YouVersion Logo
Search Icon

متي 16

16
عيسيٰ کان معجزي جي طلب
(مرقس ۱۱‏:۸‎–۱۳، لوقا ۵۴‏:۱۲‎–۵۶)
1 # مت ۳۸‏:۱۲، لو ۱۶‏:۱۱ عيسيٰ وٽ ڪي فريسي ۽ صدوقي آيا. کيس آزمائڻ لاءِ چيائون تہ ”اسان کي آسمان مان ڪو معجزو ڏيکار.“ 2پر عيسيٰ انھن کي ورندي ڏني تہ ”جڏھن سج لھڻ مھل آسمان ڳاڙھو ٿو ٿئي تہ اوھين چئو ٿا تہ ’ڏاڍي صاف موسم ٿيندي،‘ 3۽ جڏھن صبح جو آسمان ڳاڙھو ۽ جھڙالو ٿو ٿئي تہ چئو ٿا تہ ’اڄ مينھن پوندو.‘ اوھان کي آسمان جي نشانين جي تہ خبر پوي ٿي پر زماني جي نشانين جي خبر نہ ٿي پئيوَ. 4#مت ۳۹‏:۱۲، لو ۲۹‏:۱۱ ھن زماني جا ماڻھو ڪيترا نہ بڇڙا ۽ بي⁠ايمان آھن جو مون کان معجزو ٿا گھرن. پر انھن کي يونس جي معجزي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ معجزو نہ ڏيکاريو ويندو.“ پوءِ ھو انھن کي ڇڏي روانو ٿي ويو.
فريسين ۽ صدوقين جو خميرو
(مرقس ۱۴‏:۸‎–۲۱)
5شاگرد ڍنڍ جي ھُن ڀر ويا، پر کين ماني کڻڻ وسري ويئي. 6#لو ۱‏:۱۲ پوءِ عيسيٰ چين تہ ”ڏسو، فريسين ۽ صدوقين جي خميري کان ھوشيار ٿجو.“ 7ھو پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”ھن اسان کي اھو انھيءَ ڪري چيو جو اسين ماني ڪونہ کڻي آيا آھيون.“ 8عيسيٰ سندن ڳالھہ سمجھي ويو، سو چيائين تہ ”اوھان جو ايمان ڪيترو نہ ڪمزور آھي. ڇو ٿا پاڻ ۾ سوال جواب ڪريو تہ ’اسان وٽ ماني ڪونھي؟‘ 9#مت ۱۷‏:۱۴‎–۲۱ اڃا تائين اوھين نہ ٿا سمجھو؟ ڇا اوھان کي ياد نہ آھي تہ اوھان پنجن مانين جا ڳڀا پنج ھزار ماڻھن ۾ ورھايا ھئا؟ ۽ اوھان ڪيتريون کاريون بچيل ڳڀن جون ڀري کنيون ھيون؟ 10#مت ۳۴‏:۱۵‎–۳۸ ۽ نہ وري ست مانيون چار ھزار ماڻھن ۾ ورھائڻ ياد اٿوَ تہ ان وقت اوھان ڪيتريون کاريون ڀري کنيون ھيون؟ 11مون اوھان کي ماني بابت نہ چيو، پر اوھين ڇو نہ ٿا سمجھو؟ پاڻ کي فريسين ۽ صدوقين جي خميري کان ھوشيار ڪجو.“ 12پوءِ شاگردن سمجھيو تہ ھو مانيءَ ۾ ڪم ايندڙ خميري کان خبردار نہ پيو ڪري پر فريسين ۽ صدوقين جي تعليم کان ھوشيار رھڻ لاءِ پيو چوي.
پطرس جو عيسيٰ بابت اظھار
(مرقس ۲۷‏:۸‎–۳۰، لوقا ۱۸‏:۹‎–۲۱)
13جڏھن عيسيٰ قيصريہ فلپيءَ جي علائقي ۾ آيو تہ پنھنجن شاگردن کان پڇيائين تہ ”ماڻھو ابن⁠آدم بابت ڇا ٿا چون تہ ھو ڪير آھي؟“ 14#مت ۱‏:۱۴‎–۲، مر ۱۴‏:۶‎–۱۵، لو ۷‏:۹‎–۸ انھن وراڻيو تہ ”ڪي چون ٿا تہ اوھين يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارا آھيو، ڪي چون ٿا تہ الياس نبي آھيو ۽ ٻيا وري چون ٿا تہ يرمياہ يا ٻين نبين مان ڪوبہ ھڪ آھيو.“ 15عيسيٰ پڇين تہ ”اوھين ڇا ٿا چئو تہ آءٌ ڪير آھيان؟“ 16#يو ۶۸‏:۶‎–۶۹ تنھن تي شمعون پطرس وراڻيو تہ ”تون مسيح، زندہ خدا جو فرزند آھين.“ 17عيسيٰ چيس تہ ”اي يوحنا جا پٽ شمعون! تون سڀاڳو آھين، ڇاڪاڻ⁠تہ ھيءَ حقيقت تو کي ڪنھن انسان کان نہ پر منھنجي آسمان واري پيءُ کان ملي آھي. 18آءٌ بہ تو کي چوان ٿو تہ تون #ٽڪر: اصل ۾ يوناني لفظ ”پطرس“ لکيل آھي جنھن جي معنيٰ آھي ”ٽڪر“.ٽڪر آھين ۽ ان ٽڪر تي آءٌ پنھنجي ڪليسيا اڏيندس جيڪا موت جي طاقت تي غالب پوندي. 19#مت ۱۸‏:۱۸، يو ۲۳‏:۲۰ آءٌ تو کي آسمان واري بادشاھت جون ڪنجيون ڏيندس ۽ جنھن ڳالھہ جي تون زمين تي منع ڪندين تہ بھشت ۾ بہ منع ڪئي ويندي ۽ جنھن ڳالھہ جي تون زمين تي اجازت ڏيندين تہ بھشت ۾ بہ ان جي اجازت ڏني ويندي.“ 20پوءِ عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي تاڪيد ڪيو تہ ”ڪنھن کي بہ نہ ٻڌائجو تہ آءٌ مسيح آھيان.“
عيسيٰ جو پنھنجي ڏک ۽ موت بابت ٻڌائڻ
(مرقس ۳۱‏:۸‎–۱‏:۹، لوقا ۲۲‏:۹‎–۲۷)
21انھيءَ وقت کان پوءِ عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي کليو کلايو چئي ڇڏيو تہ ”آءٌ يروشلم ضرور ويندس ۽ اتي بزرگن، سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن جون گھڻيون سختيون سھندس. مون کي ماريو ويندو ۽ ٽئين ڏينھن تي وري جيئرو ٿي اٿندس.“ 22پطرس کيس پاسيرو وٺي ويو ۽ سختيءَ سان چوڻ لڳس تہ ”اي خداوند! خدا خير ڪري، شل تو سان ائين نہ ٿئي.“ 23عيسيٰ ڦري پطرس کي چيو تہ ”اي شيطان! منھنجي اکين اڳيان ٽري وڃ. منھنجي راھہ ۾ تون رڪاوٽ آھين، ڇالاءِ⁠جو تون خدا وانگر نہ پر ماڻھن وانگر ٿو سوچين.“
24 # مت ۳۸‏:۱۰، لو ۲۷‏:۱۴ پوءِ عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي چيو تہ ”جيڪڏھن ڪو منھنجي پٺيان ھلڻ گھري تہ ھو پنھنجي خوديءَ کي ماري ۽ پنھنجو صليب کڻي منھنجي پٺيان ھلي. 25#مت ۳۹‏:۱۰، لو ۳۳‏:۱۷، يو ۲۵‏:۱۲ ڇالاءِ⁠جو جيڪو چاھي ٿو تہ ’آءٌ پنھنجي جان بچايان،‘ سو اھا وڃائيندو، پر جيڪو منھنجي لاءِ پنھنجي جان ڏيندو تنھن کي اھا ملندي. 26ڀلا ماڻھوءَ کي انھيءَ مان ڪھڙو فائدو جو سڄي دنيا تہ ھٿ ڪري پر پنھنجي جان وڃائي ڇڏي؟ ماڻھو ڪجھہ بہ ڏيئي پنھنجي جان وري حاصل ڪري نہ ٿو سگھي. 27#مت ۳۱‏:۲۵، زب ۱۲‏:۶۲، رو ۶‏:۲ انھيءَ ڪري جو ابن⁠آدم پنھنجي پيءُ جي جلوي ۾ ملائڪن سان گڏ ايندو ۽ ھر ھڪ ماڻھوءَ کي سندس ڪمن موجب اجر ڏيندو. 28آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪي ھتي بيٺا آھن تن مان ڪي ايستائين موت جو ذائقو نہ چکندا، جيستائين ھو ابن⁠آدم کي سندس بادشاھت ۾ ايندو نہ ڏسندا.“

Currently Selected:

متي 16: SCLNT

Tõsta esile

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy