آءٌ تو کي تنهنجي قوم کان بچائيندس ۽ انهن غير قومن کان بہ، جن ڏانهن آءٌ تو کي موڪليان ٿو. تو کي انهن جون اکيون کولڻيون آهن ۽ کين اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻڻو آهي. انهن کي شيطان جي چنبي کان آزاد ڪري ايشور ڏانهن موڙڻو آهي، تہ جيئن اهي مون تي وشواس آڻين ۽ پاپن جي معافي ملين ۽ هو ايشور جي پنهنجي قوم ۾ ليکيا وڃن.‘“