YouVersion Logo
Search Icon

متي 9

9
اڌرنگي ماڻھوءَ کي شفا ڏيڻ
(مرقس ۱‏:۲‎–۱۲، لوقا ۱۷‏:۵‎–۲۶)
1عيسيٰ ٻيڙيءَ ۾ چڙھي ڍنڍ پار ڪري پنھنجي ڳوٺ ڪفرناحوم موٽي آيو. 2ڪن ماڻھن وٽس ھڪ اڌرنگي جي بيماريءَ وارو ماڻھو کٽولي تي کڻي آندو. عيسيٰ ڏٺو تہ ھنن جو ڪيڏو نہ ايمان آھي! سو اڌرنگي واري کي چيائين تہ ”پٽ، دلجاءِ ڪر، تنھنجا گناھہ بخشجي ويا.“ 3تنھن تي ڪي شريعت جا عالم سوچڻ لڳا تہ ”ھي ماڻھو تہ ڪفر ٿو بڪي.“ 4عيسيٰ سمجھي ويو تہ ھو ڇا سوچي رھيا آھن، سو کين چيائين تہ ”اوھين اھڙيون خراب ڳالھيون ڇو ٿا سوچيو؟ 5ڇا اھو سولو آھي جو ھن ماڻھوءَ کي چئجي تہ ’تنھنجا گناھہ بخشجي ويا،‘ يا کيس چئجي تہ ’اٿ ۽ گھم ڦر‘؟ 6پر آءٌ اوھان تي ثابت ڪندس تہ ابن⁠آدم کي دنيا ۾ ماڻھن جي گناھہ بخشڻ جي اختياري مليل آھي.“ سو اڌرنگي واري ماڻھوءَ کي چيائين تہ ”اٿ، پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھر ھليو وڃ.“ 7اھو ماڻھو اٿيو ۽ گھر ڏانھن روانو ٿيو. 8جڏھن ماڻھن ھي ڏٺو تہ عجب ۾ پئجي ويا ۽ خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا تہ انسان کي ھن ڪيڏي نہ طاقت ڏني آھي!
متيءَ کي سڏڻ
(مرقس ۱۳‏:۲‎–۱۷، لوقا ۲۷‏:۵‎–۳۲)
9عيسيٰ اتان روانو ٿيو ۽ رستي سان ھلندي ھن متيءَ نالي ھڪ شخص کي پنھنجي محصولي اڏي تي ويٺل ڏٺو. عيسيٰ ھن کي سڏي چيو تہ ”منھنجي پٺيان ھل.“ تنھن تي متي اٿيو ۽ سندس پٺيان ھلڻ لڳو.
10 # لو ۱‏:۱۵‎–۲ پوءِ جڏھن عيسيٰ پنھنجي شاگردن سان گڏ متيءَ جي گھر ۾ دسترخوان تي ويٺي کاڌو، تڏھن ڪيئي محصول اڳاڙيندڙ ۽ گنھگار آيا، جيڪي عيسيٰ ۽ سندس شاگردن سان گڏ کائڻ ويٺا. 11فريسين جڏھن اھا ڳالھہ ڏٺي تہ انھن عيسيٰ جي شاگردن کي چيو تہ ”اوھان جو استاد محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن سان گڏ ڇو ٿو کائي؟“ 12عيسيٰ ھي ٻڌي ورتو، سو چيائين تہ ”طبيب جي گھرج تندرستن کي نہ، بلڪ بيمارن کي ھوندي آھي. 13#مت ۷‏:۱۲، ھوس ۶‏:۶ وڃو ۽ وڃي سمجھو تہ ھن لکت جي معنيٰ ڇا آھي تہ ’مون کي جانورن جي قرباني نہ گھرجي پر رحم کپي،‘ ڇالاءِ⁠جو آءٌ نيڪن کي نہ پر گنھگارن کي سڏڻ لاءِ آيو آھيان.“
روزن بابت سوال
(مرقس ۱۸‏:۲‎–۲۲، لوقا ۳۳‏:۵‎–۳۹)
14پوءِ عيسيٰ وٽ يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جا شاگرد آيا ۽ چيائونس تہ ”اسين ۽ فريسي تہ اڪثر روزا رکون ٿا، پر اوھان جا شاگرد روزا ڇو نہ ٿا رکن؟“ 15تنھن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”جيستائين گھوٽ ڄاڃين سان گڏ آھي تيستائين ھو ڪي غمگين رھندا ڇا؟ پر ڪو وقت ايندو جڏھن گھوٽ انھن کان جدا ڪيو ويندو تہ ان وقت ھو بہ روزا رکندا.
16ڪوبہ ماڻھو پراڻي پھراڻ کي نئين ڪپڙي جي چتي نہ ٿو ھڻي. ائين ڪندو تہ نئين چتي پھراڻ کي ڦاڙي اڃا بہ وڏو انگھہ ڪري وجھندي. 17نہ وري ڪوبہ تازي مئي پراڻن ساندارن ۾ ٿو ڀري، جيڪڏھن ائين ڪندو تہ ساندارا ڦاٽي پوندا، مئي ھارجي ويندي ۽ ساندارا بہ زيان ٿيندا. تنھنڪري تازي مئي نون ساندارن ۾ وجھبي آھي تہ جيئن ٻيئي سلامت رھن.“
يھودي اڳواڻ جي ڌيءَ کي جيئرو ڪرڻ ۽ ھڪ عورت کي شفا ڏيڻ
(مرقس ۲۱‏:۵‎–۴۳، لوقا ۴۰‏:۸‎–۵۶)
