13
گناهہ ڪندڙن لاءِ آگاهي
1 #
شر 17:6، 19:15 جيئن تہ توريت ۾ لکيل آهي تہ ”ٻن يا ٽن شاهدن جي واتان سڀڪا ڳالهہ ثابت ٿي ويندي،“ سو ياد رکو تہ هي ٽيون دفعو آهي جو آءٌ اوهان ڏانهن پيو اچان. 2جڏهن اڳئين دفعي آءٌ اوهان وٽ موجود هئس، تڏهن اوهان کي ان وقت ئي آگاهہ ڪيو هئم. هاڻي آءٌ غيرحاضريءَ ۾ اڳي کان گناهہ ڪندڙن توڙي ٻين سڀني کي ٻيهر آگاهہ ٿو ڪريان تہ جڏهن آءٌ وري ايندس تڏهن ڪنهن کي بہ نہ ڇڏيندس. 3انهيءَ مان اوهان کي پنهنجي گھربل ثابتي ملندي تہ مسيح منهنجي معرفت ڳالهائي ٿو. هو اوهان سان واسطي رکڻ ۾ ڪمزور نہ آهي، پر اوهان ۾ پنهنجي طاقت جو اظهار ڪري ٿو. 4هائو، جيتوڻيڪ هو پنهنجو پاڻ کي ڪمزور بڻائي صليب تي چڙهي ويو، تڏهن بہ خدا جي قدرت سان جيئرو آهي. ساڳيءَ طرح مسيح جا هئڻ ڪري اسين بہ ڪمزور بڻيا آهيون، پر ساڻس گڏ جيئرا رهندي اسين خدا جي قدرت سان اوهان سان واسطو رکنداسين.
5اوهين پاڻ کي جاچي ڏسو تہ ايمان تي آهيو يا نہ. هائو، اوهين پنهنجو پاڻ کي آزمايو. اوهين ڇو نہ ٿا سمجھو تہ عيسيٰ مسيح اوهان ۾ آهي. جيڪڏهن نہ، تہ اوهين انهيءَ آزمائش ۾ سچا ثابت نہ ٿيا آهيو. 6پر مون کي اميد آهي تہ اوهين سچا ثابت ٿي ڄاڻي وٺندا تہ اسين اوهان منجھہ خدمت ڪرڻ ۾ سچا ثابت ٿي ويا آهيون. 7هاڻي اسين خدا کان دعا ٿا گھرون تہ اوهين ڪا بڇڙائي نہ ڪريو. انهيءَ لاءِ نہ، تہ اسين سچا ڏسڻ ۾ اچون، پر انهيءَ لاءِ تہ اوهين اهي ئي ڪم ڪريو جيڪي چڱا هجن، توڙي جو اسين سچا نہ سمجھيا وڃون. 8انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اسين حق سچ جي خلاف کڙا ٿي نہ ٿا سگھون، پر رڳو ان جي حمايت ڪري ٿا سگھون. 9سو جيڪڏهن اوهين سچپچ طاقتور آهيو تہ پوءِ اسين پنهنجي ڪمزور هجڻ ۾ خوش آهيون ۽ اها بہ دعا ٿا گھرون تہ اوهين بهتر کان بهتر ٿيندا وڃو. 10آءٌ پنهنجي غيرحاضريءَ ۾ هي ڳالهيون انهيءَ لاءِ لکان ٿو تہ جڏهن اوهان وٽ اچان تڏهن مون کي انهيءَ اختيار موجب اوهان تي سختي ڪرڻي نہ پوي، جيڪو خداوند عيسيٰ مون کي انهيءَ لاءِ ڏنو آهي تہ جيئن اهو اوهان کي بگاڙڻ لاءِ نہ، پر بڻائڻ لاءِ ڪم آڻيان.
آخر ۾ دعا سلام
11اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آخر ۾ آءٌ چوان ٿو تہ خوش رهو، سڌرندا رهو، منهنجي نصيحت تي عمل ڪندا رهو، هڪ دل ٿي رهو ۽ امن وَ سلامتيءَ سان زندگي گذاريندا رهو. اهڙيءَ طرح خدا جيڪو محبت ۽ سلامتيءَ وارو آهي سو اوهان ساڻ هوندو.
12هڪٻئي کي ڀائراڻي پيار سان ملي سلام ڪجو. مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل سڀيئي اوهان کي سلام ٿا ڏين.
13شل خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل ۽ خدا جو پيار ۽ پاڪ روح جي صحبت اوهان سڀني سان هجي.