خروج 11
11
ڏهين آفت جو دڙڪو ڏيڻ
1پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”آءٌ فرعون ۽ مصر تي هڪڙي آخري آفت اڃا بہ آڻيندس. ان کان پوءِ هو اوهان کي هتان وڃڻ ڏيندو. هو پڪ اوهان سڀني کي هتان ڪڍي ڇڏيندو. 2سو هاڻي تون وڃي پنهنجي ماڻهن کي چئُہ تہ هر ڪو مرد پنهنجي پاڙيسريءَ کان ۽ هر ڪا عورت پنهنجي پاڙيسرڻ کان چانديءَ ۽ سون جا زيور گھري وٺي.“ 3خداوند بني اسرائيل جي ماڻهن کي مصرين جي نظر ۾ عزت بخشي. اهڙيءَ طرح مصر جي ملڪ ۾ فرعون جا عملدار ۽ سندس ماڻهو موسيٰ کي وڏو بزرگ سمجھڻ لڳا.
4پوءِ موسيٰ فرعون کي چيو تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’اڌ رات ڌاري آءٌ مصر ملڪ جي وچ مان لنگھندس. 5ان وقت مصر جي ملڪ ۾ سڀ پهريتا پٽ مري ويندا، فرعون جيڪو تخت تي ويٺو آهي، تنهن جي پهريتي پٽ کان وٺي انهيءَ ٻانهيءَ جي پهريتي پٽ تائين جيڪا جنڊ ٿي پيهي. ان کان سواءِ چوپائي مال جا بہ سڀ پهريتا نر ٻچا مري ويندا. 6مصر جي سڄي ملڪ ۾ اهڙو تہ ماتم مچي ويندو، جو اهڙو نہ ڪڏهن اڳي ٿيو ۽ نہ وري هن کان پوءِ ڪڏهن ٿيندو. 7پر بني اسرائيل مان ڪنهن بہ ماڻهوءَ يا جانور تي ڪو ڪتو بہ ڪين ڀونڪندو. تڏهن اوهان کي خبر پوندي تہ آءٌ، جيڪو خداوند آهيان سو مصرين ۽ بني اسرائيل جي وچ ۾ فرق ڪريان ٿو.‘“ 8آخر ۾ موسيٰ چيس تہ ”تنهنجا هي سڀ عملدار مون وٽ ايندا ۽ منهنجي اڳيان ڪنڌ جھڪائي منٿ ڪندا تہ ’تون پنهنجي پوئلڳن کي وٺي هليو وڃ.‘ انهيءَ کان پوءِ آءٌ هليو ويندس.“ ائين چئي موسيٰ ڏاڍيءَ ڪاوڙ مان فرعون وٽان نڪري ويو.
9 خداوند موسيٰ کي فرمايو هو تہ ”فرعون تنهنجي ڳالهہ نہ مڃيندو. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيئن آءٌ پنهنجا تمام گھڻا معجزا مصر جي ملڪ ۾ ڏيکاريان.“ 10سو موسيٰ ۽ هارون اهي سڀ معجزا فرعون جي اڳيان ڪري ڏيکاريا. پر خدا فرعون جي دل سخت ڪئي ۽ هن بني اسرائيل کي پنهنجي ملڪ مان وڃڻ نہ ڏنو.
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.