YouVersion Logo
Search Icon

رومين 1

1
1ھي خط عيسيٰ مسيح جي غلام پولس جي طرفان آھي، جنھن کي خدا رسول ڪري چونڊيو ۽ کيس پنھنجي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ خاص طور مقرر ڪيو آھي.
2خدا ھن خوشخبريءَ جو واعدو اڳي ئي پاڪ لکتن ۾ پنھنجن نبين جي معرفت ڪيو ھو. 3اھا خوشخبري سندس فرزند، يعني اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح بابت آھي، جيڪو جسماني لحاظ کان تہ دائود جي نسل مان پيدا ٿيو، 4پر پاڪيزگيءَ واري روح جي لحاظ کان ھو خدا جي وڏي قدرت وارو فرزند ثابت ٿيو، جڏھن ھو مئلن مان وري جيئرو ٿي اٿيو. 5انھيءَ جي ئي معرفت خدا مون تي اھو ڪرم ڪيو جو آءٌ مسيح جي خاطر رسول مقرر ٿيس، انھيءَ لاءِ تہ آءٌ سڀني قومن جي ماڻھن کي ھي پيغام ڏيان تہ ھو ايمان آڻين ۽ فرمانبردار ٿين. 6انھن ماڻھن ۾ اوھين بہ شامل آھيو، جن کي خدا عيسيٰ مسيح جو پوئلڳ ٿيڻ لاءِ چونڊيو آھي.
7ھي خط انھن سڀني ڏانھن آھي، جيڪي روم شھر ۾ خدا جا پيارا آھن ۽ پاڪ ٿيڻ لاءِ چونڊيا ويا آھن. شل اوھان تي اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي ھجي.
پولس جي روم وڃڻ جي تمنا
8سڀ کان پھريائين آءٌ اوھان سڀني لاءِ عيسيٰ مسيح جي معرفت پنھنجي خدا جو شڪر ادا ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان جي ايمان جون ڳالھيون سڄيءَ دنيا ۾ ٿي رھيون آھن. 9خدا، جنھن جي فرزند جي خوشخبري ٻڌائڻ ۾ آءٌ پنھنجي دل⁠وجان سان سندس خدمت ٿو ڪريان، سو منھنجو شاھد آھي تہ آءٌ اوھان کي ھردم پنھنجي دعائن ۾ ياد ڪريان ٿو، 10۽ ھميشہ اھو عرض ڪندو رھندو آھيان تہ خدا ڪري جو مون کي ڪنھن نہ ڪنھن سبب اوھان وٽ اچڻ جو موقعو ملي. 11مون کي اوھان سان ملڻ جي ڏاڍي سڪ آھي، انھيءَ لاءِ تہ اوھان کي ڪا روحاني بخشش پھچايان، جنھن جي وسيلي اوھين پنھنجي ايمان ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيو، 12يعني منھنجو مطلب آھي تہ اسان ٻنھي کي مدد ملندي، اوھان جي ايمان سان مون کي ۽ منھنجي ايمان سان اوھان کي.
13 # رس ۲۱‏:۱۹ اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھان کي خبر ھئڻ گھرجي تہ مون ڪيترائي دفعا اوھان ڏانھن اچڻ جو ارادو ڪيو ھو، پر ھيستائين ڪنھن نہ ڪنھن سبب ڪري اچي نہ سگھيس. جيئن منھنجو ڪم غير قوم جي ٻين ماڻھن ۾ ڪامياب ٿيو آھي، تيئن منھنجي مرضي آھي تہ اوھان ۾ بہ ڪامياب ٿئي. 14مون تي سڀني جو فرض آھي، توڙي جو اھي سڌريل ھجن يا اڻ⁠سڌريل، پڙھيل ھجن يا اڻ⁠پڙھيل. 15تنھنڪري منھنجي اھا تمنا آھي تہ آءٌ پنھنجي وس آھر اوھان روم وارن کي بہ خوشخبري ٻڌايان.
خوشخبريءَ جي قدرت
16 # مر ۳۸‏:۸ مون کي خوشخبريءَ ۾ پورو ڀروسو آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ اھا ڇوٽڪاري ڏيڻ لاءِ سڀني ايمان آڻيندڙن جي واسطي خدا جي قدرت آھي، پھريائين يھودين لاءِ پوءِ غير قومن لاءِ. 17#حبق ۴‏:۲ ڇاڪاڻ⁠تہ انھيءَ خوشخبريءَ مان اھو ظاھر آھي تہ خدا ماڻھن کي پاڻ ڏانھن ڪيئن سچار ٿو ڪري. اھو رڳو ايمان جي ئي وسيلي شروعات کان وٺي پڇاڙيءَ تائين ٿئي ٿو. جيئن لکيل آھي تہ
”جنھن کي ايمان جي وسيلي خدا ڏانھن سچار ڪيو ويو آھي،
تنھن کي ئي زندگي ملندي.“
انسانذات جي بي⁠ديني
18جيڪي ماڻھو پنھنجي بڇڙائيءَ جي ڪري سچ کي لڪائي ٿا ڇڏين، تن جي اھڙي بي⁠ديني ۽ بڇڙائيءَ تي آسمان مان خدا جو غضب نازل ٿئي ٿو. 19ڇاڪاڻ⁠تہ جو ڪجھہ خدا بابت انسانن کي معلوم ٿي سگھي ٿو، سو سندن لاءِ صاف ظاھر آھي، جو اھو خدا پاڻ انھن تي ظاھر ڪيو آھي. 20خدا جون ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ صفتون، يعني سندس دائمي قدرت ۽ ذات دنيا جي شروعات کان وٺي سندس خلقيل شين مان ظاھر ظھور پيون ڏسجن. تنھنڪري انھن کي ڪوبہ بھانو نہ آھي. 21#اف ۱۷‏:۴‎–۱۸ ڇالاءِ⁠جو انھن خدا کي سڃاڻي بہ سندس خدائيءَ جي لائق وڏائي بيان نہ ڪئي ۽ نڪي سندس شڪرگذاري ڪيائون، بلڪ پنھنجن اجاين خيالن ۾ منجھي پيا ۽ سندن بي⁠سمجھہ دلين تي اوندھہ ڇانئجي ويئي. 22ھو پاڻ کي سياڻو تہ سڏائين پيا، پر حقيقت ۾ بي⁠عقل ھئا. 23#شر ۱۶‏:۴‎–۱۸ انھن غير فاني خدا جي جلوي جي بجاءِ فاني انسانن، پکين، چوپاين ۽ جيت⁠جڻن کي خدا سمجھيو.
24سو خدا انھن کي سندن دلين جي خواھشن موجب گندين عادتن ۾ ڇڏي ڏنو، تہ جيئن اھي پاڻ ۾ ھڪٻئي سان بي⁠حيائيءَ جا ڪم ڪن. 25انھن سچي خدا جي بدران ڪوڙ کي قبول ڪيو ۽ خدا جي خلقيل شين کي عزت ڏيئي انھن جي پوڄا ڪئي، پر انھيءَ خالق کي ڇڏي ڏنائون، جنھن جي واکاڻ ھميشہ ٿيندي رھندي. آمين.
26تنھنڪري خدا انھن کي سندن گندين خواھشن ۾ ڇڏي ڏنو، ڇالاءِ⁠جو انھن جي زالن پنھنجو فطري ڪم ڇڏي پاڻ ۾ ھڪ ٻئي سان بدفعلي ڪئي. 27اھڙيءَ طرح مردن بہ زالن سان فطري ڪم ڇڏي ڏنو. ھو شھوت ۾ مست ٿي ويا ۽ پاڻ ۾ ھڪ ٻئي سان بدفعلي ڪيائون. انھيءَ شھوت⁠پرستيءَ جي کين جوڳي سزا ملي.
28جھڙيءَ طرح ھنن خدا کي سڃاڻڻ کان منھن موڙيو، تھڙيءَ طرح خدا بہ کين بڇڙن ڪمن ۾ ڇڏي ڏنو، تہ جيئن ھو گمراھيءَ جا ڪم ڪندا رھن. 29ھو ھر طرح جي بڇڙائي، بدي، لالچ، بدنيتي، ريس، خون، جھيڙي، ٺڳي ۽ ساڙ سان ڀرجي ويا. ھو چغلخور، 30گلاخور، خدا کان نفرت ڪندڙ، بي⁠ادب، مغرور، ٻٽاڪي، برايون پيدا ڪندڙ، ماءُ⁠پيءُ جا نافرمان، 31بي⁠سمجھہ، واعدو نہ پاڙيندڙ، بي⁠قربا ۽ بي⁠رحم ٿي پيا. 32جيتوڻيڪ انھن کي خدا جي انھيءَ حڪم جي ڄاڻ آھي تہ جيڪي ماڻھو ھي ڪم ڪن ٿا سي موت جي لائق آھن، تنھن ھوندي بہ اھي نہ رڳو پاڻ ھي ڪم ڪن ٿا، پر جيڪي ٻيا اھي ڪم ڪن ٿا تن کان بہ راضي آھن.

Currently Selected:

رومين 1: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy