1
لوقا 42:22
Sindhi Bible FB
SB
”اي بابا! جيڪڏهن تون چاهين تہ هي پيالو مون تان ٽاري ڇڏ. تنهن هوندي بہ منهنجي نہ، پر تنهنجي مرضي پوري ٿئي.“
Параўнаць
Даследуйце لوقا 22:42
2
لوقا 32:22
پر مون تو لاءِ دعا گھري آهي تہ شل تنهنجي ايمان ۾ لوڏو نہ اچي. جڏهن تون مون ڏانهن موٽي اچين تہ پنهنجي ڀائرن جي مدد ڪج.“
Даследуйце لوقا 22:32
3
لوقا 19:22
پوءِ ماني کڻي شڪر ڪري ڀڳائين ۽ هنن کي ڏيندي چيائين تہ ”هيءُ منهنجو بدن آهي، جيڪو اوهان جي لاءِ ڏنو وڃي ٿو. اوهين بہ منهنجي يادگيريءَ ۾ ائين ڪندا رهجو.“
Даследуйце لوقا 22:19
4
لوقا 20:22
ساڳيءَ ريت کائڻ کان پوءِ پيالو کڻي چيائين تہ ”هي پيالو خدا جو نئون عهد آهي، جيڪو منهنجي رت جي وسيلي ٻڌو وڃي ٿو. اهو رت اوهان جي لاءِ وهائجي ٿو.
Даследуйце لوقا 22:20
5
لوقا 44:22
جيئن تہ هو ڏاڍو پريشان هو تنهنڪري هو اڃا بہ وڌيڪ جوش سان دعا گھرڻ لڳو، جو سندس پگھر رت جي ڦڙن وانگر زمين تي ڪري رهيو هو.
Даследуйце لوقا 22:44
6
لوقا 26:22
پر اوهان ۾ ائين نہ هئڻ گھرجي. اوهان مان وڏي کي ننڍي وانگر ٿيڻ کپي ۽ مالڪ کي غلام وانگر ٿيڻ کپي.
Даследуйце لوقا 22:26
7
لوقا 34:22
تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”اي پطرس! آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو تہ جيستائين ڪڪڙ اڄ رات ٻانگ ڏئي، ان کان اڳ ۾ ئي تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“
Даследуйце لوقا 22:34