ڳاڻاٽو 30
30
باسن بابت قانون
1 موسيٰ بني اسرائيل جي قبيلن جي سردارن کي خداوند جي حڪم بابت ٻڌائيندي چيو تہ 2#شر 23:21-23، مت 5:33 ”جڏهن ڪو ماڻهو خداوند آڏو ڪا باس باسي يا ڪو خاص فرض ادا ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ٻڌل رکڻ جو قسم تي عهد ڪري، تہ پوءِ هو پنهنجو قول نہ ڀڃي، بلڪ جيڪي زبان مان نڪتو هجيس سو پورو ڪري.
3جڏهن ڪا ڪنواري ڇوڪري پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ رهندي خداوند آڏو ڪا باس يا ڪو خاص فرض ادا ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ٻڌل رکڻ جو عهد ڪري 4۽ سندس پيءُ انهيءَ باس يا خاص فرض جي باري ۾ ٻُڌي، پر ڪجھہ بہ نہ چويس، تہ جا باس باسي هئائين يا جنهن خاص فرض ادا ڪرڻ لاءِ عهد ڪيو هئائين سو پورو ڪري. 5پر جيڪڏهن سندس پيءُ جنهن ڏينهن اهو ٻڌي کيس منع ڪري، تہ پوءِ هوءَ پنهنجي باس يا خاص فرض پورو نہ ڪري. خداوند کيس ڇڏي ڏيندو ڇو تہ سندس پيءُ کيس موڪل نہ ڏني.
6جيڪڏهن باس باسڻ يا ڪو خاص فرض ادا ڪرڻ لاءِ تڪڙ ۾ پاڻ کي ٻڌل رکڻ کان پوءِ انهيءَ ڇوڪريءَ جي شادي ٿئي، 7پوءِ سندس مڙس انهيءَ باس يا خاص فرض جي باري ۾ ٻڌي، پر ڪجھہ بہ نہ چويس، تہ جا باس باسي هئائين يا جنهن خاص فرض ادا ڪرڻ لاءِ عهد ڪيو هئائين، سو پورو ڪري. 8پر جيڪڏهن سندس مڙس اهو ٻڌي ۽ انهيءَ کي رد ڪري، تہ پوءِ هوءَ تڪڙ ۾ باسيل پنهنجي باس يا خاص فرض پورو نہ ڪري. خداوند کيس ڇڏي ڏيندو.
9پر رنزال يا طلاقشدہ عورت کي پنهنجي باس يا خاص فرض جنهن جي ادا ڪرڻ لاءِ هن پاڻ کي ٻڌل رکيو هوندو، سو پورو ڪرڻو آهي.
10جيڪڏهن ڪا عورت پنهنجي مڙس جي گھر ۾ رهندي ڪا باس باسي يا ڪو خاص فرض ادا ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ٻڌل رکڻ جو قسم تي عهد ڪري 11۽ سندس مڙس اهو ٻڌي کيس منع نہ ڪري ۽ نڪي کيس ڪجھہ چوي، تہ پوءِ هوءَ پنهنجي باس يا خاص فرض پورو ڪري. 12پر جيڪڏهن سندس مڙس اهو ٻڌي کيس منع ڪري، تہ پوءِ هوءَ پنهنجي باس يا خاص فرض جيڪو سندس زبان مان نڪتو سو پورو نہ ڪري، ڇو تہ مڙسس انهيءَ کي رد ڪري ڇڏيو. خداوند کيس ڇڏي ڏيندو. 13هن جي مڙس کي اهو حق حاصل آهي تہ چاهي تہ پنهنجي زال جي باسيل باس يا روح جي رياضت جي خاص فرض کي بحال رکي، چاهي تہ رد ڪري ڇڏي. 14پر جيڪڏهن هن جو مڙس جنهن ڏينهن اهو ٻڌي تنهن جي ٻئي ڏينهن تائين کيس ڪجھہ بہ نہ چوي تہ سمجھبو تہ هن کي پنهنجيءَ زال جي باس يا خاص فرض تي ڪوبہ اعتراض ڪونہ آهي. اهڙيءَ طرح هن انهيءَ ڳالهہ کي بحال رکيو آهي، ڇو تہ تنهن ڏينهن هن کيس ڪجھہ بہ نہ چيو. 15پر جيڪڏهن ٻڌڻ کان ڪجھہ ڏينهن پوءِ هو انهن کي رد ٿو ڪري، تہ پوءِ هو پنهنجيءَ زال جي باس يا خاص فرض پوري نہ ڪرڻ واري گناهہ جو ذميوار پاڻ آهي.“
16مڙس ۽ زال جي وچ ۾ ۽ پيءُ ۽ ڌيءَ، جيڪا ڪنوارپ دوران پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ رهندي هجي، تنهن جي وچ ۾ باس باسڻ بابت اهي ئي قانون آهن، جيڪي خداوند موسيٰ کي ڏنا.
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.