1
يوحنا 5:15
Sindhi Bible FB
SB
آءٌ ول آهيان ۽ اوهين منهنجيون ٽاريون آهيو. جيڪو مون ۾ رهي ٿو، تنهن ۾ آءٌ رهان ٿو ۽ اهو ئي گھڻو ميوو جھليندو، ڇاڪاڻ تہ مون کان جدا ٿي اوهين ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿا سگھو.
Параўнаць
Даследуйце يوحنا 15:5
2
يوحنا 4:15
اوهين مون ۾ رهو ۽ آءٌ اوهان ۾ رهندس. ڪابہ ٽاري تيستائين ميوو نہ ٿي جھلي، جيستائين اها ول ۾ نہ ٿي رهي. اهڙيءَ طرح اوهين بہ ميوو نہ ٿا جھلي سگھو جيستائين مون ۾ نہ رهو.
Даследуйце يوحنا 15:4
3
يوحنا 7:15
جيڪڏهن اوهين مون ۾ رهو ۽ منهنجيون ڳالهيون اوهان ۾ رهن تہ پوءِ جيڪي وڻيوَ سو گھرو. اهو اوهان لاءِ ڪيو ويندو.
Даследуйце يوحنا 15:7
4
يوحنا 16:15
اوهان مون کي ڪين چونڊيو آهي، بلڪ مون اوهان کي چونڊيو آهي ۽ انهيءَ لاءِ مقرر ڪيو اٿم تہ وڃي اهڙو ميوو جھليو جيڪو هميشہ هلي. پوءِ اوهين منهنجي نالي تي پيءُ کان جيڪي بہ گھرندا سو هو اوهان کي ڏيندو.
Даследуйце يوحنا 15:16
5
يوحنا 13:15
انهيءَ کان وڌيڪ ڪوبہ پيار ڪونهي جو ماڻهو پنهنجي دوستن لاءِ پنهنجي جان ڏئي.
Даследуйце يوحنا 15:13
6
يوحنا 2:15
مون ۾ جيڪا ٽاري ميوو نہ ٿي جھلي تنهن کي هو وڍي اڇلائي ٿو. پر جيڪا ٽاري ميوو جھلي ٿي تنهن کي هو ڇانگي ٿو تہ جيئن اها وڌيڪ ميوو ڏئي.
Даследуйце يوحنا 15:2
7
يوحنا 12:15
اهو ئي منهنجو حڪم آهي تہ اوهين هڪٻئي سان پيار ڪريو، جيئن مون اوهان سان پيار ڪيو آهي.
Даследуйце يوحنا 15:12
8
يوحنا 8:15
اوهان جي گھڻي ميوي جھلڻ مان ثابت ٿيندو تہ اوهين منهنجا شاگرد آهيو ۽ انهيءَ ڳالهہ مان منهنجي پيءُ جو جلوو ظاهر ٿئي ٿو.
Даследуйце يوحنا 15:8
9
يوحنا 1:15
عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ حقيقي ول آهيان ۽ منهنجو پيءُ باغائي آهي.
Даследуйце يوحنا 15:1
10
يوحنا 6:15
جيڪو مون ۾ نہ رهندو سو ٽاريءَ وانگر وڍي اڇلايو ويندو. اهڙيون ٽاريون سڪي وينديون آهن ۽ اهي ميڙي گڏ ڪري باهہ ۾ اڇلائي ساڙيون وينديون آهن.
Даследуйце يوحنا 15:6
11
يوحنا 11:15
مون اهي ڳالهيون انهيءَ ڪري اوهان کي ٻڌايون آهن تہ جيئن اوهان کي پوري خوشي حاصل ٿئي جهڙي مون کي آهي.
Даследуйце يوحنا 15:11
12
يوحنا 10:15
جيڪڏهن اوهين منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا تہ اوهين منهنجي پيار ۾ رهندا، جهڙيءَ طرح مون پنهنجي پيءُ جي حڪمن تي عمل ڪيو آهي ۽ سندس پيار ۾ رهان ٿو.
Даследуйце يوحنا 15:10
13
يوحنا 17:15
آءٌ اوهان کي اهو ئي حڪم ٿو ڏيان تہ هڪٻئي سان پيار ڪريو.“
Даследуйце يوحنا 15:17
14
يوحنا 19:15
جيڪڏهن اوهين دنيا جا هجو ها تہ جيڪر دنيا اوهان سان پنهنجن جهڙو پيار ڪري ها. پر اوهين دنيا جا نہ آهيو، ڇاڪاڻ تہ مون اوهان کي دنيا مان چونڊي ڪڍيو آهي، تنهنڪري دنيا اوهان کان نفرت ڪري ٿي.
Даследуйце يوحنا 15:19