1
يوحنا 5:15
Sindhi Bible NT
SB62
آئون ڊاک جي ول آهيان، ۽ اوهين ٽاريون آهيو: جيڪو مون ۾ ٿو رهي، ۽ آئون ان ۾، سو ئي ججهو ڦل ٿو ڏئي: ڇالاءِ تہ مون ڌاران اوهين ڪجهہ بہ ڪري نٿا سگهو.
Porównaj
Przeglądaj يوحنا 15:5
2
يوحنا 4:15
اوهين مون ۾ رهو، ۽ آئون اوهان ۾، جهڙيءَ طرح ٽاري جيسين ڊاک جي ول ۾ نہ رهي، تيسين پاڻ ڦل جهلي نٿي سگهي، تهڙيءَ طرح ٿيڻي نہ آهي جو جيسين اوهين مون ۾ نہ رهو، تيسين اوهين بہ ڦل جهليو.
Przeglądaj يوحنا 15:4
3
يوحنا 7:15
جيڪڏهن اوهين مون ۾ رهو ۽ منهنجون ڳالهيون اوهان ۾ رهن، تہ پوءِ جيڪي وڻيوَ سو گهُرو، ۽ ائين ئي ٿيندو.
Przeglądaj يوحنا 15:7
4
يوحنا 16:15
اوهان مون کي ڪين چونڊيو آهي، پر مون اوهان کي چونڊيو آهي، ۽ انهي لاءِ اوهان کي مقرر ڪيو اٿم تہ اوهين وڃي ڦل پيدا ڪريو، ۽ اوهان جو ڦل قائم رهي: تہ جيڪي بہ اوهين پيءُ کان منهنجي نالي گهُرو، سو هو اوهان کي ڏئي.
Przeglądaj يوحنا 15:16
5
يوحنا 13:15
هن کان مٿي ڪو پيار ڪونهي، جو ماڻهو پنهنجن دوستن لاءِ جان ڏئي.
Przeglądaj يوحنا 15:13
6
يوحنا 2:15
مون ۾ جيڪا ٽاري ڦل نٿي جهلي، تنهن کي هو ڪڍي ٿو ڇڏي: ۽ جيڪا ڦل جهلي ٿي، تنهن کي ڇانگي ٿو، تہ وڌيڪ ڦل ڏئي.
Przeglądaj يوحنا 15:2
7
يوحنا 12:15
منهنجو حڪم هيءُ آهي، تہ اوهين هڪ ٻئي کي پيار ڪريو، جيئن مون اوهان کي پيار ڪيو آهي.
Przeglądaj يوحنا 15:12
8
يوحنا 8:15
هن ڳالهہ ۾ منهنجي پيءُ جو جلال ظاهر ٿو ٿئي، تہ اوهين گهڻو ڦل پيدا ڪريو؛ پوءِ اوهين منهنجا شاگرد ٿيندا.
Przeglądaj يوحنا 15:8
9
يوحنا 1:15
ڊاک جي سچي ول آئون آهيان، ۽ منهنجو پيءُ باغبان آهي.
Przeglądaj يوحنا 15:1
10
يوحنا 6:15
جيڪڏهن ڪو مون ۾ نہ رهندو، تہ ٽاريءَ وانگر اُن کي ڪڍي ڦٽو ڪبو، ۽ اُهو سُڪي ويندو؛ ۽ پوءِ اُنهن کي ميڙي چونڊي باهہ ۾ ٿا وجهن، ۽ اُهي سڙي ڀسم ٿا ٿين.
Przeglądaj يوحنا 15:6
11
يوحنا 11:15
اهي ڳالهيون مون اوهان سان انهي لاءِ ڪيون آهن، تہ منهنجي خوشي اوهان ۾ هجي، ۽ اوهان جي خوشي پوري ٿئي.
Przeglądaj يوحنا 15:11
12
يوحنا 10:15
جيڪڏهن اوهين منهنجا حڪم بجا آڻيندا تہ منهنجي پيار ۾ رهندا، جيئن ڪ مون پنهنجي پيءُ جا حڪم بجا آندا آهن، ۽ سندس پيار ۾ قائم آهيان.
Przeglądaj يوحنا 15:10
13
يوحنا 17:15
اوهان کي اِهو حڪم ٿو ڏيان، تہ اوهين هڪ ٻئي کي پيار ڪريو.
Przeglądaj يوحنا 15:17
14
يوحنا 19:15
جيڪڏهن اوهين دنيا جا هجو ها، تہ دنيا هوند پنهنجن کي ڀانئين ها، پر ڇالاءِ جو اوهين دنيا جا نہ آهيو، مگر مون اوهان کي دنيا مان چونڊي ڪڍيو آهي، تنهنڪري دنيا اوهان سان نفرت ٿي ڪري.
Przeglądaj يوحنا 15:19