18جڏھن عيسيٰ انھن کي ھي چئي رھيو ھو تڏھن يھودين جي مقامي عبادت⁠خاني جو ھڪڙو اڳواڻ وٽس آيو ۽ سجدو ڪري چيائين تہ ”ھينئر ئي منھنجي ڌيءَ مُئي آھي، پر اوھين ھلي ھٿ لائيندوس تہ ھوءَ جيئري ٿي پوندي.“ 19تڏھن عيسيٰ اٿيو ۽ شاگردن سميت ھن سان گڏجي ھليو.
20واٽ تي ڪا عورت ھئي جنھن کي ٻارھن سالن کان رت پيو ايندو ھو. ھوءَ عيسيٰ جي پٺيان آئي ۽ اچي سندس ڪپڙن جي پلوَ کي ھٿ لاتائين. 21ھن دل ۾ چيو تہ ”جيڪڏھن رڳو ڪپڙن کي بہ ھٿ لڳو تہ چڱي ڀلي ٿي پونديس.“ 22عيسيٰ ڦري انھيءَ عورت کي ڏٺو ۽ چيائين تہ ”دلجاءِ ڪر ڌيءَ، تنھنجي ايمان تو کي ڇٽايو آھي.“ انھيءَ ئي وقت اھا عورت چڱي ڀلي ٿي پيئي.
23پوءِ عيسيٰ اڳواڻ جي گھر پھتو ۽ ڏٺائين تہ جنازي تي ماتمي ساز پيا وڄن ۽ ماڻھن جو گوڙ لڳو پيو آھي. 24تنھن تي ھن چيو تہ ”سڀ ھليا وڃو، ڇوڪري مئي ڪانہ آھي پر ھوءَ ننڊ پيئي آھي.“ 25سڀيئي ان تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. ماڻھن جي ٻاھر نڪرڻ شرط عيسيٰ ڪمري ۾ ويو ۽ ڇوڪريءَ جي ھٿ کان ورتائين تہ ھوءَ اُٿي ويٺي. 26ھن واقعي جي خبر انھيءَ علائقي جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پکڙجي ويئي.
ٻن انڌن کي سڄو ڪرڻ
27جڏھن عيسيٰ ان جاءِ تان اڳتي وڌيو تہ ٻہ انڌا ماڻھو سندس پٺيان آيا ۽ رڙ ڪري چيائونس تہ ”اي ابن دائود! اسان تي ڪو رحم ڪريو.“ 28پوءِ عيسيٰ ھڪ گھر ۾ آيو تہ اھي انڌا بہ وٽس آيا ۽ ھن پڇين تہ ”ڇا اوھان کي يقين آھي تہ ھي ڪم آءٌ ڪري سگھان ٿو؟“ تنھن تي انھن جواب ڏنو تہ ”ھائو سائين.“ 29عيسيٰ انھن جي اکين کي ھٿ لاتو ۽ چيائين تہ ”ائين ئي ٿئي جيئن توھان جو ايمان آھي.“ 30تڏھن انھن جي ديد موٽي آئي. پوءِ کين سختيءَ سان تاڪيد ڪيائين تہ ”متان اھا ڳالھہ ڪنھن کي ٻڌايو.“ 31پر انھن وڃي علائقي جي ڪنڊڪڙڇ ۾ عيسيٰ جون ڳالھيون پکيڙي ڇڏيون.
ھڪ گونگي کي شفا ڏيڻ
32جيئن ئي اھي ٻيئي ٻاھر نڪرن پيا تہ ڪي ماڻھو ھڪ اھڙو شخص عيسيٰ وٽ وٺي آيا جيڪو ڳالھائي نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ⁠تہ ان ۾ ھڪ ڀوت ھو. 33جڏھن ڀوت کي ڪڍيو ويو تہ ماڻھوءَ ڳالھائڻ شروع ڪيو، تڏھن خلق عجب ۾ پئجي ويئي ۽ چوڻ لڳي تہ ”بني اسرائيل ۾ اسان اڳي ائين ٿيندي ڪونہ ڏٺو آھي.“ 34#مت ۲۵‏:۱۰، ۲۴‏:۱۲، مر ۲۲‏:۳، لو ۱۵‏:۱۱ پر فريسي چوڻ لڳا تہ ”ھو ڀوتن جي سردار جي مدد سان ماڻھن مان ڀوت ڪڍي ٿو.“
عيسيٰ جو ماڻھن تي رحم ڪرڻ
35 # مت ۲۳‏:۴، مر ۳۹‏:۱، لو ۴۴‏:۴ پوءِ عيسيٰ چوطرف شھرن ۽ ڳوٺن ۾ گھمندو رھيو. اُتي ھو سندن عبادت⁠خانن ۾ ماڻھن کي تعليم ڏيندو، بادشاھت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو ۽ ھر قسم جي مرضن ۽ بيمارين کان شفا ڏيندو رھيو. 36#ڳا ۱۷‏:۲۷، ۱.با ۱۷‏:۲۲، ۲.توا ۱۶‏:۱۸، حز ۵‏:۳۴، مر ۳۴‏:۶ ھن جڏھن ميڙ ڏٺا تہ سندس دل رحم سان ڀرجي ويئي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو ائين ڏکويل ۽ بي⁠سھارا ھئا جيئن رڍون ريڍار کان سواءِ ھجن. 37#لو ۲‏:۱۰ تنھنڪري پنھنجن شاگردن کي چيائين تہ ”فصل تہ ڏاڍو ڀلو ٿيو آھي پر ان کي لڻندڙ ٿورا آھن. 38تنھنڪري فصل جي مالڪ کي عرض ڪريو تہ لاباري لاءِ ماڻھو ڏياري موڪلي.“

Currently Selected:

متي 9: SCLNT

Tõsta esile

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy