1
رومين 23:6
Hindu Sindi Bible NT
HSB
بيشڪ پاپ جو لاڀ موت آهي، جڏهن تہ ايشور اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي وسيلي اسان کي پنهنجي ڪرپا واري بخشش يعني امر جيون بخشي ٿو.
비교
رومين 6:23 살펴보기
2
رومين 14:6
سو اڳتي پاپ جو اوهان تي ڪوبہ اختيار نہ رهندو، ڇو تہ هاڻي اوهين نيم جي وس هيٺ نہ، بلڪ ايشور جي ڪرپا جي وس هيٺ آهيو.
رومين 6:14 살펴보기
3
رومين 4:6
تنهنڪري بپتسما جي وسيلي اسين سندس مرڻ ۾ شامل ٿي هن سان گڏ دفن ٿي ويا آهيون، انهيءَ لاءِ تہ جهڙيءَ طرح مسيح کي پتا جي مهان شڪتيءَ سان مئلن مان جيوت ڪيو ويو، تهڙيءَ طرح اسين بہ نئين سر جيون گذاريون.
رومين 6:4 살펴보기
4
رومين 13:6
پنهنجي شرير جي عضون کي پاپ جي حوالي نہ ڪريو، متان اهي بڇڙائيءَ جا هٿيار ٿين. پر پاڻ کي مئلن مان جيوت سمجھي ايشور جي حوالي ڪريو تہ جيئن اوهان جي شرير جا عضوا سچائيءَ جا هٿيار ٿين.
رومين 6:13 살펴보기
5
رومين 6:6
سو اسين ڄاڻون ٿا تہ اسان جي پراڻي انساني فطرت مسيح سان گڏ سوليءَ تي چاڙهي ويئي، تہ جيئن اسان جي شرير تان پاپ جو قبضو ختم ٿي وڃي ۽ اڳتي اسين پاپ جي غلاميءَ ۾ نہ رهون،
رومين 6:6 살펴보기
6
رومين 11:6
اهڙيءَ طرح اوهين بہ پاڻ کي پاپ جي نسبت مئل سمجھو، جڏهن تہ يسوع مسيح ۾ اوهين پنهنجو جيون ايشور لاءِ مخصوص سمجھو.
رومين 6:11 살펴보기
7
رومين 1:6-2
تہ پوءِ اسين ڇا چئون؟ ڇا ائين چئون تہ پاپ ڪندا رهون تہ جيئن ايشور جي ڪرپا وڌيڪ ٿئي؟ نہ، هرگز نہ. اسين جيڪي پاپ جي نسبت مري چڪا آهيون، سي وري ڪيئن پاپ وارو جيون گذاري ٿا سگھون؟
رومين 6:1-2 살펴보기
8
رومين 16:6
ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ جيڪڏهن اوهين ڪنهن جي وس هيٺ رهو ٿا تہ انهيءَ طرح اوهين پنهنجو پاڻ کي انهيءَ جا غلام ٿا بڻايو؟ هاڻي جيڪڏهن اوهين پاپ جي وس هيٺ رهندا تہ ان جو نتيجو موت آهي. پر جيڪڏهن ايشور جي وس هيٺ رهندا تہ ان جو نتيجو سچائي آهي.
رومين 6:16 살펴보기
9
رومين 17:6-18
حقيقت ۾ اوهين اڳي پاپ جا غلام هئا، پر ايشور جو شڪر آهي جو هاڻي اوهين انهيءَ سونپيل سکيا تي هلندي تن ۽ من سان ان جي وس هيٺ ٿيا آهيو. هائو، اوهين پاپ جي غلاميءَ کان آزاد ٿي سچائيءَ جا غلام بڻيا آهيو.
رومين 6:17-18 살펴보기