1.تيمٿيس 6

6
(ايمان وارن غلامن کي نصيحت)
1جيڪي ايمان وارا غلاميءَ جي پاڃاريءَ ۾ آهن، سي پنهنجن مالڪن کي پوريءَ عزت جي لائق سمجھن، انهيءَ لاءِ تہ خدا جي نالي جي ۽ اسان جي تعليم جي بدنامي نہ ٿئي. 2جن ايمان وارن غلامن جا مالڪ بہ ايمان وارا آهن سي ائين نہ سمجھن تہ ”اسان کي پنهنجن مالڪن جي گھڻي عزت ڪرڻ جي ضرورت نہ آهي، ڇوجو اسين انهن جا هم‌ايمان ڀائر ڀينر آهيون.“ ان جي بدران اهي مالڪن جي بهتر خدمت ڪن، ڇاڪاڻ تہ جن کي سندن خدمت جو فائدو ٿو ملي سي انهن جا هم‌ايمان ۽ پيارا آهن.
ڪُوڙي تعليم ۽ دولت جي لالچ
انهن سڀني ڳالهين جي تون ماڻهن کي تعليم ڏي ۽ نصيحت ڪر. 3جيڪڏهن ڪو ماڻهو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي صحيح ڳالهين ۽ دينداريءَ واري تعليم کي نہ ٿو مڃي ۽ ٻئي قسم جي تعليم ٿو ڏئي 4تہ اهو مغرور آهي ۽ ڪجھہ بہ نہ ٿو ڄاڻي. هن کي بحث مباحثي ۽ ڳالهہ ڳالهہ تي تڪرار ڪرڻ جو مرض آهي، جنهن جي نتيجي ۾ حسد، جھيڙا، گلاخوري ۽ بدگمانيون پيدا ٿين ٿيون. 5عقل کان بگڙيل اهڙن ماڻهن جي وچ ۾ سدائين اڻ‌بڻت پيدا ٿيندي ٿي رهي. اهي سچ کان محروم آهن ۽ دينداريءَ کي مالي فائدي حاصل ڪرڻ جو ذريعو سمجھن ٿا.
6بيشڪ دينداري وڏي فائدي واري آهي، بشرطيڪ ان سان گڏ پاڻ وٽ جيڪي ڪجھہ بہ هجي تنهن تي راضي رهجي، 7ڇاڪاڻ تہ اسان دنيا ۾ نہ ڪجھہ آندو آهي ۽ نہ ئي ڪجھہ منجھانئس کڻي وڃي ٿا سگھون. 8سو جيڪڏهن اسان وٽ رڳو خوراڪ ۽ پوشاڪ موجود آهي تہ انهيءَ تي ئي راضي رهون. 9پر جيڪي ماڻهو دولتمند ٿيڻ ٿا گھرن، سي آزمائش ۾ پون ٿا ۽ گھڻين ئي بي‌وقوفيءَ ۽ نقصان وارين خواهشن جي ڦندي ۾ ڦاسجي تباهيءَ ۽ برباديءَ ۾ غرق ٿي وڃن ٿا. 10ياد رکو، پئسي سان پيار رکڻ هر قسم جي برائيءَ جي پاڙ آهي. ڪي ماڻهو دولت جي خواهش ۾ پئجي ايمان کان ڀٽڪي ويا آهن ۽ پاڻ کي طرح طرح جي تڪليفن ۾ وڪوڙي ڇڏيو اٿائون.
تيمٿيس کي تاڪيد ڪرڻ
11پر اي خدا جا بندا! تون انهن ڳالهين کان پري ڀڄجانءِ ۽ سچائيءَ، دينداريءَ، ايمان، محبت، ثابت قدميءَ ۽ نماڻائيءَ جو طلبگار رهجانءِ. 12تون ايمان جي ويڙهہ چڱيءَ طرح وڙهہ ۽ دائمي زندگيءَ کي هٿ ڪر، جنهن جي لاءِ تون سڏيو ويو هئين ۽ گھڻن شاهدن جي روبرو تو چڱو اقرار ڪيو هو. 13#يو 18‏:37 آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ خدا، جيڪو هر جاندار کي زندگي ٿو بخشي ۽ عيسيٰ مسيح، جنهن گورنر پنطيس پلاطس جي اڳيان چڱو اقرار ڪندي شاهدي ڏني هئي، تن کي حاضر ناظر ڄاڻي 14تون اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي ظاهر ٿيڻ تائين انهيءَ حڪم تي بي‌داغ ۽ بي‌الزام رهي عمل ڪر. 15خدا پنهنجي مقرر وقت تي مسيح کي ظاهر ڪندو. هائو، اهو ئي خدا مسيح کي ظاهر ڪندو جيڪو سڳورو ۽ واحد حاڪم آهي ۽ جيڪو بادشاهن جو بادشاهہ ۽ خداوندن جو خداوند آهي. 16رڳو اهو ئي بقا وارو آهي ۽ هو انهيءَ روشنيءَ ۾ ٿو رهي، جنهن تائين ڪوبہ پهچي نہ ٿو سگھي. هن کي نہ ڪنهن ماڻهوءَ ڏٺو آهي ۽ نہ ڪو ڏسي ٿو سگھي. شل انهيءَ خدا جي عزت ٿيندي رهي ۽ سندس قدرت هميشہ تائين قائم رهي. آمين.
17جيڪي هم‌ايمان هن #6‏:17 آخري زماني ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي“ ۾ ”آخري زمانو.“آخري زماني ۾ دولتمند آهن، تن کي تاڪيد ڪر تہ اهي مغرور نہ ٿين. هو بي‌بقا دولت تي نہ، پر انهيءَ خدا تي آسرو رکن جيڪو اسان کي سڀ شيون جھجھي انداز ۾ ٿو ڏئي تہ جيئن اسين خوشيون ماڻيون. 18انهن کي نصيحت ڪر تہ نيڪي ڪن ۽ چڱن ڪمن ۾ دولتمند ٿين، سخي ٿين ۽ ٻين جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار رهن. 19انهيءَ طرح اهي #6‏:19 ايندڙ نئين زماني ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي“ ۾ ”ايندڙ نئون زمانو.“ ايندڙ نئين زماني لاءِ اهڙي دولت ميڙيندا جيڪا پختي بنياد واري هوندي، جنهن تي قائم رهي هو اهڙي زندگي هٿ ڪري سگھن ٿا جيڪا حقيقي آهي.
20اي تيمٿيس! خوشخبريءَ واري امانت جيڪا تو کي سونپي ويئي آهي، تنهن جي حفاظت ڪر. اجائي بڪ بڪ ۽ انهيءَ علم کان پاسو ڪندو رهہ، جنهن ۾ اختلافي ڳالهيون آهن ۽ جنهن کي علم چوڻ ئي غلط آهي. 21ڪي ماڻهو اهڙي علم جا ماهر هئڻ جي دعويٰ ڪري ايمان کان ڀٽڪي ويا آهن.
اوهان سڀني تي فضل ٿيندو رهي.

Цяпер абрана:

1.تيمٿيس 6: SB

Пазнака

Капіяваць

Параўнаць

Падзяліцца

None

Хочаце, каб вашыя адзнакі былі захаваны на ўсіх вашых прыладах? Зарэгіструйцеся або ўвайдзіце