1
پيدائش 5:37
Sindhi Bible FB
SB
هڪ دفعي يوسف هڪڙو خواب لڌو جيڪو پنهنجي ڀائرن کي وڃي ٻڌايائين. تڏهن اهي ويتر وڌيڪ کانئس نفرت ڪرڻ لڳا.
సరిపోల్చండి
پيدائش 37:5 ని అన్వేషించండి
2
پيدائش 3:37
يعقوب پنهنجي ٻين سڀني پٽن کان وڌيڪ يوسف سان پيار ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ اهو پوڙهپ ۾ ڄائو هئس. هن کيس هڪڙو خاص رنگارنگي ڪڙتو بہ ٺهرائي ڏنو هو.
پيدائش 37:3 ని అన్వేషించండి
3
پيدائش 4:37
جڏهن يوسف جي ڀائرن ڏٺو تہ سندن پيءُ ٻين سڀني ڀائرن کان وڌيڪ هن سان پيار ڪري ٿو، تڏهن اهي يوسف کان نفرت ڪرڻ لڳا ۽ کيس سلام بہ ڪين ڪندا هئا.
پيدائش 37:4 ని అన్వేషించండి
4
پيدائش 9:37
پوءِ يوسف هڪڙو ٻيو خواب لڌو جيڪو پنهنجي ڀائرن کي ٻڌائيندي چيائين تہ ”ٻڌو، مون هڪڙو ٻيو خواب لڌو آهي جنهن ۾ سج، چنڊ ۽ يارهن تارا منهنجي اڳيان اچي جھڪيا.“
پيدائش 37:9 ని అన్వేషించండి
5
پيدائش 11:37
سو سندس ڀائر تہ ساڙ ۾ سڙي ويا پر پڻس اها ڳالهہ پنهنجيءَ دل ۾ رکي ڇڏي.
پيدائش 37:11 ని అన్వేషించండి
6
پيدائش 6:37-7
هن کين چيو تہ ”مون هڪڙو خواب لڌو آهي سو ٻڌو. اسان ٻنيءَ ۾ گڏا پئي ٻڌا تہ ڇا ٿو ڏسان تہ منهنجو گڏو اُٿي اڀو ٿي بيٺو ۽ اوهان جا گڏا ان جي چوڌاري اچي بيٺا ۽ ان جي اڳيان جھڪيا.“
پيدائش 37:6-7 ని అన్వేషించండి
7
پيدائش 20:37
سو هاڻي اچو تہ کيس ماري ڪنهن کوهہ ۾ اڇلائي ڇڏيون. پوءِ چونداسين تہ ڪو جھنگ جو جانور کائي ويو اٿس. پوءِ ڏسنداسين تہ هن جي خوابن جو ڇا ٿو ٿئي.“
پيدائش 37:20 ని అన్వేషించండి
8
پيدائش 28:37
پوءِ جڏهن اهي مدياني سوداگر اتان اچي لانگھائو ٿيا تہ يوسف جي ڀائرن يوسف کي کوهہ مان ڇڪي ٻاهر ڪڍيو ۽ اسماعيل قبيلي وارن جي هٿ چانديءَ جي ويهن سڪن تي کيس وڪڻي ڇڏيائون. اهي سوداگر يوسف کي مصر ڏانهن وٺي هليا ويا.
پيدائش 37:28 ని అన్వేషించండి
9
پيدائش 19:37
هو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”اِجھو، اچيوَ ٿو خوابن لهڻ وارؤ!
پيدائش 37:19 ని అన్వేషించండి
10
پيدائش 18:37
هنن کيس پري کان ايندو ڏٺو. هو اڃا پري ئي هو تہ هنن کيس قتل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو.
پيدائش 37:18 ని అన్వేషించండి
11
پيدائش 22:37
اسين سندس رت نہ وهايون، پر هتي هن رڻپٽ ۾ جيڪو کوهہ آهي تنهن ۾ کڻي اڇلايونس. کيس وڌيڪ هٿ نہ لايون.“ روبن چاهيو ٿي تہ کيس هنن جي هٿان ڇڏائي واپس سندس پيءُ وٽ پهچائي.
پيدائش 37:22 ని అన్వేషించండి
హోమ్
బైబిల్
ప్రణాళికలు
వీడియోలు