رومين 15

15
1انهيءَ کان علاوہ اسان مان جن جو وشواس مضبوط آهي سي ڪمزور وشواس وارن جي ڪمزورين کي برداشت ڪن ۽ پنهنجي مرضيءَ تي نہ هلن. 2اسان مان هر هڪ کي پنهنجي هم‌وشواسيءَ جي مرضيءَ جو لحاظ رکڻ گھرجي، تہ جيئن هن جي وشواس ۾ بہ واڌارو ٿئي. 3#زب 69‏:9 ڏسو، مسيح بہ پنهنجي مرضيءَ وارو جيون نہ گذاريو، جيئن پوِتر شاستر ۾ هن بابت بيان ڪيو ويو آهي تہ ”جن تو کي طعنا هنيا تن جا طعنا مون تي اچي پيا.“ 4جيڪي بہ ڳالهيون اڳي لکيون ويون آهن، سي اسان جي سکيا لاءِ آهن، تہ جيئن ثابت قدميءَ مان ۽ پوِتر شاستر کان مليل حوصلي مان اسان کي اميد حاصل ٿئي. 5سو ثابت قدمي بخشيندڙ ۽ حوصلو ڏيندڙ ايشور شل اوهان کي هيءَ شڪتي ڏئي جو اوهين يسوع مسيح جي پيروي ڪندي پاڻ ۾ هڪ دل ٿي رهو، 6انهيءَ لاءِ تہ اوهين سڀ گڏجي هڪ زبان سان ايشور جي مهما ڪريو، جيڪو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جو پتا آهي.
غير قومن لاءِ اميد
7تنهنڪري جيئن مسيح اوهان کي قبول ڪيو آهي تيئن اوهين بہ هڪٻئي کي قبول ڪريو، تہ جيئن ايشور جي مهما ٿئي. 8چوڻ جو مطلب هي آهي تہ مسيح يهودين جو سيواداري انهيءَ لاءِ بڻيو، تہ جيئن جيڪي وچن ايشور اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيا هئا سي پورا ڪري ايشور کي سچو ثابت ڪري 9#2.سم 22‏:50، زب 18‏:49 ۽ هن ڪري بہ تہ غير قومون پڻ ايشور جي ديا جي ڪري ايشور جي مهما ڪن. زبور جي ليکڪ جو اهو ئي مطلب هو جڏهن هن لکيو هو تہ
”آءٌ غير قومن ۾ تنهنجي مهما ڪندس.
هائو، آءٌ تنهنجي نالي جا ڀڄن ڳائيندس.“
10 # نيم 32‏:43 پوِتر شاستر ۾ وري ٻئي هنڌ لکيل آهي تہ
”اي غير قومون! ايشور جي قوم سان
گڏجي خوشي ڪريو.“
11 # زب 117‏:1 پوِتر شاستر ۾ هيئن بہ چيل آهي تہ
”اي غير قومون! اوهين سڀيئي
پرميشور جي مهما ڪريو.
اي سڀيئي قومون! اوهين سندس مهما ڪريو.“
12 # يس 11‏:10 وري سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ بہ چوي ٿو تہ
”يسيءَ جي پٽ راجا دائود جي اولاد مان ڪو ايندو.
هائو، اهو جيڪو غير قومن تي
حڪومت ڪرڻ لاءِ اٿي کڙو ٿيندو،
تنهن تي ئي غير قومون اميد رکنديون.“
13هاڻ جڏهن تہ اوهين وشواس تي قائم آهيو، تڏهن شل اميد بخشيندڙ ايشور اوهان کي خوشيءَ ۽ شانتيءَ سان ڀرپور ڪري، تہ جيئن پوِتر آتما جي شڪتيءَ سان اوهان جي اميد ۾ گھڻو واڌارو ايندو وڃي.
ايشور جي سيوا ڪرڻ ۾ پولس جو فخر
14اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! مون کي پڪ آهي تہ اوهين نيڪيءَ سان ڀرپور ۽ گھڻي کان گھڻي ڄاڻ رکندڙ آهيو ۽ هڪٻئي کي نصيحت ڪري سگھو ٿا. 15تنهن هوندي بہ هن خط ۾ ڪٿي ڪٿي اوهان کي ياد ڏيارڻ لاءِ مون ڪجھہ دليريءَ سان لکيو آهي، ڇاڪاڻ تہ ايشور مون تي اها ڪرپا ڪئي آهي تہ 16آءٌ يسوع مسيح جو سيوڪ ٿي غير قومن لاءِ ڪم ڪريان. سو آءٌ ڪاهن جي حيثيت وانگر مسيح بابت ايشور جي خوشخبريءَ جو پرچار ڪريان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ غير قومون پوِتر آتما جي مخصوص ۽ پوِتر ڪرڻ سان ايشور جي آڏو دان جي روپ ۾ قبول پون. 17تنهنڪري آءٌ ايشور جي سيوا ڪرڻ ۾ يسوع مسيح جي وسيلي ئي فخر ٿو ڪريان. 18سو آءٌ رڳو انهن ڪمن بابت دليريءَ سان ڳالهايان ٿو، جيڪي مسيح غير قومن کي ايشور جي وس هيٺ ڪرڻ لاءِ منهنجي چوڻ ۽ ڪرڻ جي وسيلي ڪيا. 19اهي ڪم ڪرامتن ۽ چمتڪارن جي طاقت وسيلي يعني پوِتر آتما جي شڪتيءَ سان ڪيا ويا. اهڙيءَ طرح مون يروشلم کان وٺي #15‏:19 اُلرڪم علائقي هي علائقو مڪدُنيا صوبي جي ڀرسان هو، جيڪو اٽلي ملڪ جي سامهون سمنڊ جي ٻئي پاسي هو.اُلرڪم علائقي تائين چئني پاسن مسيح بابت خوشخبريءَ جي پرچار واري سيوا پوري ڪري ڇڏي آهي. 20منهنجي آڏو رڳو هڪڙو ئي مقصد رهيو آهي تہ جتي اڳي مسيح جو نالو نہ ورتو ويو آهي اتي هن بابت خوشخبريءَ جو پرچار ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جي وڌل بنياد تي عمارت نہ اڏيان، 21#يس 52‏:15 بلڪ مون چاهيو تہ جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تيئن ئي ٿئي تہ
”جن تائين هن جي خبر بہ نہ پهتي آهي،
تن جون بند اکيون کلي وينديون،
۽ جن هن بابت ٻڌو بہ نہ آهي سي ڄاڻي وٺندا.“
پولس جو روم وڃڻ جو ارادو
22 # رو 1‏:13 اهو ئي سبب آهي جو آءٌ اوهان ڏانهن اچڻ کان ڪيترائي دفعا رڪجي ويس. 23پر هاڻي هنن علائقن ۾ منهنجي سيوا پوري ٿي چڪي آهي ۽ جيئن تہ ڪيترن ئي سالن کان مون کي سڪ رهي آهي تہ اوهان ڏانهن اچان، 24سو جڏهن آءٌ اسپين ملڪ ڏانهن ويندس، تڏهن اميد آهي تہ اوهان وٽان ٿيندو ويندس، تہ جيئن اوهان جي پيار مان منهنجي دل ڪجھہ قدر ڀرجي. پوءِ اوهين مون کي اسپين ڏانهن روانو ڪرڻ ۾ مدد ڪجو. 25#1.ڪر 16‏:1‏-4، 2.ڪر 8‏:1‏-4 پر هينئر تہ آءٌ يروشلم وارن مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن منجھہ سيوا ڪرڻ لاءِ اوڏانهن وڃي رهيو آهيان، 26ڇاڪاڻ تہ مڪدُنيا ۽ اخيا وارن ڀائرن ڀينرن جي مرضي آهي تہ هو يروشلم وارن مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن منجھہ جيڪي غريب آهن، تن لاءِ امداد موڪلين. 27#1.ڪر 9‏:11 انهن پاڻ اهو فيصلو ڪيو آهي. پر حقيقت ۾ مٿن اهو فرض بہ هو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي آتمڪ آسيسون يروشلم جي وشواسين کي مليون هيون، تن ۾ غير قومن کي بہ شريڪ ڪيو اٿائون. سو غير قومن تي واجب آهي تہ هو پنهنجن مالي وسيلن سان انهن جي مدد ڪن. 28جڏهن آءٌ اهو ضروري ڪم ختم ڪندس يعني انهن لاءِ گڏ ڪيل پوري امداد سندن حوالي ڪندس، تڏهن آءٌ اسپين ڏانهن ويندس ۽ رستي تي اوهان سان بہ ملندو ويندس. 29آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جڏهن آءٌ اوهان وٽ ايندس تڏهن مسيح جي پوري آسيس اسان تي پرگھٽ ٿيندي.
30اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! يسوع مسيح جيڪو اسان جو پرڀو آهي، تنهن جو واسطو ڏيئي ۽ پوِتر آتما جو پريم ياد ڏياري آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ مون سان گڏجي تن ۽ من سان ايشور کي منهنجي لاءِ پرارٿنا ڪريو 31تہ ايشور مون کي يهوديہ علائقي ۾ غير وشواسين کان بچائي ۽ يروشلم شهر وارن مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن وٽ منهنجي سيوا قبول پوي. 32پوءِ ايشور جي مرضيءَ موجب خوشيءَ سان اوهان وٽ اچان ۽ اوهان سان گڏ تازگي حاصل ڪريان.
33شانتي بخشيندڙ ايشور شل اوهان سڀني ساڻ هجي. آمين.

선택된 구절:

رومين 15: HSB

하이라이트

복사

비교

공유

None

모든 기기에 하이라이트를 저장하고 싶으신가요? 회원가입 혹은 로그인하세요