YouVersion Logo
Search Icon

متي 8

8
ڪوڙھہ جھڙي مرض واري کي شفا ڏيڻ
(مرقس ۴۰‏:۱‎–۴۵، لوقا ۱۲‏:۵‎–۱۶)
1جڏھن عيسيٰ ٽڪر تان ھيٺ لٿو تہ وڏا ميڙ ھن جي پٺيان ھلڻ لڳا. 2ايتري ۾ ھڪڙو ڪوڙھہ جھڙي مرض وارو عيسيٰ وٽ آيو، جنھن کيس سجدو ڪري چيو تہ ”اي سائين! جيڪڏھن اوھين چاھيو تہ مون کي ڇٽائي پاڪ صاف ڪري سگھو ٿا.“ 3تنھن تي عيسيٰ پنھنجو ھٿ ڊگھيريو ۽ کيس لائيندي چيائين تہ ”آءٌ چاھيان ٿو تہ تون ڇٽي پاڪ صاف ٿيءُ.“ تڏھن ھڪدم ھن جو ڪوڙھہ جھڙو مرض لھي ويو. 4#لاو ۱‏:۱۴‎–۳۲ پوءِ عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”ٻڌ، متان ڪنھن کي اھا ڳالھہ ٻڌائين. پر سڌو وڃي ڪاھن کي پاڻ ڏيکار ۽ موسيٰ جي شريعت موجب پنھنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ قرباني ڪر، تہ جيئن ھر ڪنھن لاءِ شاھدي ٿئي تہ تون ھاڻي ڇٽي پاڪ صاف ٿيو آھين.“
فوجي صوبيدار جي نوڪر کي شفا ڏيڻ
(لوقا ۱‏:۷‎–۱۰)
5جڏھن عيسيٰ ڪفرناحوم ۾ داخل ٿيو تہ وٽس ھڪ فوجي صوبيدار آيو ۽ منٿ ڪري چيائينس تہ 6”سائين! منھنجو نوڪر اڌرنگي جي بيماريءَ ۾ گھر ۾ پيو آھي ۽ ڏاڍا عذاب پيو سھي.“ 7تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”آءٌ گھر ھلي ھن کي چڱو ڀلو ڪندس.“ 8تڏھن فوجي صوبيدار عرض ڪيو تہ ”سائين! آءٌ انھيءَ لائق نہ آھيان جو اوھين منھنجي جھوپڙيءَ ۾ اچو. رڳو حڪم ڪريو تہ منھنجو نوڪر خوش ٿي پوندو. 9آءٌ ٻين جو زيردست آھيان ۽ منھنجي ھيٺان بہ سپاھي آھن. جيڪڏھن ڪنھن کي چوان ’وڃ،‘ تہ ھو ويندو ۽ ڪنھن کي چوان ’اچ،‘ تہ ھو ايندو ۽ جي نوڪر کي چوان تہ ’ھي ڪم ڪر،‘ تہ ھو ڪندو.“ 10عيسيٰ اھو ٻڌي ھن تي عجب کائڻ لڳو ۽ جيڪي سندس پٺيان آيا پئي تن کي چوڻ لڳو تہ ”آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ مون کي ھن جھڙو ايمان بني اسرائيل ۾ ڪنھن ۾ بہ نظر نہ آيو. 11#لو ۲۹‏:۱۳ آءٌ اوھان کي ٻڌايان تہ ڪيترائي اڀرندي ۽ الھندي کان ايندا ۽ آسمان واري بادشاھت ۾ ابراھيم، اسحاق ۽ يعقوب سان اچي دسترخوان تي گڏ ويھندا. 12#مت ۱۳‏:۲۲، ۳۰‏:۲۵، لو ۲۸‏:۱۳ پر جيڪي بادشاھت جا وارث آھن تن کي ٻاھر اونداھيءَ ۾ اڇلايو ويندو، جتي ھو رڙيون ڪندا ۽ ڏند ڪرٽيندا.“ 13پوءِ عيسيٰ فوجي صوبيدار کي چيو تہ ”گھر وڃ، جيئن تون يقين ڪرين ٿو تيئن ئي تو لاءِ ڪيو ويندو.“ تڏھن انھيءَ گھڙيءَ ئي صوبيدار جو نوڪر چڱو ڀلو ٿي پيو.
گھڻن ماڻھن کي شفا ڏيڻ
(مرقس ۲۹‏:۱‎–۳۴، لوقا ۳۸‏:۴‎–۴۱)
14عيسيٰ جڏھن پطرس جي گھر ويو تہ اتي ڏٺائين تہ ھن جي سس بخار ۾ بستري تي بيمار پئي ھئي. 15عيسيٰ کيس ھٿ لاتو تہ سندس بخار ويندو رھيو. ھوءَ اٿي ويٺي ۽ سندس خدمت چاڪري ڪرڻ لڳي.
16جڏھن سانجھي ٿي تہ ماڻھو عيسيٰ وٽ ڪيترن ئي ڀوتن ورتلن کي وٺي آيا. ھن ھڪڙي لفظ سان انھن ڀوتن کي ڪڍي ڇڏيو ۽ سڀني بيمارن کي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيائين. 17#يس ۴‏:۵۳ ھن اھو ڪم ڪري يسعياہ نبيءَ جي ان قول کي سچو ثابت ڪري ڏيکاريو تہ ”ھن پاڻ اسان جون بيماريون ورتيون ۽ اسان جا مرض پنھنجي سر تي کنيا.“
عيسيٰ جا پوئلڳ ڪير؟
(لوقا ۵۷‏:۹‎–۶۲)
18عيسيٰ ڏٺو تہ ميڙ کيس ويڙھي ويو آھي، سو ھن پنھنجن شاگردن کي چيو تہ ”ڍنڍ جي ھن ڀر ھلو.“ 19ھڪ شريعت جو عالم عيسيٰ وٽ آيو ۽ کيس چوڻ لڳو تہ ”اي استاد! جيڏانھن اوھين ويندا اوڏانھن آءٌ بہ اوھان جي پٺيان ھلندس.“ 20عيسيٰ کيس جواب ڏنو تہ ”لومڙين کي ڏريون ۽ پکين کي آکيرا آھن، پر ابن⁠آدم کي اھا جاءِ بہ ڪانھي جتي مٿو لڪائي آرام ڪري.“ 21ھڪڙو ٻيو ماڻھو، جيڪو سندس شاگرد ھو، تنھن چيس تہ ”سائين! مون کي تيستائين موڪل ڏيو، جيستائين آءٌ پنھنجي پتا کي دفنائي اچان.“ 22تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”منھنجي پويان اچ ۽ ڇڏ تہ ڀلي مُڙدا وڃي مُڙدن کي دفنائين.“
عيسيٰ جو طوفان کي بند ڪرڻ
(مرقس ۳۵‏:۴‎–۴۱، لوقا ۲۲‏:۸‎–۲۵)
23جڏھن عيسيٰ ٻيڙيءَ ۾ چڙھي ويٺو تہ سندس شاگرد بہ ساڻس گڏ ھليا. 24اوچتو ئي ڍنڍ ۾ اھڙو زبردست طوفان آيو جو سندن ٻيڙي ڇولين ۾ ٻڏڻ لڳي، ان وقت يسوع اگھور ننڊ ۾ ھو. 25تڏھن شاگرد وٽس آيا ۽ جاڳائي چيائونس تہ ”اي سائين! اسان کي بچايو جو اسين ھاڻي تہ ٻڏڻ تي آھيون.“ 26تنھن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”اوھين ايترا ڊنل ڇو آھيو؟ ڇا اوھان جو ايمان ايترو ئي آھي؟“ ھو اٿيو ۽ ھوا ۽ ڇولين کي ڇينڀيائين تہ بلڪل ٺاپر ٿي ويئي. 27اھي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”ھي ڪھڙي قسم جو ماڻھو آھي جو ھوا ۽ پاڻيءَ کي بہ حڪم ٿو ڪري تہ اھي بہ مڃينس ٿا.“
ڀوتن ورتل ٻن ماڻھن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ
(مرقس ۱‏:۵‎–۲۰، لوقا ۲۶‏:۸‎–۳۹)
28پوءِ عيسيٰ ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر گراسينين جي علائقي ۾ آيو تہ اتي ٻہ ڄڻا قبرستان مان نڪري اچي ساڻس مليا. اھي ٻئي اھڙي قسم جي ڀوتن سان ورتل ھئا جو ڪوبہ ماڻھو انھيءَ رستي سان لنگھي نہ سگھندو ھو. 29عيسيٰ کي ڏسڻ سان ھو رڙيون ڪري چوڻ لڳا تہ ”اي ابن خدا! تنھنجو اسان سان ڪھڙو واسطو آھي؟ ڇا تون وقت کان اڳي اسان کي عذاب ڏيڻ آيو آھين؟“ 30ويجھو ئي سوئرن جو ھڪ وڏو ڌڻ چري رھيو ھو. 31ڀوتن عيسيٰ کي منٿ ڪئي تہ ”جيڪڏھن اوھين اسان کي ڪڍو ٿا تہ اسان کي موڪل ڏيو تہ سوئرن جي ڌڻ ۾ وڃون.“ 32تنھن تي عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”ڀلي وڃو.“ تڏھن اھي نڪري سوئرن ۾ گھڙي ويا ۽ سوئرن جو اھو سڄو ڌڻ لاھيءَ تان ھيٺ ڌوڪيندو وڃي ڍنڍ ۾ پيو ۽ ٻڏي مري ويو. 33ڌڻ چارڻ وارا اھو ڏسي شھر ڏانھن ڀڳا ۽ ڀوتن ورتل ماڻھن جو سمورو احوال ڪري ٻڌايائون. 34تنھن تي سڄو شھر عيسيٰ سان ملڻ لاءِ ٻاھر نڪري آيو. جڏھن ھن کي ڏٺائون تہ منٿ ڪري چوڻ لڳس تہ ”سائين! مھرباني ڪري اسان جي علائقي مان ھليا وڃو.“

Currently Selected:

متي 8: SCLNT

Tõsta esile

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy