1
متي 20:18
Sindhi Bible FB
SB
ڇاڪاڻ تہ جتي بہ ٻہ ٽي ڄڻا منهنجي نالي تي اچي گڏ ٿين ٿا تہ آءٌ بہ اُتي انهن سان شامل آهيان.“
Параўнаць
Даследуйце متي 18:20
2
متي 19:18
سو آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جڏهن اوهان مان ڪي ٻہ ڄڻا بہ هڪ راءِ ٿي هن ڌرتيءَ تي ڪنهن ڳالهہ لاءِ دعا گھرندا تہ منهنجو آسمان وارو پيءُ اوهان لاءِ اها ضرور پوري ڪندو،
Даследуйце متي 18:19
3
متي 2:18-3
تنهن تي عيسيٰ هڪ ٻار کي سڏي انهن جي سامهون بيهاري چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين اوهين بدلجي ٻارن وانگر نہ ٿيندا، تيستائين آسمان جي بادشاهيءَ ۾ هرگز داخل ٿي نہ سگھندا.
Даследуйце متي 18:2-3
4
متي 4:18
ڏسو، آسمان جي بادشاهيءَ ۾ سڀ کان وڏو اُهو آهي جيڪو پاڻ کي هن ٻار وانگر نماڻو ۽ نهٺو ٿو ڪري
Даследуйце متي 18:4
5
متي 5:18
۽ جيڪو بہ اهڙن ٻارن کي منهنجي ڪري قبول ٿو ڪري سو مون کي قبول ٿو ڪري.“
Даследуйце متي 18:5
6
متي 18:18
”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جنهن ڳالهہ جي اوهين هن ڌرتيءَ تي منع ڪندا، تنهن جي عرش عظيم کان بہ منع ڪئي ويندي ۽ جنهن ڳالهہ جي اوهين هن ڌرتيءَ تي اجازت ڏيندا، تنهن جي عرش عظيم کان بہ اجازت ڏني ويندي.
Даследуйце متي 18:18
7
متي 35:18
پوءِ عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي وڌيڪ چيو تہ ”ساڳيءَ طرح جيڪڏهن اوهين پنهنجي همايمان ڀاءُ ڀيڻ کي سچيءَ دل سان معاف نہ ڪندا، تہ منهنجو آسمان وارو پيءُ بہ اوهان سان ائين ئي ڪندو.“
Даследуйце متي 18:35
8
متي 6:18
عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”هي سادا سٻاجھا پوئلڳ جن مون تي ايمان آندو آهي، تن مان ڪنهن هڪ کي بہ جيڪڏهن ڪو گمراهہ ڪندو، تنهن لاءِ وڌيڪ سٺو ائين ٿيندو جو سندس ڳچيءَ ۾ جنڊ جو ڳرو پُڙ وجھي کيس سمنڊ جي وچ ۾ ٻوڙيو وڃي.
Даследуйце متي 18:6
9
متي 12:18
ڪيئن ٿا ڀانئيو؟ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي سؤ رڍون هجن ۽ انهن مان هڪ وڃائجي وڃيس تہ ان جي لاءِ هو ڇا ڇا نہ ڪندو؟ ڇا هو نوانوي رڍن کي ٽڪر تي چرندو ڇڏي اُن هڪ وڃايل رڍ کي ڳولڻ لاءِ نہ ويندو؟
Даследуйце متي 18:12