جي بہ مرڻ تي خوشي ڪانہ ٿي ٿئي، تنهنڪري پنهنجي گناهن کان توبهہتائب ٿيو تہ جيئن جيئرا رهي سگھو.“
Compara
Explorar حزقيايل 18:32
2
حزقيايل 20:18
رڳو اهو ئي ماڻهو سزا لوڙيندو جيڪو گناهہ ڪري ٿو. نڪي اولاد والدين جي گناهن جي سزا لوڙيندو ۽ نہ وري والدين اولاد جي گناهن جي. نيڪ ماڻهوءَ کي سندس نيڪيءَ جو اجر ملندو ۽ بدڪار ماڻهوءَ کي سندس ڪيل بڇڙائين جي سزا ملندي.
Explorar حزقيايل 18:20
3
حزقيايل 31:18
جن گناهن ڪرڻ ڪري اوهين گنهگار بڻيا آهيو، تن سڀني کان پاڻ کي پري رکو. اوهين پنهنجي سوچ بدلائي نئين دل ۽ نئون ذهن پيدا ڪريو. اي بني اسرائيل! ڇو اوهين مرڻ ٿا گھرو؟
Explorar حزقيايل 18:31
4
حزقيايل 23:18
ڇا اوهين سمجھو ٿا تہ آءٌ خداوند خدا بدڪارن کي موت جي سزا ڏيندي خوش ٿو ٿيان؟ نہ، هرگز نہ، بلڪ منهنجي خوشي تہ انهيءَ ۾ آهي تہ هو پنهنجي بري راهہ کان باز اچي ۽ جيئرو رهي.
Explorar حزقيايل 18:23
5
حزقيايل 21:18
پر جيڪڏهن ڪو بدڪار ماڻهو پنهنجي سڀني گناهن کان باز ايندو ۽ توبهہتائب ٿيندو ۽ منهنجي سڀني قاعدن قانونن کي مڃيندي انهن تي انصاف ۽ سچائيءَ سان عمل ڪندو تہ اهو ضرور جيئرو رهندو ۽ لوڙيندو نہ.
Explorar حزقيايل 18:21
6
حزقيايل 9:18
اهو منهنجي قاعدن قانونن تي هليو هجي ۽ منهنجي حڪمن تي عمل ڪندي سچائيءَ واري هلت هلندو رهيو هجي. اهو ئي سچار ٻانهو آهي ۽ آءٌ خداوند خدا واعدو ٿو ڪريان تہ اهو مرندو ڪونہ پر جيئرو رهندو.
Explorar حزقيايل 18:9