1
متي 41:26
Sindhi Bible FB
SB
جاڳندا رهو ۽ دعا گھرندا رهو تہ شل اوهين ڪنهن آزمائش ۾ نہ پئو. بيشڪ دل تہ چاهي ٿي پر بدن ۾ ايتري طاقت ناهي.“
Параўнаць
Даследуйце متي 26:41
2
متي 38:26
سو کين چيائين تہ ”آءٌ ايترو تہ غمگين ٿي پيو آهيان جو منهنجي دل ٽٽڻ تي آهي. اوهين هتي ترسو ۽ مون سان گڏ جاڳندا رهو.“
Даследуйце متي 26:38
3
متي 39:26
عيسيٰ ٿورو پرڀرو ويو ۽ پاڻ کي منهن ڀر ڪيرائي دعا گھرڻ لڳو تہ ”اي منهنجا بابا! جيڪڏهن ٿي سگھي تہ هي پيالو مون تان ٽاريو وڃي، تنهن هوندي بہ منهنجي نہ پر تنهنجي مرضي پوري ٿئي.“
Даследуйце متي 26:39
4
متي 28:26
هي منهنجو رت آهي، جيڪو گھڻن ئي جي گناهن جي معافيءَ لاءِ وهائجي ٿو ۽ جنهن سان خدا جو عهد ٻڌجي ٿو.
Даследуйце متي 26:28
5
متي 26:26
جڏهن هو کائين پيا تہ عيسيٰ ماني کڻي شڪر ڪري ڀڳي ۽ شاگردن کي ڏيئي چيائين تہ ”وٺو ۽ کائو، هي منهنجو بدن آهي.“
Даследуйце متي 26:26
6
متي 27:26
پوءِ هن مئي جو پيالو کڻي شڪر ڪري انهن کي ڏيندي چيو تہ ”اوهين سڀيئي هن مان پيئو.
Даследуйце متي 26:27
7
متي 40:26
پوءِ هو ٽنهي شاگردن وٽ موٽي آيو ۽ ڏٺائين تہ اهي سمهيا پيا آهن. تنهن تي هن پطرس کي چيو تہ ”ڇا اوهين هڪڙي گھڙي بہ مون سان گڏ جاڳي نہ پيا سگھو؟
Даследуйце متي 26:40
8
متي 29:26
آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ آءٌ وري مئي نہ پيئندس، بلڪ پنهنجي پيءُ جي بادشاهيءَ ۾ اوهان سان گڏ نئين مئي ئي پيئندس.“
Даследуйце متي 26:29
9
متي 75:26
تڏهن پطرس کي عيسيٰ جي چيل ڳالهہ ياد اچي ويئي تہ ”ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“ پوءِ تہ پطرس ٻاهر وڃي زاروزار روئڻ لڳو.
Даследуйце متي 26:75
10
متي 46:26
اُٿو، هلي ڏسو، مون کي پڪڙائڻ وارو ويجھو اچي پهتو آهي.“
Даследуйце متي 26:46
11
متي 52:26
تڏهن عيسيٰ انهيءَ کي چيو تہ ”پنهنجي تلوار مياڻ ۾ وجھہ، ڇاڪاڻ تہ جيڪي بہ تلوار ٿا هلائين سي تلوار سان ئي ماريا وڃن ٿا.
Даследуйце متي 26:52