رومين 14
14
مضبوط ۽ ڪمزور وشواس وارا
1 #
ڪل 2:16
جنهن جو وشواس ڪمزور آهي تنهن کي قبول ڪريو ۽ شڪ شبهي بابت ساڻس بحث نہ ڪريو. 2هڪڙو ماڻهو مڃي ٿو تہ هر ڪا شيءِ کائڻ جائز آهي، پر ٻئي جو وشواس ڪمزور آهي سو رڳو ڀاڄي ٿو کائي. 3جيڪو سڀ ڪجھہ کائي ٿو سو نہ کائڻ واري کي گھٽ نہ سمجھي ۽ جيڪو نہ ٿو کائي سو کائڻ واري تي ڪابہ تهمت نہ هڻي، ڇاڪاڻ تہ ايشور ٻنهي کي قبول ڪيو آهي. 4سو تون ڪير ٿيندو آهين جو ڪنهن ٻئي جي نوڪر تي تهمت ٿو هڻين؟ انهيءَ کي قبول ڪرڻ يا نہ ڪرڻ جي فيصلي جو اختيار سندس مالڪ کي ئي آهي ۽ اهو قبول ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ تہ سندس مالڪ کيس قبول پوڻ جي لائق بڻائي سگھي ٿو.
5ڪو ماڻهو سمجھي ٿو تہ فلاڻو ڏينهن ٻين ڏينهن کان وڌيڪ خاص آهي، جڏهن تہ ٻئي ماڻهوءَ لاءِ سڀ ڏينهن هڪجهڙا آهن. هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي خيال تي پختو رهڻ گھرجي. 6جيڪڏهن ڪو ڪنهن ڏينهن کي سڀاڳو ٿو سمجھي تہ هو پرڀو يسوع جي لاءِ ائين ٿو سمجھي ۽ جيڪو گوشت ٿو کائي سو بہ پرڀوءَ جي واسطي کائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ هو انهيءَ لاءِ ايشور جو شڪر ادا ٿو ڪري. پر جيڪو نہ ٿو کائي سو بہ پرڀوءَ جي واسطي نہ ٿو کائي ۽ هو بہ انهيءَ لاءِ ايشور جو شڪر ادا ٿو ڪري. 7سو اسان مان ڪوبہ پنهنجي لاءِ جيوت نہ ٿو رهي، نڪي پنهنجي لاءِ ٿو مري. 8هائو، جيڪڏهن اسين جيوت رهون ٿا تہ پرڀو يسوع جي خاطر ۽ جي مرون ٿا تہ بہ پرڀو يسوع جي خاطر. سو اسين جيوت رهون توڙي مرون تہ بہ پرڀو يسوع جا ئي آهيون. 9مسيح انهيءَ لاءِ ئي مري ويو ۽ وري جيوت ٿي اٿيو تہ جيئن هو مئلن توڙي جيوت ماڻهن جو مالڪ ٿئي. 10#2.ڪر 5:10 تہ پوءِ تون پنهنجي ڪنهن هموشواسيءَ تي تهمت ڇو ٿو هڻين؟ يا وري انهيءَ کي گھٽ ڇو ٿو سمجھين؟ اسين تہ سڀ جو سڀ ايشور جي اڳيان پيش ڪيا وينداسين ۽ اهو ئي فيصلو ڪندو، 11#يس 45:23 جيئن پوِتر شاستر ۾ پرميشور فرمايو آهي تہ
”آءٌ ايشور پنهنجي جيون جو قسم کڻي چوان ٿو تہ
هر گوڏو منهنجي اڳيان جھڪندو،
۽ هر زبان مون ايشور جي مهما ڪندي.“
12مطلب تہ اسان مان هر هڪ ايشور کي پنهنجو پنهنجو حساب ڏيندو.
13تنهنڪري اسان کي گھرجي تہ اڳتي هڪٻئي کي ڏوهاري قرار نہ ڏيون، بلڪ اهو فيصلو ڪري ڇڏيون تہ اسان مان ڪوبہ ماڻهو ڪنهن ٻئي لاءِ ڪا اهڙي ڳالهہ نہ ڪندو، جيڪا سندس ٿاٻو کائڻ يا ڀَٽڪي وڃڻ جو سبب بڻجي. 14آءٌ ڄاڻان ٿو ۽ پرڀو يسوع جي وسيلي مون کي يقين آهي تہ اهڙي ڪابہ شيءِ نہ آهي جيڪا خود #14:14 اپوِتر هي لفظ پوِتر جو ضد آهي، جنهن کي ٻين ترجمن ۾ ”ناپاڪ“ يا ”پليت“ ۽ ڪن حوالن ۾ ”حرام“ پڻ لکيو ويو آهي.اپوِتر هجي. پر جيڪڏهن ڪنهن شيءِ کي ڪو اپوِتر سمجھي ٿو تہ پوءِ اها انهيءَ جي لاءِ اپوِتر آهي. 15سو جيڪڏهن تنهنجي ڪجھہ کائڻ ڪري تنهنجي ڪنهن ڀاءُ ڀيڻ کي رنج پهچي ٿو تہ پوءِ تون پيار جي اصولن تي نہ ٿو هلين. تون پنهنجي کاڌي جي ڪري انهيءَ شخص کي برباد نہ ڪر، جنهن جي خاطر مسيح پنهنجي جان ڏني آهي. 16تنهنڪري اهو احتياط ڪر تہ جنهن شيءِ کي تون چڱو ٿو سمجھين تنهن کي ٻيا خراب نہ سمجھندا هجن. 17ياد رک، ايشور جو راڄ کائڻ پيئڻ تي مدار نہ ٿو رکي، بلڪ اهو سچائيءَ، ڀائيچاري ۽ انهيءَ خوشيءَ تي ٻڌل آهي جيڪا اسان ۾ پوِتر آتما جي هئڻ ڪري آهي. 18سو جيڪو بہ اهڙي نموني مسيح جي سيوا ٿو ڪري، اهو ايشور کي پسند آهي ۽ ماڻهن کي بہ قبول آهي.
19پوءِ اچو تہ اسين اهڙا ڪم ڪندا رهون، جن سان ڀائيچارو پيدا ٿئي ۽ هڪٻئي جي وشواس کي وڌائي سگھون. 20اوهين کاڌي جي ڪري ايشور جي ڪم کي برباد نہ ڪريو. بيشڪ سڀ شيون پوِتر آهن، پر جنهن شيءِ جي کائڻ ڪري ڪو ٻيو ماڻهو ڀَٽڪي وڃي ٿو تہ کائڻ واري ماڻهوءَ لاءِ اها شيءِ خراب آهي. 21چڱو تہ ائين ٿيندو جو اوهين نہ گوشت کائو، نڪي مئي پيئو ۽ نہ وري ڪو اهڙو ڪم ڪريو، جنهن جي ڪري اوهان جو ڪو ڀاءُ ڀيڻ ڀَٽڪي وڃي. 22اهڙين ڳالهين بابت اوهان جو جيڪو وشواس آهي سو اوهان جي ۽ ايشور جي وچ ۾ رهي، يعني اهو پنهنجي دل ۾ ئي رکو. سڀاڳو آهي اهو ماڻهو جيڪو پاڻ کي انهيءَ ڪم جي ڪرڻ سان ڏوهاري قرار نہ ٿو ڏياري، جيڪو سندس نظر ۾ مناسب آهي. 23پر جيڪو ڪنهن شيءِ ۾ شڪ رکندي بہ اها کائيندو تہ اهو ڏوهاري ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ هو اها شيءِ جائز هجڻ جي وشواس سان نہ ٿو کائي ۽ جيڪي ڪجھہ وشواس سان نہ ڪيو وڃي سو پاپ آهي.
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.