ڳاڻاٽو 29
29
نفيلون وڄائڻ جي عيد
(لاوي سرشتو 23:23-25)
1”ستين مهيني جي پهرين تاريخ اوهين مون خدا جي عبادت لاءِ گڏ ٿجو ۽ ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو. اهو اوهان جي لاءِ نفيلن وڄائڻ جو ڏينهن آهي. 2اوهين مون خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ هڪڙي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪجو، جنهن ۾ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گھٽو ۽ ست هڪسالا گھيٽا هجن. اهي سڀ بيعيب هجن. 3اناج جي قربانيءَ طور تيل ۾ گڏيل ميدو پڻ پيش ڪجو. انهيءَ لاءِ وهڙي سان گڏ ٽي ڪلوگرام، گھٽي سان گڏ ٻہ ڪلوگرام 4۽ هر هڪ گھيٽي سان گڏ هڪ هڪ ڪلوگرام ميدو هجي. 5اوهين پنهنجي ڪفاري لاءِ هڪڙو ٻڪر پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پڻ پيش ڪجو. 6اهي قربانيون، ماهوار ۽ روزانہ ساڙڻ وارين قربانين ۽ انهن سان گڏ اناج ۽ اوتڻ وارين قربانين کان واڌاريون آهن. اهي وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ مون خداوند جي حضور ۾ ساڙڻ واريون قربانيون آهن.“
ڪفاري واري ڏينهن قربانيون
(لاوي سرشتو 23:26-32)
7 #
لاو 16:29-34
”انهيءَ ستين مهيني جي ڏهين تاريخ تي اوهين مون خدا جي عبادت لاءِ گڏ ٿجو. انهيءَ ڏينهن تي اوهين پنهنجي خواهشن کي روڪجو ۽ ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪجو. 8اوهين مون خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ هڪڙي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪجو جنهن ۾ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گھٽو ۽ ست هڪسالا گھيٽا هجن. اهي سڀ بيعيب هجن. 9اناج جي قربانيءَ طور تيل ۾ گڏيل ميدو پڻ پيش ڪجو. انهيءَ لاءِ وهڙي سان گڏ ٽي ڪلوگرام، گھٽي سان گڏ ٻہ ڪلوگرام 10۽ هر هڪ گھيٽي سان گڏ هڪ هڪ ڪلوگرام ميدو هجي. 11ڪفاري واري پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ ۽ دستوري ساڙڻ واري قرباني، انهن سان گڏ اناج جي قربانين ۽ اوتڻ وارين قربانين کان علاوہ هڪڙو ٻڪر پنهنجي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پڻ پيش ڪجو.“
تنبن واري عيد تي قربانيون
(لاوي سرشتو 23:33-44)
12”ستين مهيني جي پندرهين تاريخ اوهين مون خدا جي عبادت لاءِ گڏ ٿجو. ست ڏينهن مون خداوند جي لاءِ عيد ملهائجو ۽ انهن ڏينهن ۾ اوهين ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو. 13پهرئين ڏينهن تي اوهين مون خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ هڪ ساڙڻ واري قرباني پيش ڪجو، جنهن ۾ تيرهن وهڙا، ٻہ گھٽا ۽ چوڏهن هڪسالا گھيٽا هجن. اهي سڀ بيعيب هجن. 14اناج جي قربانيءَ طور تيل ۾ گڏيل ميدو پڻ پيش ڪجو. انهيءَ لاءِ هر هڪ وهڙي سان گڏ ٽي ٽي ڪلوگرام، هر هڪ گھٽي سان گڏ ٻہ ٻہ ڪلوگرام 15۽ هر هڪ گھيٽي سان گڏ هڪ هڪ ڪلوگرام ميدو هجي. 16هڪڙو ٻڪر پڻ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پيش ڪجو. هي قربانيون دستوري ساڙڻ واري قربانيءَ ۽ انهيءَ سان گڏ اناج جي قرباني ۽ اوتڻ واري قربانيءَ کان علاوہ واڌاريون قربانيون آهن.
17ٻئي ڏينهن تي اوهين ٻارهن وهڙا، ٻہ گھٽا ۽ چوڏهن هڪسالا گھيٽا پيش ڪجو، جي سڀ بيعيب هجن. 18انهن سان گڏ اناج جي قرباني ۽ اوتڻ واري قرباني، سندن شمار ۽ قانون موجب پيش ڪجو. 19هڪڙو ٻڪر پڻ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پيش ڪجو. هي قربانيون دستوري ساڙڻ واري قربانيءَ ۽ سندس اناج جي قربانيءَ ۽ انهن سان گڏ انهن ٻنهي جي اوتڻ وارين قربانين کان علاوہ واڌاريون قربانيون آهن.
20ٽئين ڏينهن تي اوهين يارهن وهڙا، ٻہ گھٽا ۽ چوڏهن هڪسالا گھيٽا پيش ڪجو، جي سڀ بيعيب هجن. 21انهن سان گڏ اناج جي قرباني ۽ اوتڻ واري قرباني، سندن شمار ۽ قانون موجب پيش ڪجو. 22هڪڙو ٻڪر پڻ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پيش ڪجو. هي قربانيون دستوري ساڙڻ واري قربانيءَ ۽ انهيءَ سان گڏ اناج جي قربانيءَ ۽ اوتڻ واري قربانيءَ کان علاوہ واڌاريون قربانيون آهن.
23چوٿين ڏينهن ڏهہ وهڙا، ٻہ گھٽا ۽ چوڏهن هڪسالا گھيٽا پيش ڪجو، جي سڀ بيعيب هجن. 24انهن سان گڏ اناج جي قرباني ۽ اوتڻ واري قرباني، سندن شمار ۽ قانون موجب پيش ڪجو. 25هڪڙو ٻڪر پڻ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پيش ڪجو. هي قربانيون دستوري ساڙڻ واري قربانيءَ ۽ انهيءَ سان گڏ اناج جي قربانيءَ ۽ اوتڻ واري قربانيءَ کان علاوہ واڌاريون قربانيون آهن.
26پنجين ڏينهن تي نوَ وهڙا، ٻہ گھٽا ۽ چوڏهن هڪسالا گھيٽا پيش ڪجو، جي سڀ بيعيب هجن. 27انهن سان گڏ اناج جي قرباني ۽ اوتڻ واري قرباني، سندن شمار ۽ قانون موجب پيش ڪجو. 28هڪڙو ٻڪر پڻ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پيش ڪجو. هي قربانيون دستوري ساڙڻ واري قربانيءَ ۽ انهيءَ سان گڏ اناج جي قربانيءَ ۽ اوتڻ واري قربانيءَ کان علاوہ واڌاريون قربانيون آهن.
29ڇهين ڏينهن تي اٺ وهڙا، ٻہ گھٽا ۽ چوڏهن هڪسالا گھيٽا پيش ڪجو، جي سڀ بيعيب هجن. 30انهن سان گڏ اناج جي قرباني ۽ اوتڻ واري قرباني، سندن شمار ۽ قانون موجب پيش ڪجو. 31هڪڙو ٻڪر پڻ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پيش ڪجو. هي قربانيون دستوري ساڙڻ واري قربانيءَ ۽ انهيءَ سان گڏ اناج جي قربانيءَ ۽ اوتڻ واري قربانيءَ کان علاوہ واڌاريون قربانيون آهن.
32ستين ڏينهن تي ست وهڙا، ٻہ گھٽا ۽ چوڏهن هڪسالا گھيٽا پيش ڪجو، جي سڀ بيعيب هجن. 33انهن سان گڏ اناج جي قرباني ۽ اوتڻ واري قرباني، سندن شمار ۽ قانون موجب پيش ڪجو. 34هڪڙو ٻڪر پڻ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پيش ڪجو. هي قربانيون دستوري ساڙڻ واري قربانيءَ ۽ انهيءَ سان گڏ اناج جي قربانيءَ ۽ اوتڻ واري قربانيءَ کان علاوہ واڌاريون قربانيون آهن.
35اٺين ڏينهن تي اوهين مون خدا جي عبادت لاءِ گڏ ٿجو ۽ انهيءَ ڏينهن تي اوهين ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو. 36اوهين مون خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ هڪڙي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪجو، جنهن ۾ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گھٽو ۽ ست هڪسالا گھيٽا هجن. اهي سڀ بيعيب هجن. 37انهن سان گڏ اناج جي قرباني ۽ اوتڻ واري قرباني، سندن شمار ۽ قانون موجب پيش ڪجو. 38هڪڙو ٻڪر پڻ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پيش ڪجو. هي قربانيون دستوري ساڙڻ واري قربانيءَ ۽ انهيءَ سان گڏ اناج جي قربانيءَ ۽ اوتڻ واري قربانيءَ کان علاوہ واڌاريون قربانيون آهن.
39اوهين مون خداوند جي حضور ۾ پنهنجين مقرر ڪيل عيدن تي پنهنجين باسيل توڙي خوشيءَ جي قربانين کان علاوہ اهي ساڙڻ واريون قربانيون، اناج جون قربانيون، اوتڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪندا رهجو.“
40 موسيٰ بني اسرائيل کي اهي سڀ ڳالهيون ٻڌايون، جيئن خداوند کيس فرمايو هو.
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.