1
مرقس 23:9
Sindhi Bible FB
SB
عيسيٰ هن کي چيو تہ ”تنهنجي هنن لفظن تہ ’جيڪڏهن اوهين ڪجھہ ڪري سگھو ٿا،‘ جو مطلب ڇا آهي؟ ياد رک، جيڪو بہ خدا تي ايمان رکي ٿو تنهن لاءِ سڀ ڪجھہ ٿي سگھي ٿو.“
Параўнаць
Даследуйце مرقس 9:23
2
مرقس 24:9
تنهن تي ڇوڪري جي پيءُ هڪدم واڪو ڪري چيو تہ ”آءٌ ايمان رکان ٿو، پر جيڪڏهن منهنجو ايمان ڪامل نہ آهي تہ بہ مدد ڪريو.“
Даследуйце مرقس 9:24
3
مرقس 28:9-29
جڏهن عيسيٰ گھر پهتو تہ سندس شاگردن اڪيلائيءَ ۾ پڇيس تہ ”اسين هن ڀوت کي ڇو نہ ڪڍي سگھياسين؟“ عيسيٰ وراڻيو تہ ”اهڙي قسم جي ڀوت کي دعا کان سواءِ ٻئي ڪنهن بہ نموني ڪڍي نہ سگھبو آهي.“
Даследуйце مرقس 9:28-29
4
مرقس 50:9
سو لوڻ چڱي شيءِ آهي، پر جيڪڏهن انهيءَ مان لوڻياٺ ئي نڪري وڃي تہ پوءِ ان کي ڇا سان وري لوڻياٺو ڪري سگھبو؟ تنهنڪري پاڻ ۾ لوڻ واري خاصيت رکو ۽ هڪٻئي سان صلح ۾ رهو.“
Даследуйце مرقس 9:50
5
مرقس 37:9
”جيڪو منهنجي ڪري اهڙن ٻارن مان ڪنهن بہ هڪڙي کي قبول ٿو ڪري، سو مون کي قبول ڪري ٿو ۽ جنهن مون کي قبول ڪيو، تنهن نہ رڳو مون کي بلڪ خدا کي بہ قبول ڪيو جنهن مون کي موڪليو آهي.“
Даследуйце مرقس 9:37
6
مرقس 41:9
آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو اوهان کي پاڻيءَ جو پيالو انهيءَ لاءِ ٿو پيئاري تہ اوهين مسيح جا آهيو، تنهن کي پنهنجو اجر ضرور ملندو.“
Даследуйце مرقس 9:41
7
مرقس 42:9
”انهن سادن سٻاجھن پوئلڳن جن جو مون تي ايمان آهي، تن مان ڪنهن هڪ کي بہ جيڪڏهن ڪو گمراهہ ڪري ٿو، تنهن لاءِ وڌيڪ سٺو ائين هو جو انهيءَ کان اڳ ۾ ئي سندس ڳچيءَ ۾ جنڊ جو ڳرو پُڙ وجھي کيس سمنڊ ۾ اڇلايو وڃي ها.
Даследуйце مرقس 9:42
8
مرقس 47:9
جيڪڏهن تنهنجي اک تو کي گمراهہ ڪري تہ اها اک ڪڍي ڇڏ، ڇو تہ ٻن اکين سان دوزخ ۾ پوڻ کان اهو بهتر آهي تہ تون ڪاڻو ئي خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿئين.
Даследуйце مرقس 9:47