رومين 6
6
پاپ جي نسبت مئل هجڻ
1تہ پوءِ اسين ڇا چئون؟ ڇا ائين چئون تہ پاپ ڪندا رهون تہ جيئن ايشور جي ڪرپا وڌيڪ ٿئي؟ 2نہ، هرگز نہ. اسين جيڪي پاپ جي نسبت مري چڪا آهيون، سي وري ڪيئن پاپ وارو جيون گذاري ٿا سگھون؟ 3ڇا اوهين اهو نہ ٿا ڄاڻو تہ اسين جيڪي بپتسما وٺي يسوع مسيح سان هڪ ٿيا آهيون، سي انهيءَ ئي بپتسما سان سندس مرڻ ۾ بہ ساڻس هڪ ٿي ويا آهيون؟ 4#ڪل 2:12 تنهنڪري بپتسما جي وسيلي اسين سندس مرڻ ۾ شامل ٿي هن سان گڏ دفن ٿي ويا آهيون، انهيءَ لاءِ تہ جهڙيءَ طرح مسيح کي پتا جي مهان شڪتيءَ سان مئلن مان جيوت ڪيو ويو، تهڙيءَ طرح اسين بہ نئين سر جيون گذاريون.
5جيئن تہ اسين مسيح جي مرڻ ۾ ساڻس گڏ شامل آهيون، سو سندس جيوت ٿي اٿڻ ۾ بہ ضرور شامل ٿينداسين. 6سو اسين ڄاڻون ٿا تہ اسان جي پراڻي انساني فطرت مسيح سان گڏ سوليءَ تي چاڙهي ويئي، تہ جيئن اسان جي شرير تان پاپ جو قبضو ختم ٿي وڃي ۽ اڳتي اسين پاپ جي غلاميءَ ۾ نہ رهون، 7ڇاڪاڻ تہ جيڪو مسيح سان گڏ مري ويو سو پاپ کان آزاد ڪيو ويو آهي. 8هاڻ جڏهن اسين مسيح سان گڏ مري ويا آهيون، تہ پوءِ اسان جو وشواس آهي تہ ساڻس گڏ جيوت رهڻ ۾ بہ شامل رهنداسين، 9ڇاڪاڻ تہ مسيح جيڪو مئلن مان جيوت ٿي اٿيو آهي سو وري ڪڏهن بہ نہ مرندو. هاڻي موت جو مٿس ڪوبہ اختيار نہ آهي. 10هائو، جڏهن هو مري ويو تہ هميشہ جي لاءِ پاپ جي اختيار کان نڪري ويو ۽ هاڻي جڏهن هو وري جيوت ٿيو آهي تہ سندس جيون ايشور لاءِ مخصوص آهي. 11اهڙيءَ طرح اوهين بہ پاڻ کي پاپ جي نسبت مئل سمجھو، جڏهن تہ يسوع مسيح ۾ اوهين پنهنجو جيون ايشور لاءِ مخصوص سمجھو.
12تنهنڪري اوهين پنهنجي هن ناس ٿيندڙ شرير ۾ پاپ کي حڪمراني ڪرڻ نہ ڏيو، متان اوهين پاپ وارين خواهشن جي وس هيٺ رهو. 13پنهنجي شرير جي عضون کي پاپ جي حوالي نہ ڪريو، متان اهي بڇڙائيءَ جا هٿيار ٿين. پر پاڻ کي مئلن مان جيوت سمجھي ايشور جي حوالي ڪريو تہ جيئن اوهان جي شرير جا عضوا سچائيءَ جا هٿيار ٿين. 14سو اڳتي پاپ جو اوهان تي ڪوبہ اختيار نہ رهندو، ڇو تہ هاڻي اوهين نيم جي وس هيٺ نہ، بلڪ ايشور جي ڪرپا جي وس هيٺ آهيو.
سچائيءَ جا غلام
15پوءِ ڇا اسين پاپ ڪريون، انهيءَ لاءِ تہ هاڻي اسين نيم جي نہ، پر ايشور جي ڪرپا جي وس هيٺ آهيون؟ نہ، هرگز نہ. 16ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ جيڪڏهن اوهين ڪنهن جي وس هيٺ رهو ٿا تہ انهيءَ طرح اوهين پنهنجو پاڻ کي انهيءَ جا غلام ٿا بڻايو؟ هاڻي جيڪڏهن اوهين پاپ جي وس هيٺ رهندا تہ ان جو نتيجو موت آهي. پر جيڪڏهن ايشور جي وس هيٺ رهندا تہ ان جو نتيجو سچائي آهي. 17حقيقت ۾ اوهين اڳي پاپ جا غلام هئا، پر ايشور جو شڪر آهي جو هاڻي اوهين انهيءَ سونپيل سکيا تي هلندي تن ۽ من سان ان جي وس هيٺ ٿيا آهيو. 18هائو، اوهين پاپ جي غلاميءَ کان آزاد ٿي سچائيءَ جا غلام بڻيا آهيو. 19اوهان جي انساني فطرت واري ڪمزوريءَ جي ڪري آءٌ اوهان کي غلاميءَ جو هي عام رواجي مثال ڏيئي سمجھائي رهيو آهيان. جيئن اڳي اوهان بڇڙائي ڪرڻ لاءِ پاڻ کي حرامڪاريءَ ۽ بدڪاريءَ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيو هو، تيئن هاڻي پوِتر ٿيڻ لاءِ پاڻ کي سچائيءَ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيو.
20جڏهن اوهين پاپ جا غلام هئا، تڏهن اوهان تي سچائيءَ جي ڪا پابندي نہ هئي. 21پوءِ جن ڪمن تي اوهين هن مهل شرمسار آهيو، تن کي ڪرڻ مان اوهان کي ڪهڙو فائدو مليو؟ ڪجھہ بہ نہ، ڇاڪاڻ تہ انهن ڪمن جو نتيجو تہ موت آهي. 22پر هاڻي اوهين پاپ کان آزاد ڪيا ويا آهيو ۽ ايشور جا غلام ٿيا آهيو، جنهن جو فائدو اوهان کي پوِترتائي جي صورت ۾ ملي ٿو ۽ انهيءَ جو نتيجو آهي امر جيون. 23بيشڪ پاپ جو لاڀ موت آهي، جڏهن تہ ايشور اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي وسيلي اسان کي پنهنجي ڪرپا واري بخشش يعني امر جيون بخشي ٿو.
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.