2
عيسيٰ مسيح جو سچو سپاهي
1هاڻ اي منهنجا پٽ! جيڪو فضل تو کي عيسيٰ مسيح ۾ عطا ٿيو آهي، تنهن سان پختو ٿيءُ. 2جيڪي ڳالهيون تو گھڻن شاهدن جي روبرو مون کان ٻڌيون آهن، سي اهڙن ايماندار ماڻهن جي حوالي ڪر جيڪي ٻين کي بہ سيکارڻ جي لائق هجن. 3عيسيٰ مسيح جي سٺي سپاهيءَ وانگر سختي سهڻ ۾ مون سان شريڪ ٿيءُ. 4ڪوبہ سپاهي پنهنجي فرض جي ادائگيءَ دوران پاڻ کي دنيا جي معاملن ۾ نہ ٿو ڦاسائي، انهيءَ لاءِ تہ جنهن آفيسر کيس ڀرتي ڪيو آهي تنهن کي خوش ڪري. 5يا جيڪڏهن ڪو ماڻهو پهلوانيءَ جو مقابلو ٿو ڪري تہ اهو بہ جيستائين مقرر قاعدي موجب نہ ٿو وڙهي تيستائين فتحيابيءَ جو انعام حاصل نہ ٿو ڪري. 6يا وري هاريءَ جو مثال وٺ، جيڪو سخت محنت ٿو ڪري. انهيءَ کي سڀ کان پهريائين فصل جو حصو ملڻ گھرجي. 7انهن مثالن تي غور ڪر، خداوند تو کي انهن سڀني ڳالهين جي سمجھہ ڏيندو.
8اها ڳالهہ سدائين ياد رک تہ عيسيٰ مسيح، جيڪو #2:8 دائود جي نسل مان آهي هي اشارو واعدي ڪيل مسيح ڏانهن آهي. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي“ ۾ ”دائود جو اولاد.“دائود جي نسل مان آهي، تنهن کي مئلن مان جيئرو ڪيو ويو آهي. اها ئي منهنجي خوشخبري آهي. 9اها خوشخبري ٻڌائڻ جي ڪري ئي آءٌ تڪليفون ٿو سهان، ايتري قدر جو ڪنهن ڏوهاريءَ وانگر قيد ۾ پيو آهيان. پر خدا جي پيغام کي قيد ڪري نہ ٿو سگھجي. 10تنهنڪري آءٌ خدا جي چونڊيلن جي خاطر سڀ ڪجھہ سهان ٿو، تہ جيئن جيڪو ڇوٽڪارو عيسيٰ مسيح ۾ ٿو ملي، تنهن کي اهي بہ ابدي عظمت سميت حاصل ڪن.
11اها ڳالهہ ڀروسي جوڳي آهي تہ
”جيڪڏهن اسين عيسيٰ مسيح سان گڏ مئا آهيون،
تہ پوءِ هن سان گڏ جيئرا بہ رهنداسين.
12 #
مت 10:33، لو 12:9 جيڪڏهن اسين تڪليفون سهندا رهون،
تہ هن سان گڏ بادشاهي بہ ڪنداسين.
جيڪڏهن اسين هن کي قبول نہ ڪنداسين،
تہ هو بہ اسان کي قبول نہ ڪندو.
13جيڪڏهن اسين بيوفا ٿا ٿيون،
تڏهن بہ هو هميشہ وفادار رهندو.
هائو، جيئن تہ هو سچو آهي،
سو پنهنجو انڪار ڪري نہ ٿو سگھي.“
خدا کي وڻندڙ محنتي
14اهي ڳالهيون ماڻهن کي ياد ڏيار ۽ کين تاڪيد ڪر تہ اهي خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي ڳالهہ ڳالهہ تي تڪرار نہ ڪن، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ مان ڪجھہ بہ حاصل ٿيڻو ناهي. اٽلندو انهيءَ سان ٻڌڻ وارا برباد ٿيو وڃن. 15پنهنجو پاڻ کي خدا وٽ وڻندڙ يعني اهڙي محنتيءَ طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪر جنهن کي شرمندو ٿيڻو نہ پوي ۽ جيڪو حق جو پيغام صحيح نموني ۾ استعمال ڪندڙ هجي. 16اجائي بڪ بڪ کان پاسو ڪر، ڇاڪاڻ تہ ماڻهو انهيءَ ۾ جيترو وڌندا ويندا، اوترو ئي بيدينيءَ ۾ بہ وڌندا ويندا. 17انهن جي بڪواس ائين پکڙبي رهندي جيئن بدن ۾ ناسور پکڙبو آهي. همنيس ۽ فليتس اهڙن ئي ماڻهن مان آهن. 18اهي سچ کان ڀٽڪي چون ٿا تہ مئلن جو جيئرو ٿي اٿڻ اڳي ئي ٿي چڪو آهي. ائين اهي ڪن ماڻهن جو ايمان بگاڙين ٿا. 19#ڳا 16:5 تنهن هوندي بہ خدا جو وڌل مضبوط بنياد قائم رهي ٿو. انهيءَ تي هي لفظ اُڪريل آهن تہ ”خداوند پنهنجن کي سڃاڻي ٿو“ ۽ ”جيڪو خداوند جو نالو وٺي ٿو، سو بڇڙائيءَ کان پاسو ڪري.“
20ڪنهن وڏي گھر ۾ نہ رڳو سون ۽ چانديءَ جا ٿانوَ هوندا آهن جيڪي اعليٰ ڪمن لاءِ استعمال ٿين ٿا، بلڪ ڪاٺ ۽ ٺڪر جا بہ هوندا آهن جيڪي نيچ ڪمن لاءِ استعمال ٿين ٿا. 21اهڙي نموني جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کي انهن نيچ ڳالهين کان پاڪ صاف ٿو رکي تہ اهو مانائتو ۽ مخصوص ٿانءُ ٿيندو، جيڪو پنهنجي مالڪ لاءِ ڪارائتو ۽ هر چڱي ڪم لاءِ تيار هوندو.
22تون جوانيءَ جي برين خواهشن کان پري ڀڄ ۽ جيڪي پاڪ دل سان خداوند کي پڪارين ٿا، تن سان گڏجي سچائيءَ، ايمان، محبت ۽ سلامتيءَ جو طلبگار ٿيءُ. 23بيوقوفيءَ ۽ نادانيءَ وارن بحثن کان پاسو ڪر، ڇاڪاڻ تہ تون ڄاڻين ٿو تہ انهن سان جھيڙا جھڳڙا پيدا ٿين ٿا. 24خداوند جي ٻانهي لاءِ مناسب نہ آهي تہ هو جھيڙو ڪري. ان جي بدران کيس گھرجي تہ سڀني سان نرميءَ سان پيش اچي، تعليم ڏيڻ جي لائق هجي ۽ بردبار هجي. 25جيڪي سندس مخالف آهن تن کي هو نرميءَ سان سمجھائي. ٿي سگھي ٿو تہ خدا انهن کي توبهہ جي توفيق بخشي تہ جيئن اهي سچ کي ڄاڻي وٺن 26۽ پنهنجي هوش ۾ اچي ابليس جي ڦندي مان ڇٽن، جنهن کين انهيءَ لاءِ قيدي بڻايو آهي تہ اهي سندس مرضي پوري ڪن.