1
متي 30:14-31
Sindhi Bible FB
SB
پر جڏهن هن طوفان ڏٺو تہ ڊڄي ويو ۽ ٻڏڻ لڳو. ڊپ مان وٺي رڙيون ڪيائين تہ ”اي خداوند! بچاءِ، بچاءِ.“ تڏهن عيسيٰ هڪدم هٿ ڊگھيري جھلي ورتس ۽ چيائينس تہ ”تو شڪ ڇو ڪيو؟ تنهنجو ايمان ڪيڏو نہ ڪمزور آهي.“
Параўнаць
Даследуйце متي 14:30-31
2
متي 30:14
پر جڏهن هن طوفان ڏٺو تہ ڊڄي ويو ۽ ٻڏڻ لڳو. ڊپ مان وٺي رڙيون ڪيائين تہ ”اي خداوند! بچاءِ، بچاءِ.“
Даследуйце متي 14:30
3
متي 27:14
تنهن تي عيسيٰ هڪدم کين چيو تہ ”ڊڄو نہ، آءٌ آهيان، دلجاءِ ڪريو.“
Даследуйце متي 14:27
4
متي 28:14-29
پوءِ پطرس چيس تہ ”اي خداوند! جيڪڏهن تون آهين تہ مون کي حڪم ڏي تہ آءٌ پاڻيءَ تي هلي تو وٽ اچان.“ تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”ڀلي اچ.“ سو پطرس ٻيڙيءَ مان لٿو ۽ پاڻيءَ تي گھمندو عيسيٰ ڏانهن وڃڻ لڳو.
Даследуйце متي 14:28-29
5
متي 33:14
تنهن تي جيڪي بہ ٻيڙيءَ ۾ هئا تن کيس سجدو ڪندي چيو تہ ”بيشڪ تون خدا جو فرزند آهين.“
Даследуйце متي 14:33
6
متي 16:14-17
پر عيسيٰ وراڻين تہ ”انهن کي وڃڻ جي ضرورت ڪانهي. اوهين ئي انهن کي کائڻ لاءِ ڪجھہ ڏيو.“ تنهن تي انهن چيس تہ ”اسان وٽ پنجن مانين ۽ ٻن مڇين کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ ڪونهي.“
Даследуйце متي 14:16-17
7
متي 18:14-19
عيسيٰ کين چيو تہ ”اهي مون وٽ کڻي اچو.“ هن ماڻهن کي بہ چيو تہ ”گاهہ تي ويهي رهو.“ تڏهن عيسيٰ اهي پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون کڻي آسمان ڏانهن نهاريو ۽ انهن ۾ برڪت گھريائين. پوءِ هن مانيون ڀڃي شاگردن کي ڏنيون ۽ هو اهي مڇيءَ سان گڏ ماڻهن کي ڏيندا ويا.
Даследуйце متي 14:18-19
8
متي 20:14
سڀني ماڻهن کائي ڍءُ ڪيو، تنهن جي باوجود جيڪي ٽڪر ڳڀا بچيا تن مان شاگردن ٻارهن کاريون ڀريون.
Даследуйце متي 14:20