YouVersion Logo
Search Icon

متي 15

15
وڏن جون ريتون ۽ رسمون
(مرقس ۱‏:۷‎–۱۳)
1تنھن کان پوءِ يروشلم مان ڪي فريسي ۽ شريعت جا عالم عيسيٰ وٽ آيا ۽ چيائونس تہ 2”تنھنجا شاگرد وڏن جي ريتن رسمن کي ڇو ٿا ڀڃن؟ ڇالاءِ⁠جو ھو ماني کائڻ وقت سندن رسم موجب ھٿ ڪونہ ٿا ڌوئن.“ 3عيسيٰ جواب ڏنن تہ ”اوھين بہ پنھنجي ريتن رسمن جي ڪري خدا جو حڪم ڇو ٿا ڀڃو؟ 4#خر ۱۲‏:۲۰، ۱۷‏:۲۱، شر ۱۶‏:۵، لاو ۹‏:۲۰ ڇالاءِ⁠جو خدا فرمايو آھي تہ ’پنھنجي پيءُ ۽ ماءُ جي عزت ڪريو‘ ۽ ’جيڪوبہ پنھنجي پيءُ يا ماءُ جي گلا ڪري تہ ان کي اڦٽ ماريو وڃي.‘ 5پر اوھين ماڻھن کي سيکاريو ٿا تہ جيڪڏھن ڪنھن وٽ ڪا اھڙي شيءِ آھي جنھن سان ھو پنھنجي پيءُ يا ماءُ جي گھرج پوري ڪري سگھيو ٿي، پر ھو چوي ٿو تہ ’اھا خدا جي نذر ٿي چڪي آھي،‘ 6تہ پوءِ ڀلي پنھنجي پيءُ جي عزت نہ ڪري. اھڙيءَ طرح اوھين پنھنجي ريتن رسمن جي ڪري خدا جي ڪلام کي رد ڪريو ٿا. 7اي رياڪارو! بيشڪ خدا يسعياہ نبيءَ جي معرفت اوھان بابت ڪيتري قدر نہ صحيح چيو آھي تہ
8 # يس ۱۳‏:۲۹ ’ھيءَ قوم پنھنجن چپن سان تہ مون کي عزت ڏئي ٿي،
پر ھنن جي دل مون کي نہ ٿي گھري.
9ھو منھنجي عبادت اجائي ٿا ڪن،
ڇالاءِ⁠جو ھو ماڻھن جا حڪم ائين ٿا سيکارين
ڄڻ تہ اُھي منھنجا حڪم آھن.‘“
انسان کي پليت ڪرڻ واريون شيون
(مرقس ۱۴‏:۷‎–۲۳)
10پوءِ عيسيٰ سڄي خلق کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”ٻڌو ۽ سمجھو 11تہ جيڪابہ شيءِ وات مان اندر ٿي وڃي سا ماڻھوءَ کي پليت نہ ٿي ڪري. پر جيڪا شيءِ وات مان نڪري ٿي سا ئي ماڻھوءَ کي پليت ڪري ٿي.“
12تڏھن شاگردن اچي چيس تہ ”اوھان کي خبر نہ آھي ڇا تہ اوھان جي ھن ڳالھہ جي ڪري فريسين کي سخت مٺيان لڳي آھي؟“ 13تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪو سلو منھنجي آسمان واري پيءُ نہ پوکيو آھي سو ضرور پٽيو ويندو. 14#لو ۳۹‏:۶ انھن بابت ڳڻتي نہ ڪريو ڇاڪاڻ⁠تہ ھو انڌا اڳواڻ آھن. جيڪڏھن انڌو انڌي جي اڳواڻي ڪندو تہ ٻئي وڃي کڏ ۾ ڪرندا.“ 15تنھن تي پطرس پڇيو تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ انھيءَ مثال جي معنيٰ ڇا آھي.“ 16عيسيٰ چيو تہ ”اوھين بہ اڃا تائين بي⁠سمجھہ آھيو ڇا؟ 17ايتري بہ خبر نہ ٿي پئيوَ تہ جيڪي وات اندر وڃي ٿو سو پيٽ ۾ وڃي ٿو ۽ اتان نيٺ ٻاھر نڪري وڃي ٿو. 18#مت ۳۴‏:۱۲ پر جيڪي شيون وات مان نڪرن ٿيون سي دل مان ٿيون اچن ۽ اھي ئي شيون انسان کي پليت ڪن ٿيون، 19ڇالاءِ⁠جو انسان جي دل مان بڇڙا خيال نڪرن ٿا، جيڪي خون، زناڪاري، حرامڪاري، چوري، ڪوڙي شاھدي ۽ گلا ڪرائين ٿا. 20اھي ئي تہ شيون آھن جيڪي انسان کي پليت ڪن ٿيون. پر اڻ⁠ڌوتل ھٿن سان کائڻ ماڻھوءَ کي پليت نہ ٿو ڪري.“
ھڪ عورت جو ايمان
(مرقس ۲۴‏:۷‎–۳۰)
21پوءِ عيسيٰ اتان روانو ٿي صور ۽ صيدا شھرن جي علائقي ڏانھن ويو. 22اتان جي ھڪ ڪنعاني عورت ھن وٽ آئي ۽ رڙ ڪري چيائينس تہ ”اي سائين! اي ابن دائود! مون تي رحم ڪريو. منھنجي ڌيءَ کي ڀوت آھي، جيڪو کيس ڏاڍو ھلاک ٿو ڪري.“ 23پر عيسيٰ ان عورت کي ڪو جواب نہ ڏنو. سندس شاگردن وٽس اچي منٿ ڪري چيس تہ ”ھن کي روانو ڪريو جو ھوءَ اسان جي پٺيان رڙيون ڪندي اچي ٿي.“ 24تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”آءٌ رڳو بني اسرائيل جي گھراڻي جي گمراھہ ٿيل رڍن لاءِ موڪليو ويو آھيان.“ 25پر ھوءَ اچي عيسيٰ جي پيرن تي ڪري پيئي ۽ چيائينس تہ ”اي سائين! منھنجي مدد ڪريو.“ 26عيسيٰ چيس تہ ”اھو واجب نہ آھي جو ٻارن جي ماني کڻي ڪتن کي اڇلائي ڏجي.“ 27پر عورت جواب ڏنو تہ ”اھو تہ برابر آھي پر ڪتا بہ تہ مالڪن جي دسترخوان جا ڪريل ٽڪر کائيندا آھن.“ 28تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”اي عورت! تون تہ وڏي ايمان واري آھين. جيڪو تون گھرين ٿي اھو تو لاءِ ڪيو ويندو.“ انھيءَ وقت ئي ان عورت جي ڌيءَ چڱي ڀلي ٿي پيئي.
گھڻن ماڻھن کي شفا ڏيڻ
29عيسيٰ اتان روانو ٿي گليل ڍنڍ جي ڪناري سان ھلڻ لڳو. پوءِ ھو ھڪڙي ٽڪر تي چڙھي ويو ۽ اُتي ويھي رھيو. 30ماڻھن جا وڏا ميڙ وٽس آيا جن پاڻ سان منڊا، انڌا، ٽُنڊا، گونگا ۽ ٻيا ڪيترا ئي بيمار آندا. انھن کي عيسيٰ جي پيرن وٽ ويھاريائون ۽ ھن کين شفا ڏيئي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو. 31جڏھن انھن ڏٺو تہ گونگا ڳالھائين ٿا، ٽُنڊا سڄا ٿي پيا آھن، منڊا گھمن ٿا ۽ انڌا ڏسن ٿا تڏھن ھو ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ بني اسرائيل جي خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا.
چار ھزار ماڻھن کي کارائڻ
(مرقس ۱‏:۸‎–۱۰)
32عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”مون کي ھنن ماڻھن لاءِ ڏاڍو ڏک ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھي ٽن ڏينھن کان وٺي مون سان گڏ آھن ۽ ھاڻي وٽن ڪجھہ بہ ڪونھي جو کائين. آءٌ نہ ٿو چاھيان تہ اھي بکيا ھليا وڃن، ڇو⁠تہ متان ھي رستي تي ساڻا ٿي پون.“ 33تنھن تي شاگردن چيس تہ ”ھتي سڃ ۾ اسين ھيڏي ساري خلق کي کارائڻ لاءِ ايتري ماني ڪٿان آڻينداسين؟“ 34عيسيٰ پڇين تہ ”اوھان وٽ ڪيتريون مانيون آھن؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”ست مانيون ۽ ٿوريون ڪُرڙيون.“ 35تنھن تي عيسيٰ ماڻھن کي حڪم ڏنو تہ ”زمين تي ويھو.“ 36پوءِ ھن ست ئي مانيون ۽ مڇيون ھٿن تي کڻي انھن ۾ برڪت گھري ۽ ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪندو شاگردن کي ڏيندو ويو ۽ شاگرد خلق کي ڏيندا ويا. 37انھن سڀني کائي ڍءُ ڪيو، تڏھن بہ ٽڪر ڳڀا ايترا تہ بچيا جو شاگردن ست کاريون ڀري کنيون. 38جن ماڻھن کاڌو تن جو تعداد عورتن ۽ ٻارن کان سواءِ چار ھزار ھو.
39پوءِ عيسيٰ ماڻھن کي روانو ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ ٻيڙيءَ ۾ چڙھي مگدن جي علائقي ڏانھن ھليو ويو.

Currently Selected:

متي 15: SCLNT

Tõsta esile

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy