1
لوقا 1:18
Sindhi Bible FB
SB
عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”هر وقت دعا گھرندا رهو ۽ همت نہ هارجو.“ انهيءَ لاءِ هن کين هڪڙو مثال ڏنو تہ
Сравнить
Изучить لوقا 18:1
2
لوقا 7:18-8
تہ پوءِ خدا پنهنجي چونڊيلن سان انصاف نہ ڪندو ڇا، جيڪي رات ڏينهن کيس ٻاڏائين پيا؟ ڇا هو انهن جي مدد ڪرڻ ۾ دير ڪندو؟ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هو جلد ئي سندن انصاف ڪندو. پر جڏهن ابنِ آدم ايندو تڏهن هو ماڻهن ۾ اهڙو ايمان الائجي ڏسندو يا نہ.“
Изучить لوقا 18:7-8
3
لوقا 27:18
عيسيٰ وراڻين تہ ”جيڪي ڳالهيون انسان جي وس کان ٻاهر آهن، سي خدا جي وس ۾ آهن.“
Изучить لوقا 18:27
4
لوقا 4:18-5
جج ڪجھہ وقت تہ هن جي ٻڌي ئي ڪانہ، پر پوءِ دل ۾ چوڻ لڳو تہ ’جيتوڻيڪ مون کي نہ خدا جو خوف آهي ۽ نہ ماڻهن جي پرواهہ، تڏهن بہ جيئن تہ هيءَ رنزال اچي مون کي ڪڪ ٿي ڪري، تنهنڪري ساڻس انصاف ڪندس، نہ تہ هيءَ بار بار اچي مون کي بيزار ڪندي.‘“
Изучить لوقا 18:4-5
5
لوقا 17:18
آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ خدا جي بادشاهيءَ کي ٻار وانگر ٿي قبول نہ ڪندو سو ڪڏهن بہ ان ۾ داخل نہ ٿيندو.“
Изучить لوقا 18:17
6
لوقا 16:18
تنهن تي عيسيٰ شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”ٻارن کي نہ جھليو. انهن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي بادشاهي اهڙن جي ئي آهي.
Изучить لوقا 18:16
7
لوقا 42:18
عيسيٰ چيس تہ ”وٺ هيءَ ديد. ڏس، تنهنجي ايمان تو کي سڄو ڪيو آهي.“
Изучить لوقا 18:42
8
لوقا 19:18
عيسيٰ چيس تہ ”تون مون کي نيڪ ڇو ٿو سڏين؟ خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نيڪ نہ آهي.
Изучить لوقا 18:19