YouVersion Logo
Search Icon

يوحنا 17

17
شاگردن لاءِ دعا
1انھن ڳالھين ڪرڻ کانپوءِ عيسيٰ آسمان ڏانھن نھاري چيو تہ ”اي بابا! اھا گھڙي آئي آھي. ھاڻي تون پنھنجي فرزند جو جلوو ظاھر ڪر تہ فرزند تنھنجو جلوو ظاھر ڪري. 2ڇالاءِ⁠جو تو کيس سڀني ماڻھن تي اختيار ڏنو آھي تہ ھو انھن کي دائمي زندگي بخشي جيڪي تو کيس ڏنا آھن. 3دائمي زندگي اھا آھي تہ اھي تو ھڪ سچي خدا کي ۽ مون عيسيٰ مسيح کي سڃاڻين، جنھن کي تو موڪليو آھي. 4جيڪو ڪم تو مون کي ڪرڻ لاءِ ڏنو ھو، سو مون پورو ڪري تنھنجو جلوو دنيا تي ظاھر ڪيو آھي. 5اي بابا! ھاڻي پنھنجي حضور ۾ مون کي اھو جلوو بخش، جيڪو دنيا جي پيدا ٿيڻ کان اڳ مون کي تو سان گڏ ھو.
6دنيا مان جيڪي ماڻھو تو مون کي ڏنا ھئا، تن تي مون تو کي ظاھر ڪيو آھي. اھي تنھنجا ھئا ۽ تو ئي مون کي ڏنا آھن. انھن تنھنجي ڪلام تي عمل ڪيو آھي. 7ھاڻي انھن اھو ڄاڻي ورتو آھي تہ جيڪي ڪجھہ تو مون کي ڏنو آھي سو سڀ تو وٽان ئي آھي. 8ڇالاءِ⁠جو ڪلام، جيڪو تو مون کي ڏنو سو مون انھن کي ڏنو آھي ۽ انھن اھو قبول ڪيو آھي. انھن کي پڪ آھي تہ آءٌ تو وٽان آيو آھيان ۽ ايمان آندو اٿن تہ تو ئي مون کي موڪليو آھي.
9آءٌ انھن لاءِ دعا گھران ٿو. دنيا لاءِ آءٌ دعا نہ ٿو گھران پر انھن ماڻھن لاءِ جيڪي تو مون کي ڏنا آھن، ڇاڪاڻ⁠تہ اھي تنھنجا آھن. 10جيڪي ڪجھہ مون وٽ آھي سو تنھنجو آھي ۽ جيڪي ڪجھہ تو وٽ آھي سو منھنجو آھي ۽ انھن جي وسيلي منھنجو جلوو ظاھر ٿيو آھي. 11ھاڻي آءٌ تو ڏانھن اچي رھيو آھيان ۽ دنيا ۾ وڌيڪ نہ رھندس، پر اھي اڃا دنيا ۾ رھندا. اي پاڪ بابا! انھن کي پنھنجي انھيءَ نالي جي قدرت سان سلامت رک جيڪو تو مون کي ڏنو آھي، انھيءَ لاءِ تہ اھي گڏجي ھڪ ٿي وڃن، جيئن تون ۽ آءٌ ھڪ آھيون. 12#زب ۹‏:۴۱، يو ۱۸‏:۱۳ جيستائين آءٌ انھن سان گڏ ھوس، تيستائين تنھنجي انھيءَ نالي جي قدرت سان جيڪو نالو تو مون کي ڏنو آھي، کين سلامت رکندو آيو آھيان. مون انھن جي سنڀال ڪئي آھي. جيڪو برباد ٿيڻو ھو تنھن کان سواءِ ٻيو ڪوبہ منجھائن برباد نہ ٿيو آھي، تہ جيئن پاڪ لکت پوري ٿئي. 13ھاڻي آءٌ تو وٽ اچي رھيو آھيان. پر جيستائين آءٌ دنيا ۾ آھيان تيستائين اھي ڳالھيون انھيءَ لاءِ ٻڌايان ٿو تہ جيئن انھن جي دلين ۾ منھنجي خوشي پوري ٿئي. 14مون انھن کي تنھنجو ڪلام ڏنو آھي پر دنيا انھن کان نفرت ڪري ٿي، ڇالاءِ⁠جو اھي دنيا جا نہ آھن جيئن آءٌ دنيا جو نہ آھيان. 15منھنجي دعا اھا نہ آھي تہ تون کين دنيا مان کڻي وٺ، پر اھا دعا آھي تہ کين انھيءَ بڇڙي کان بچاءِ. 16جيئن آءٌ دنيا جو نہ آھيان تيئن اھي بہ دنيا جا نہ آھن. 17انھن کي سچ جي وسيلي مخصوص ڪر. تنھنجو ڪلام سچ آھي. 18جيئن تو مون کي دنيا ۾ موڪليو آھي، تيئن مون بہ انھن کي دنيا ۾ موڪليو آھي. 19انھن جي خاطر آءٌ پاڻ کي مخصوص ٿو ڪريان، تہ جيئن اھي سچ جي وسيلي تو لاءِ مخصوص ڪيا وڃن.
20آءٌ رڳو انھن لاءِ دعا نہ ٿو گھران، پر انھن لاءِ بہ دعا گھران ٿو جيڪي سندن تعليم جي وسيلي مون تي ايمان آڻيندا، 21انھيءَ لاءِ تہ اھي سڀ گڏجي ھڪ ٿين. اي بابا! شل اھي اسان ۾ اھڙيءَ طرح گڏجي ھڪ ٿين جھڙيءَ طرح تون مون ۾ آھين ۽ آءٌ تو ۾ آھيان، تہ جيئن دنيا ايمان آڻي تہ تو مون کي موڪليو آھي. 22اھو جلوو جو تو مون کي ڏنو آھي سو مون کين ڏنو آھي، تہ جيئن اھي گڏجي ھڪ ٿين جھڙيءَ طرح اسين پاڻ ۾ ھڪ آھيون. 23يعني آءٌ انھن ۾ آھيان ۽ تون مون ۾، تہ جيئن اھي پوريءَ طرح پاڻ ۾ ھڪ ٿي وڃن. اھڙيءَ طرح دنيا کي خبر پوي تہ تو مون کي موڪليو آھي ۽ تون انھن سان ايترو پيار ڪرين ٿو جيترو تو مون سان ڪيو آھي.
24اي بابا! منھنجي مرضي آھي تہ جيڪي تو مون کي ڏنا آھن سي جتي آءٌ آھيان اتي مون سان گڏ ھجن، تہ جيئن اھي اھو جلوو ڏسن جو تو مون کي ڏنو آھي، ڇالاءِ⁠جو تو دنيا جي پيدا ٿيڻ کان اڳ بہ مون سان پيار ڪيو. 25اي سچا بابا! دنيا تو کي نہ سڃاتو پر مون تو کي سڃاتو آھي ۽ ھنن کي اھا خبر آھي تہ تو مون کي موڪليو آھي. 26مون تو کي انھن تي ظاھر ڪيو آھي ۽ اڃا بہ ڪندس، انھيءَ لاءِ تہ جيڪو پيار تو مون سان ڪيو آھي سو انھن ۾ ھجي ۽ آءٌ بہ انھن ۾ ھجان.“

Currently Selected:

يوحنا 17: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy