گلتين ‮تعارف‬

تعارف
جيئن تہ عيسيٰ مسيح بابت خوشخبريءَ جي منادي غير يهودي ماڻهن ۾ بہ شروع ٿي جنهن کي ڪن ماڻهن قبول بہ ڪيو، تڏهن سوال پيدا ٿيو تہ مسيح تي ايمان آڻيندڙ غير يهودين لاءِ بہ حضرت موسيٰ جي شريعت جي پيروي ڪرڻ ضروري آهي يا نہ؟ هن خط ۾ پولس رسول بحث ٿو ڪري تہ اهو ضروري نہ آهي. سندس چوڻ آهي تہ حقيقت ۾ عيسيٰ مسيح ۾ نئين زندگي حاصل ڪرڻ لاءِ رڳو ايمان آڻڻ ضروري آهي، جنهن جي وسيلي سڀ خدا ڏانهن سچار بڻايا وڃن ٿا. پر رومي شهنشاهت جو گلتيا نالي صوبو جيڪو موجودہ ترڪي ملڪ جو وچ وارو حصو هو، تنهن جي ڪليسيائن منجھہ ڪن ماڻهن اچي پولس رسول جي مخالفت ڪئي ۽ دعويٰ ڪيائون تہ خدا ڏانهن سچار هئڻ لاءِ حضرت موسيٰ جي شريعت تي هلڻ بہ ضروري آهي.
گلتين ڏانهن پولس رسول جي لکيل هن خط جو مقصد اهو هو تہ اهي ماڻهو، جيڪي انهيءَ ڪوڙي تعليم سان گمراهہ ٿي رهيا هئا، تن کي صحيح ايمان ۽ عمل ڏانهن موٽائي آندو وڃي. پولس رسول هن خط جي شروعات عيسيٰ مسيح جي رسول هجڻ واري پنهنجي حق جو بچاءُ ڪندي ڪري ٿو. هو هن ڳالهہ تي زور ڏئي ٿو تہ هن لاءِ رسول ٿيڻ جو سڏ خدا جي طرفان هو، نہ ڪنهن انساني اختياريءَ کان. هو اهو بہ چوي ٿو تہ سندس تبليغ خاص ڪري غير يهودين لاءِ آهي. پوءِ هو پنهنجي بحث کي اڳتي وڌائيندي چوي ٿو تہ رڳو ايمان آڻڻ جي وسيلي ئي ماڻهو خدا ڏانهن سچار بڻايا وڃن ٿا. آخري بابن ۾ پولس رسول ٻڌائي ٿو تہ ايمان وارن جو طرزِعمل فطري طرح محبت مان نڪري هلي ٿو ۽ اها محبت عيسيٰ مسيح تي ايمان رکڻ جو ئي نتيجو ٿئي ٿي.
سِٽاءُ
تعارف 1‏:1‏-10
پولس جي رسول هئڻ جي اختياري 1‏:11‏–2‏:14
خدا جي فضل جي خوشخبري 2‏:15‏–4‏:31
مسيح جي راهہ تي هلڻ ۾ آزادي ۽ ذميواري 5‏:1‏–6‏:10
آخر ۾ تاڪيد ۽ دعا سلام 6‏:11‏-18

നിലവിൽ തിരഞ്ഞെടുത്തിരിക്കുന്നു:

گلتين ‮تعارف‬: SB

ഹൈലൈറ്റ് ചെയ്യുക

പകർത്തുക

താരതമ്യം

പങ്ക് വെക്കു

None

നിങ്ങളുടെ എല്ലാ ഉപകരണങ്ങളിലും ഹൈലൈറ്റുകൾ സംരക്ഷിക്കാൻ ആഗ്രഹിക്കുന്നുണ്ടോ? സൈൻ അപ്പ് ചെയ്യുക അല്ലെങ്കിൽ സൈൻ ഇൻ ചെയ്യുക