YouVersion Logo
Search Icon

يوحنا 10

10
رڍن جي واڙي جو مثال
1”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪو ماڻھو رڍن جي واڙي ۾ در کان نہ ٿو گھڙي پر ڪنھن ٻئي پاسي کان ٽپي اچي ٿو، سو چور ۽ ڌاڙيل آھي. 2جيڪو ماڻھو در کان واڙي ۾ گھڙي ٿو سو رڍن جو ريڍار آھي. 3دربان ھن لاءِ در کولي ٿو ۽ رڍون ھن جو آواز ٻڌن ٿيون. ھو نالو وٺي پنھنجين رڍن کي سڏي ٿو ۽ کين ٻاھر آڻي ٿو. 4جڏھن ھو انھن سڀني کي ٻاھر ڪڍي اچي ٿو، تڏھن ھو سندن اڳيان ٿي ھلي ٿو ۽ رڍون ھن جي پٺيان ھلن ٿيون، ڇالاءِ⁠جو اھي ھن جو آواز سڃاڻن ٿيون. 5اھي ڪنھن ڌارئي جي پٺيان نہ ھلنديون، بلڪ انھيءَ کان پري ڀڄي وينديون، ڇاڪاڻ⁠تہ اھي ڌارين جو آواز نہ ٿيون سڃاڻين.“
6عيسيٰ انھن کي ھي مثال ٻڌايو پر انھن نہ سمجھيو تہ ھو ڇا چئي رھيو آھي.
عيسيٰ ھڪ چڱو ريڍار
7سو عيسيٰ وري چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ رڍن لاءِ اھو در آءٌ آھيان. 8ٻيا جيڪي ⁠بہ مون کان اڳ ۾ آيا ھئا سي چور ۽ ڌاڙيل ھئا، پر رڍن انھن جي نہ ٻڌي. 9آءٌ اھو در آھيان ۽ جيڪو بہ مون مان اندر گھڙندو سو بچي ويندو. ھو اندر ٻاھر ايندو ويندو ۽ گاھہ بہ ملندس. 10چور رڳو انھيءَ مطلب لاءِ اچي ٿو تہ چوري ڪري، ماري ۽ برباد ڪري. پر آءٌ انھيءَ لاءِ آيو آھيان تہ کين زندگي ملي، بلڪ ڀرپور زندگي ملين.
11آءٌ چڱو ريڍار آھيان ۽ چڱو ريڍار رڍن لاءِ پنھنجي جان بہ ڏئي ٿو. 12جيڪو مزور آھي سو نہ ريڍار آھي ۽ نڪي رڍن جو مالڪ. ھو جڏھن بگھڙ کي ايندي ڏسي ٿو تہ رڍن کي ڇڏي ڀڄي وڃي ٿو ۽ بگھڙ رڍن تي حملو ڪري کين ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏي ٿو. 13مزور ڇڏي ڀڄي وڃي ٿو، ڇالاءِ⁠جو ھو رڳو مزور آھي ۽ کيس رڍن جو ڪو فڪر ڪونہ آھي. 14‏-15#مت ۲۷‏:۱۱، لو ۲۲‏:۱۰ آءٌ چڱو ريڍار آھيان. جھڙيءَ طرح پيءُ مون کي سڃاڻي ٿو ۽ آءٌ پيءُ کي سڃاڻان ٿو، تھڙيءَ طرح آءٌ پنھنجين رڍن کي سڃاڻان ٿو ۽ رڍون مون کي سڃاڻن ٿيون. آءٌ رڍن لاءِ پنھنجي جان بہ ڏيان ٿو. 16منھنجون ٻيون بہ رڍون آھن جيڪي ھن واڙي جون نہ آھن. انھن کي آڻڻ بہ مون لاءِ ضروري آھي. اھي منھنجو آواز ٻڌنديون ۽ پوءِ ھڪڙو ئي ڌڻ ۽ ھڪڙو ئي ڌنار ٿيندو.
17پيءُ مون سان انھيءَ لاءِ پيار ٿو ڪري جو آءٌ پنھنجي جان ٿو ڏيان، جڏھن تہ اھا وري مون کي موٽي ملندي. 18ڪوبہ ماڻھو مون کان اھا کسي نہ ٿو پر آءٌ اھا پنھنجي مرضيءَ سان ٿو ڏيان. مون کي پنھنجي جان ڏيڻ جي اختياري آھي ۽ اھا وري موٽائي وٺڻ جي بہ اختياري آھي. ھي حڪم مون کي پنھنجي پيءُ وٽان مليو آھي.“
19ھنن لفظن ٻڌڻ کان پوءِ ماڻھن ۾ وري ڏڦيڙ پئجي ويو. 20انھن مان ڪيترائي ائين پيا چون تہ ”ھن ۾ ڀوت آھي، ھو چريو آھي. اوھين ڇو سندس ڳالھين تي ڌيان ڏيو ٿا؟“ 21پر ٻيا چئي رھيا ھئا تہ ”جنھن ماڻھوءَ ۾ ڀوت ھوندو آھي، سو ھن وانگر ڳالھائي نہ سگھندو آھي. ڀوت ڪنھن انڌي جون اکيون کولي سگھي ٿو ڇا؟“
يھودين جو عيسيٰ کي قبول نہ ڪرڻ
22يروشلم ۾ #عيد تجديد: اھا عيد ھيڪل کي وري پاڪ ۽ مخصوص ڪرڻ جي يادگيريءَ طور ملھائي ويندي ھئي.عيد تجديد ھئي ۽ اھا سياري جي موسم ھئي. 23عيسيٰ ھيڪل جي سليماني ڏيڍيءَ ۾ گھمي رھيو ھو 24تہ ماڻھو چوڌاري ڦري آيس ۽ چيائونس تہ ”ڪيستائين تون اسان کي شڪ ۾ رکندين؟ اسان کي صاف سچ ٻڌاءِ تہ ڇا تون مسيح آھين؟“ 25عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”مون تہ اوھان کي ٻڌايو آھي، پر اوھان ايمان نہ ٿا آڻيو. جيڪي ڪم آءٌ پنھنجي پيءُ جي اختياريءَ سان ڪريان ٿو سي ئي منھنجي شاھدي ٿا ڏين. 26پر اوھين ايمان نہ ٿا آڻيو، ڇالاءِ⁠جو اوھين منھنجين رڍن مان نہ آھيو. 27منھنجون رڍون منھنجو آواز ٻڌن ٿيون. آءٌ پنھنجن رڍن کي سڃاڻان ٿو ۽ اھي منھنجي پٺيان ھلن ٿيون. 28آءٌ انھن کي دائمي زندگي ڏيان ٿو ۽ اھي ڪڏھن بہ برباد نہ ٿينديون ۽ نڪي ڪو ٻيو اھي مون کان کسي سگھندو. 29منھنجو پيءُ، جنھن مون کي اھي ڏنيون آھن سو سڀني کان وڏو آھي ۽ ڪوبہ منھنجي پيءُ کان اھي کسي نہ سگھندو. 30آءٌ ۽ پيءُ ھڪ آھيون.“
31تنھن تي يھودين کيس سنگسار ڪرڻ لاءِ وري بہ پٿر کنيا. 32عيسيٰ کين چيو تہ ”مون پيءُ جي پاران ڪيترائي چڱا ڪم اوھان کي ڪري ڏيکاريا آھن. انھن مان ڪھڙي ڪم جي ڪري اوھين مون کي سنگسار ڪريو ٿا؟“ 33#لاو ۱۶‏:۲۴ تنھن تي يھودين وراڻيس تہ ”اسين تو کي ڪنھن چڱي ڪم ڪرڻ ڪري سنگسار نہ ٿا ڪريون پر ڪفر بڪڻ ڪري، ڇالاءِ⁠جو تو انسان ٿي ڪري پاڻ کي خدا سڏايو آھي.“ 34#زب ۶‏:۸۲ عيسيٰ چيو تہ ”ڇا اوھان جي شريعت ۾ اھو لکيل نہ آھي تہ خدا چيو تہ ’اوھين خدا جا فرزند آھيو.‘ 35خدا انھن کي پنھنجا فرزند سڏيو جن کي سندس ڪلام مليل ھو ۽ خدا جو ڪلام ھميشہ لاءِ سچو آھي. 36جيتري قدر منھنجو واسطو آھي تہ پيءُ مون کي چونڊيو آھي ۽ ھن دنيا ۾ موڪليو آھي. پوءِ اوھين ڪيئن چئو ٿا تہ مون ڪفر بڪيو آھي جو مون چيو تہ ’آءٌ خدا جو فرزند آھيان؟‘ 37جيڪڏھن آءٌ پيءُ جا ