YouVersion Logo
Search Icon

يوحنا 8

8
عورت جو زنا ۾ پڪڙجڻ
1عيسيٰ زيتون جي ٽڪر ڏانھن ھليو ويو 2۽ صبح جو سوير وري ھيڪل ۾ آيو جتي سڀيئي ماڻھو اچي وٽس گڏ ٿيا ۽ ھو ويھي کين تعليم ڏيڻ لڳو. 3شريعت جي عالمن ۽ فريسين ھڪڙي عورت کي آندو جنھن کي زنا ڪندي پڪڙيو ھئائون، تنھن کي وچ ۾ بيھاري 4عيسيٰ کي چيائون تہ ”اي استاد! ھيءَ عورت زنا ڪندي پڪڙي ويئي آھي. 5#لاو ۱۰‏:۲۰، شر ۲۲‏:۲۲‎–۲۴ شريعت ۾ موسيٰ اسان کي حڪم ڏنو آھي تہ اھڙن کي سنگسار ڪري ڇڏيون. ھاڻي تون ھن بابت ڇا ٿو چوين؟“ 6انھن کيس ڦاسائڻ لاءِ ائين چيو تہ جيئن مٿس تھمت ھڻن. پر عيسيٰ نِوڙي زمين تي پنھنجيءَ آڱر سان لکڻ لڳو. 7جڏھن ھو کانئس پڇندا رھيا، تڏھن ھن ڪنڌ مٿي ڪري چين تہ ”اوھان مان جنھن ڪڏھن بہ ڪو ⁠گناھہ نہ ڪيو ھجي، سو پھريائين ھن عورت کي پٿر ھڻي.“ 8وري بہ ھو نِوڙي زمين تي پنھنجيءَ آڱر سان لکڻ لڳو. 9جڏھن انھن اھا ڳالھہ ٻڌي تڏھن انھن مان پھريائين وڏا ۽ پوءِ ننڍا ھڪڙو ھڪڙو ٿي ھليا ويا. پوءِ رڳو عيسيٰ اڪيلو وڃي رھيو ۽ اھا عورت بيٺي رھي. 10عيسيٰ ڪنڌ مٿي ڪري انھيءَ عورت کي چيو تہ ”اي مائي! اھي ڪيڏانھن ويا؟ ڇا ھتي ڪوبہ ڪونہ آھي جو تو کي سزا ڏئي؟“ 11انھيءَ عورت وراڻيو تہ ”سائين! نہ، ڪوبہ ڪونھي.“ تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”چڱو آءٌ بہ تو کي سزا نہ ٿو ڏيان. سو وڃ، پر وري گناھہ نہ ڪجانءِ.“
عيسيٰ جي شاھدي سچي آھي
12 # مت ۱۴‏:۵، يو ۵‏:۹ عيسيٰ وري فريسين سان ڳالھائيندي چيو تہ ”آءٌ دنيا جي روشني آھيان. جيڪو بہ منھنجي پيروي ڪري ٿو، تنھن کي زندگيءَ جي روشني ملندي ۽ وري ڪڏھن بہ اونداھيءَ ۾ نہ گھمندو.“ 13#يو ۳۱‏:۵ تنھن تي فريسين کيس چيو تہ ”تون پنھنجي شاھدي پاڻ ڏئين ٿو، سو تنھنجي شاھدي سچي نہ آھي.“ 14عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”جيتوڻيڪ آءٌ پنھنجي شاھدي پاڻ ٿو ڏيان تہ بہ منھنجي شاھدي سچي آھي، ڇالاءِ⁠جو مون کي خبر آھي تہ آءٌ ڪٿان آيو آھيان ۽ ڪيڏانھن وڃان ٿو. پر اوھان کي خبر ڪانھي تہ آءٌ ڪٿان آيو آھيان ۽ ڪيڏانھن وڃان ٿو. 15اوھين رڳو انساني طرح فيصلو ڪريو ٿا پر آءٌ ڪنھن جو بہ فيصلو نہ ٿو ڪريان. 16جيڪڏھن آءٌ فيصلو ڪريان بہ ھا تہ منھنجو فيصلو سچو ھجي ھا، ڇالاءِ⁠جو آءٌ اڪيلو اھو ڪم نہ ٿو ڪريان پر منھنجو پيءُ، جنھن مون کي موڪليو آھي، سو بہ مون سان آھي. 17#شر ۱۵‏:۱۹ اوھان جي شريعت ۾ بہ لکيل آھي تہ ’ٻن شخصن جي شاھدي سچي آھي.‘ 18سو ھڪڙو آءٌ آھيان جو پاڻ پنھنجي شاھدي ٿو ڏيان ۽ ٻيو پيءُ، جنھن مون کي موڪليو آھي، سو بہ مون بابت شاھدي ٿو ڏئي.“ 19تنھن تي انھن پڇيس تہ ”تنھنجو پيءُ ڪٿي آھي؟“ عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”اوھين نہ مون کي سڃاڻو ٿا ۽ نڪي منھنجي پيءُ کي. جيڪڏھن اوھين مون کي سڃاڻو ھا تہ منھنجي پيءُ کي بہ سڃاڻو ھا.“
20عيسيٰ اھي ڳالھيون ان وقت چيون جنھن وقت ھو ھيڪل جي خزاني واري ڪمري ۾ تعليم ڏيئي رھيو ھو ۽ کيس ڪنھن بہ نہ پڪڙيو، ڇاڪاڻ⁠تہ اڃا سندس وقت نہ آيو ھو.
جتي آءٌ ويندس اتي اوھين اچي نہ سگھندا
21عيسيٰ وري انھن کي چيو تہ ”آءٌ ھليو ويندس ۽ اوھين مون کي ڳوليندا، پر اوھين اتي اچي نہ سگھندا جتي آءٌ ويندس ۽ اوھين پنھنجن گناھن ۾ مرندا.“ 22تنھن تي يھودي اڳواڻن چيو تہ ”ھي چوي ڇا ٿو تہ ’جتي آءٌ ويندس اتي اوھين اچي نہ سگھندا؟‘ انھيءَ جي معنيٰ تہ ھو پنھنجو پاڻ کي ماريندو ڇا؟“ 23عيسيٰ وراڻيو تہ ”اوھين ھيٺ جا آھيو، پر آءٌ مٿان آيو آھيان. اوھين ھن دنيا جا آھيو، پر آءٌ ھن دنيا جو نہ آھيان. 24اھو ئي سبب آھي جو مون اوھان کي ٻڌايو تہ اوھين پنھنجن گناھن ۾ مرندا. جيڪڏھن اوھين اھو نہ مڃيندا تہ آءٌ اھو ئي آھيان، تہ پوءِ اوھين ضرور پنھنجن گناھن ۾ مرندا.“ 25تنھن تي انھن پڇيس تہ ”تون ڪير آھين؟“ عيسيٰ وراڻيو تہ ”آءٌ اھو ئي آھيان، جيئن شروعات کان وٺي اوھان کي ٻڌائيندو آيو آھيان. 26اوھان بابت فيصلي ڪرڻ لاءِ مون وٽ ڪيتريون ئي ڳالھيون آھن. جنھن مون کي موڪليو آھي سو سچو آھي ۽ جيڪي ⁠بہ ڳالھيون مون کانئس ٻڌيون آھن، سي ئي آءٌ دنيا کي ٻڌايان ٿو.“
27انھن اھو نہ سمجھيو تہ ھو ساڻن پيءُ بابت ڳالھائي رھيو آھي. 28سو عيسيٰ کين چيو تہ ”جڏھن اوھين ابن⁠آدم کي مٿي چاڙھيندا، تڏھن اوھان کي خبر پوندي تہ آءٌ اھو ئي آھيان. آءٌ پنھنجي طرفان ڪجھہ بہ نہ ٿو ڪريان، پر اھو ئي ڪجھہ چوان ٿو جيڪي پيءُ مون کي سيکاريو آھي. 29جنھن مون کي موڪليو آھي سو مون سان آھي. ھن مون کي اڪيلو نہ ڇڏيو آھي، ڇالاءِ⁠جو آءٌ ھميشہ اھي ڪم ڪريان ٿو جيڪي کيس پسند آھن.“ 30تنھن تي ڪيترن ئي عيسيٰ جون ھي ڳالھيون ٻڌي مٿس ايمان آندو.
ابراھيم جو نہ، پر شيطان جو اولاد
31پوءِ جن يھودين مٿس ايمان آندو ھو، عيسيٰ تن کي چيو تہ ”جيڪڏھن اوھين منھنجي تعليم تي قائم رھندا تہ اوھين سچ⁠پچ منھنجا شاگرد آھيو. 32پوءِ اوھان کي سچ جي خبر پوندي ۽ اھو سچ اوھان کي آزاد ڪندو.“ 33#مت ۹‏:۳، لو ۸‏:۳ تنھن تي انھن وراڻيو تہ ”اسين ابراھيم جو اولاد آھيون ۽ ڪڏھن بہ ڪنھن جا غلام نہ ٿيا آھيون، تہ پوءِ تنھنجي انھيءَ چوڻ جو مقصد ڇا آھي تہ ’اوھين آزاد ٿيندا‘؟“ 34عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪو بہ گناھہ ٿو ڪري سو گناھہ جو غلام آھي. 35خاندان ۾ غلام کي ڪوبہ حق نہ آھي، پر پٽ کي ھر ڪو حق حاصل آھي. 36تنھنڪري جيڪڏھن فرزند اوھان کي آزاد ڪندو تہ اوھين سچ⁠پچ آزاد ٿيندا. 37مون کي خبر آھي تہ اوھين ابراھيم جو اولاد آھيو، تہ بہ اوھين مون کي مارڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين منھنجي ڪلام کي دل ۾ جاءِ نہ ٿا ڏيو. 38آءٌ اوھان کي اھو ٻڌايان ٿو جيڪي مون پيءُ وٽ ڏٺو آھي، پر اوھين اھي ڪم ڪريو ٿا جيڪي اوھان پنھنجي پيءُ کان ٻڌا آھن.“
39تنھن تي انھن وراڻيو تہ ”اسان جو پيءُ تہ ابراھيم آھي.“ عيسيٰ چين تہ ”جيڪڏھن اوھين ابراھيم جو اولاد ھجو ھا تہ اوھين بہ انھيءَ جھڙا ڪم ڪريو ھا. 40پر اوھين مون کي مارڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا، جنھن اوھان کي سچ ٻڌايو آھي. مون اھو ئي ٻڌايو آھي جيڪو مون خدا کان ٻڌو آھي. ابراھيم تہ اھڙو ڪم ڪونہ ڪيو ھو. 41اوھين اھي ڪم ڪريو ٿا جيڪي اوھان جي پيءُ ڪيا آھن.“ تڏھن انھن وراڻيو تہ ”اسان جو پيءُ تہ رڳو خدا آھي ۽ اسين سندس ئي حقيقي اولاد آھيون.“ 42عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”جيڪڏھن خدا اوھان جو پيءُ ھجي ھا تہ اوھين مون سان پيار ڪريو ھا، ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ خدا وٽان آيو آھيان. آءٌ پاڻ ئي ڪين آيو آھيان پر ھن مون کي موڪليو آھي. 43اوھين منھنجو ڳالھائڻ ڇو نہ ٿا سمجھو؟ اھو انھيءَ لاءِ تہ اوھين منھنجي ڪلام کي ٻڌي نہ ٿا سگھو. 44اوھين پنھنجي پيءُ يعني شيطان جا فرزند آھيو ۽ پنھنجي پيءُ جون مرضيون پوريون ڪرڻ گھرو ٿا. شروعات کان وٺي ھو خوني ھو ۽ ھن ڪڏھن بہ سچ جو پاسو نہ ورتو آھي، ڇالاءِ⁠جو ھن ۾ سچ نہ آھي. جڏھن ھو ڪوڙ ٿو ڳالھائي تہ پنھنجي طبيعت موجب ٿو ڳالھائي، ڇالاءِ⁠جو ھو ڪوڙو آھي ۽ ڪوڙ جو باني آھي. 45پر آءٌ سچ ٿو چوان، تنھنڪري اوھين مون تي ايمان نہ ٿا آڻيو. 46اوھان مان ڪو اھڙو آھي، جيڪو ثابت ڪري تہ مون گناھہ ڪيو آھي؟ جيڪڏھن آءٌ سچ ٿو چوان تہ پوءِ اوھين مون تي ڇو نہ ٿا ايمان آڻيو؟ 47جيڪو خدا وٽان اچي ٿو سو خدا جون ڳالھيون ٻڌي ٿو. اوھين انھيءَ ڪري نہ ٿا ٻڌو ڇالاءِ⁠جو اوھين خدا وٽان نہ آيا آھيو.“
عيسيٰ ۽ ابراھيم
48سو انھن يھودين عيسيٰ کي چيو تہ ”ڇا اسين سچ نہ چئي رھيا ھئاسين تہ تون سامرين وانگر ڪافر آھين ۽ تو ۾ ڀوت آھي؟“ 49عيسيٰ وراڻيو تہ ”مون ۾ ڀوت ڪونھي، پر آءٌ پنھنجي پيءُ جي عزت ٿو ڪريان ۽ اوھين منھنجي بي⁠عزتي ٿا ڪريو. 50آءٌ پنھنجي ساراھہ نہ ٿو چاھيان، پر ھڪڙو آھي جيڪو چاھي ٿو تہ منھنجي ساراھہ ٿئي ۽ اھو منھنجي فائدي ۾ فيصلو ڪري ٿو. 51آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪو بہ منھنجي ڪلام تي عمل ڪري ٿو سو ڪڏھن بہ نہ مرندو.“ 52انھن يھودين کيس چيو تہ ”ھاڻي اسان کي خبر پئي تہ تو ۾ ڀوت آھي. ابراھيم مري ويو ۽ نبي بہ مري ويا تہ بہ تون چوين ٿو تہ ’جيڪو منھنجي ڪلام تي عمل ڪندو سو ڪڏھن بہ نہ مرندو.‘ 53اسان جو پيءُ ابراھيم جيڪو مري ويو تنھن کان بہ تون وڏو آھين ڇا؟ نبي بہ مري ويا تہ تون پاڻ کي ڇا ٿو سمجھين؟“ 54عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪڏھن آءٌ پنھنجي ساراھہ ڪريان تہ منھنجي ساراھہ ڪا معنيٰ نہ ٿي رکي. پر جيڪو منھنجي ساراھہ ڪري ٿو سو منھنجو پيءُ آھي، جنھن جي لاءِ اوھين چئو ٿا تہ ’اھو اسان جو خدا آھي.‘ 55اوھان ھن کي ڪڏھن بہ نہ سڃاتو آھي پر آءٌ کيس ڄاڻان ٿو. جيڪڏھن آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ ھن کي نہ ٿو ڄاڻان تہ آءٌ بہ اوھان جھڙو ڪوڙو ٿيندس. پر آءٌ کيس ڄاڻان ٿو ۽ سندس ڪلام تي عمل ڪريان ٿو. 56اوھان جو پيءُ ابراھيم منھنجي انھيءَ ڏينھن جي ڏسڻ جي اميد تي ڏاڍو خوش ھو. ھُن اھو ڏينھن ڏٺو ۽ خوش ٿيو.“ 57تنھن تي انھن چيس تہ ”تون پنجاھہ ورھين جو بہ ڪين آھين، پوءِ تو ڪيئن ابراھيم کي ڏٺو؟“ 58عيسيٰ وراڻيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ ابراھيم جي ڄمڻ کان اڳي بہ آءٌ آھيان.“ 59تنھن تي انھن عيسيٰ کي سنگسار ڪرڻ لاءِ پٿر کنيا، پر عيسيٰ پاڻ کي کڻي لڪايو ۽ ھيڪل مان نڪري ھليو ويو.

Currently Selected:

يوحنا 8: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy