سنتن جا ڪم 26
26
پولس جو اگرپا اڳيان صفائيءَ ۾ بيان ڏيڻ
1تڏهن اگرپا پولس کي چيو تہ ”تو کي آگيا آهي تہ تون پنهنجي پاران ڪجھہ چئُہ.“ پولس هٿ جو اشارو ڪندي پنهنجي صفائيءَ ۾ هي بيان ڏنو تہ 2”اي راجا اگرپا! آءٌ پاڻ کي ڀاڳ وارو ٿو سمجھان جو اڄ اوهان جي اڳيان انهن ڳالهين جي صفائيءَ ۾ بيان ڏيڻو اٿم جن جي يهودين مون تي تهمت هنئي آهي، 3ڇاڪاڻ تہ اوهين تہ يهودين جي سڀني ريتن رسمن ۽ ڌرمي تڪرارن کان چڱيءَ طرح واقف آهيو. سو منهنجي اوهان کي خاص وينتي آهي تہ مهرباني ڪري منهنجو بيان صبر سان ٻڌو.
4سڀيئي يهودي ڄاڻين ٿا تہ ننڍپڻ کان وٺي مون پنهنجو جيون پنهنجي ديس ۽ يروشلم شهر ۾ ڪيئن گذاريو آهي. 5#سن 23:6، فلپ 3:5 هائو، گھڻي عرصي کان وٺي اهي مون کي ڄاڻين ٿا ۽ جيڪڏهن مرضي هجين تہ شاهدي ڏين تہ ڪيئن آءٌ پنهنجي ڌرم جي سڀني کان سخت پابند پنٿ فريسيءَ موجب جيون گذاريندو هئس. 6سو هاڻي مون کي انهيءَ وچن جي اميد جي ڪري هتي ڪورٽ ۾ آڻي بيهاريو اٿن، جيڪو ايشور اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو هو. 7انهيءَ وچن جي پوري ٿيڻ جي اميد تي اسان جا ٻارهن ئي قبيلا تن ۽ من سان ڏينهن رات ايشور جي ڀڳتي ڪندا رهندا آهن. اي راجا اگرپا! انهيءَ اميد جي ڪري ئي يهودي مون تي تهمتون هڻن ٿا. 8هاڻ اي يهوديؤ! آءٌ اوهان کان پڇان ٿو تہ اوهان کي اها ڳالهہ ناممڪن ڇو ٿي لڳي تہ ايشور مئلن کي وري جيوت ڪري اٿاري ٿو؟
9 #
سن 8:3، 22:4-5 ڪنهن وقت آءٌ پاڻ ائين سمجھندو هئس تہ يسوع ناصريءَ جي سخت مخالفت ڪرڻ منهنجو فرض آهي. 10سو يروشلم ۾ آءٌ ائين ئي ڪندو هئس. سردار ڪاهنن کان اختياري وٺي مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل ڪيترن ئي ماڻهن کي جيل ۾ وجھرائيندو هئس ۽ کين قتل ڪرائڻ لاءِ انهن جي خلاف پنهنجو رايو بہ ڏيندو هئس. 11يهودين جي سڀني ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ گھڻا ئي دفعا انهن کي سزا ڏياري زوريءَ کانئن يسوع مسيح جي نندا ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو هئس، بلڪ انهن جي خلاف اهڙو تہ ڇتو ٿي لڳو هئس جو ٻاهرين شهرن ۾ بہ وڃي کين ستائيندو هئس.“
پولس جو پنهنجي تبديليءَ بابت ٻڌائڻ
(سنتن جا ڪم 9:1-19، 22:6-16)
12”انهيءَ ئي ڪم لاءِ هڪڙي دفعي آءٌ سردار ڪاهنن کان اختياريءَ جو حڪمنامو وٺي دمشق ڏانهن پئي ويس. 13اهو منجھند جو وقت هو، تڏهن، اي راجا اگرپا! رستي ويندي مون آڪاش مان هڪڙي روشني ڏٺي جيڪا سج کان بہ وڌيڪ تجليدار هئي، سا مون تي ۽ منهنجي ساٿين تي اچي چمڪي. 14اسين سڀ زمين تي ڪري پياسين تہ ان وقت مون عبراني ٻوليءَ ۾ هڪ آواز ٻڌو تہ ’سائول! اي سائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟ ڏاند وانگر پنهنجي مالڪ جي لٺ آڏو لت کڻي تون پاڻ کي نقصان ڇو ٿو پهچائين؟‘ 15مون پڇيو تہ ’اي سوامي! اوهين ڪير آهيو؟‘ تنهن تي هن وراڻيو تہ ’آءٌ يسوع آهيان، جنهن کي تون ستائين ٿو. 16پر هاڻي اُٿ ۽ سڌو ٿي بيهہ. مون هن مقصد لاءِ تو کي درشن ڏنو آهي تہ آءٌ تو کي پنهنجو داس ۽ شاهد مقرر ڪريان، تہ جيئن ٻين کي ٻڌائين تہ ڪيئن تو اڄ مون کي ڏٺو آهي ۽ آئيندہ جيڪي ڳالهيون تو کي ڏيکاريندو رهندس سي بہ کين ٻڌائين. 17آءٌ تو کي تنهنجي قوم کان بچائيندس ۽ انهن غير قومن کان بہ، جن ڏانهن آءٌ تو کي موڪليان ٿو. 18تو کي انهن جون اکيون کولڻيون آهن ۽ کين اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻڻو آهي. انهن کي شيطان جي چنبي کان آزاد ڪري ايشور ڏانهن موڙڻو آهي، تہ جيئن اهي مون تي وشواس آڻين ۽ پاپن جي معافي ملين ۽ هو ايشور جي پنهنجي قوم ۾ ليکيا وڃن.‘“
پولس جو پنهنجي ڪم بابت ٻڌائڻ
19”سو اي راجا اگرپا! مون کي آڪاش مان جيڪو درشن ڏنو ويو، تنهن کان منهن نہ موڙيو اٿم. 20#سن 9:20،28-29 پهريائين دمشق، پوءِ يروشلم شهر سميت يهوديہ جي سڄي علائقي ۽ غير قومن ۾ پڻ مون اهو پرچار ڪيو تہ اهي پنهنجن پاپن کان توبهہ ڪري ايشور ڏانهن ڦرن ۽ اهڙا ڪم ڪن جن مان سڌ پوي تہ هنن سچ پچ توبهہ ڪئي آهي. 21اهو ئي سبب هو جو يهودين مون کي هيڪل ۾ پڪڙي مارڻ جي ڪوشش ڪئي. 22پر اڄ تائين ايشور جي مدد مون ساڻ آهي، سو آءٌ پنهنجي ڳالهہ تي قائم آهيان ۽ هر غريب توڙي امير جي اڳيان هڪجهڙي شاهدي ٿو ڏيان. آءٌ رڳو اهي ڳالهيون ٿو ٻڌايان، جن بابت موسيٰ ۽ ايشور جو سنديش ڏيندڙ ٻيا سنت اڳڪٿي ڪري ويا آهن تہ اهي ضرور ٿينديون. 23#يس 42:6، 49:6، 1.ڪر 15:20 اهي هي آهن تہ مسيح تڪليفون سهي مرندو ۽ اهو ئي سڀ کان پهريائين مئلن مان جيوت ٿي اٿندو، تہ جيئن يهودين توڙي غير قومن کي روشنيءَ جي سڌ ڏئي.“
24جيئن ئي پولس هن نموني پنهنجي صفائي پيش ڪري رهيو هو تہ فيستس وڏي واڪي چيس تہ ”پولس تون ديوانو آهين. گھڻو پڙهي پڙهي تون چريو ٿي پيو آهين.“ 25تنهن تي پولس وراڻيس تہ ”جناب فيستس صاحب بهادر! آءٌ چريو نہ آهيان، پر سچ ۽ عقل جون ڳالهيون ٿو ڪريان. 26راجا، جنهن سان آءٌ بيڌڙڪ ٿي ڳالهايان ٿو، تنهن کي بہ انهن ڳالهين جي پوري ڄاڻ آهي، بلڪ پڪ اٿم تہ انهن مان ڪابہ ڳالهہ کانئس ڳجھي نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ اهي ڳالهيون ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ نہ ٿيون آهن. 27اي راجا اگرپا! ڇا اوهين ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنتن کي مڃو ٿا؟ هائو، آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين مڃيندا آهيو.“ 28تنهن تي اگرپا پولس کي چيو تہ ”تون ٿوري وقت ۾ مون کي مسيحي بڻائيندين ڇا؟“ 29پولس وراڻيو تہ ”منهنجي تہ ايشور جي در اها پرارٿنا آهي تہ ٿوري يا گھڻي وقت ۾ شل اوهين ۽ هي ٻيا جيڪي اڄ منهنجي ٻڌي رهيا آهن سي مون جهڙا ٿين، سواءِ هنن زنجيرن ۾ ٻڌجڻ جي.“
30پوءِ راجا اگرپا اٿي بيٺو ۽ گورنر، برنيڪي ۽ ٻيا جيڪي اتي ساڻن گڏ ويٺا هئا، سي سڀ بہ اُٿي بيٺا. 31هو ٻاهر نڪرندي هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هن ماڻهوءَ تہ اهڙو ڪوبہ ڏوهہ نہ ڪيو آهي جو کيس موت يا جيل جي سزا ڏني وڃي.“ 32پوءِ اگرپا فيستس کي چيو تہ ”هي ماڻهو جيڪڏهن قيصر کي اپيل نہ ڪري ها تہ جيڪر ڇٽي وڃي ها.“
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.