1
پيدائش 20:50
Sindhi Bible FB
SB
اوهان برابر مون سان برائي ڪرڻ جو ارادو تہ ڪيو هو پر خدا انهيءَ کي ڀلائيءَ ۾ بدلائي ڇڏيو، انهيءَ لاءِ تہ هو گھڻن ئي ماڻهن جي جان بچائي، جيئن اڄڪلهہ ٿي رهيو آهي.
Параўнаць
Даследуйце پيدائش 50:20
2
پيدائش 19:50
پر يوسف کين چيو تہ ”ڊڄو نہ، آءٌ ڪو خدا آهيان ڇا؟
Даследуйце پيدائش 50:19
3
پيدائش 21:50
سو هاڻي ڊڄو نہ. آءٌ اوهان جي ۽ اوهان جي ٻارن جي پرورش ڪندو رهندس.“ اهڙيءَ طرح هن کين خاطري ۽ دلداري ڏني.
Даследуйце پيدائش 50:21
4
پيدائش 17:50
’تنهنجي ڀائرن تو سان بڇڙائي ڪندي جيڪو قصور ۽ ڏوهہ ڪيو هو سو هاڻي ڀلائي ڪري کين بخشي ڇڏ.‘ تنهنڪري هاڻي مهرباني ڪري اسان جو ڏوهہ معاف ڪريو، جيڪو اسان توهان جي پيءُ جي خدا جي ٻانهن ڪيو آهي.“ جڏهن يوسف کي اهو نياپو رسيو تہ هن روئي ڏنو.
Даследуйце پيدائش 50:17
5
پيدائش 24:50
آخرڪار هڪ ڏينهن يوسف پنهنجي ڀائرن کي چيو تہ ”هاڻي آءٌ مرڻ تي آهيان. پر خدا ضرور اوهان جي سار لهندو ۽ اوهان کي هن ملڪ مان ڪڍي انهيءَ ملڪ ۾ پهچائيندو جنهن جي ڏيڻ جو هن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو.“
Даследуйце پيدائش 50:24
6
پيدائش 25:50
پوءِ يوسف انهن کي قسم کڻائي چيو تہ ”اوهين مون سان واعدو ڪريو تہ جڏهن خدا اوهان کي ان ملڪ ڏانهن وٺي وڃي تڏهن اوهين منهنجا هڏا هتان پاڻ سان کڻي ويندءُ.“
Даследуйце پيدائش 50:25
7
پيدائش 26:50
اهڙيءَ طرح يوسف هڪ سؤ ڏهن سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. هنن سندس لاش کي صدين تائين محفوظ رکڻ لاءِ سرهاڻيون لائي تابوت ۾ وجھي مصر ۾ رکيو.
Даследуйце پيدائش 50:26