1
2 - ٿسلونيڪين 3:2
Sindhi Bible NT
SB62
ڪنهن بہ طرح ڪنهن ماڻهوءَ جي فريب ۾ نہ اچجو: ڇالاءِ جو اهو ڏينهن تيسين نہ ايندو، جيسين پهرين گمراهي نہ اچي، ۽ گناهہ جو شخص، يعني برباديءَ جو فرزند ظاهر نہ ٿئي.
Palyginti
Naršyti 2 - ٿسلونيڪين 2:3
2
2 - ٿسلونيڪين 13:2
پر اي ڀائرو، خداوند جا پيارا، اسين ٻَڌل آهيون تہ هميشہ اوهان جي لاءِ خدا جا شڪرانا بجا آڻيون، ڇالاءِ جو خدا شروع کان اوهان کي انهي لاءِ چونڊي ڪڍيو هو تہ روح جي وسيلي پاڪ ٿيو، ۽ سچ تي ايمان آڻيو، ۽ نجات حاصل ڪريو.
Naršyti 2 - ٿسلونيڪين 2:13
3
2 - ٿسلونيڪين 4:2
۽ جيڪو معبود ٿو سڏجي، يا جنهن جي پرستش ٿي ٿئي، تنهن کان هو پاڻ کي وڏو ٿو ڄاڻي، ۽ مخالفت ٿو ڪري؛ ايتري قدر جو هو خدا جي هيڪل ۾ ويهي پاڻ کي خدا ٿو سڏائي.
Naršyti 2 - ٿسلونيڪين 2:4
4
2 - ٿسلونيڪين 16:2-17
هاڻي اسان جو خداوند يسوع مسيح پاڻ، ۽ اسان جو پيءُ خدا، جنهن اسان سان محبت رکي، ۽ فضل جي ڪري اسان کي هميشہ جي تسلي ۽ چڱي اُميد ڏنائين؛ سو اوهان جي دلين کي تسلي ڏئي، ۽ سڀ ڪنهن چڱي ڪم ۽ ڪلام ۾ مضبوط ڪري.
Naršyti 2 - ٿسلونيڪين 2:16-17
5
2 - ٿسلونيڪين 11:2
۽ انهي ڪري خدا هنن کي گمراهيءَ ۾ ڇڏي ٿو ڏئي تہ ڪوڙ کي مڃين
Naršyti 2 - ٿسلونيڪين 2:11
6
2 - ٿسلونيڪين 9:2-10
يعني اُهو بي دين، جنهن جو اچڻ شيطان جي تاثير موجب، هر طرح جي طاقت ۽ نشانين ۽ ڪوڙين ڪرامتن سان، ۽ برباد ٿيڻ وارن جي لاءِ ناراستيءَ جي هر طرح جي فريب سان ٿيندو؛ ڇالاءِ جو انهن سچ جي محبت اختيار نہ ڪئي تہ نجات ملين.
Naršyti 2 - ٿسلونيڪين 2:9-10
7
2 - ٿسلونيڪين 7:2
ڇالاءِ جو بي دينيءَ جو راز تہ هاڻي اثر ٿو ڪري: پر هينئر هڪڙو آهي جنهن کي جيستائين وچ مان ڪڍي نہ ڇڏبو، تيستائين هو روڪيندو رهندو.
Naršyti 2 - ٿسلونيڪين 2:7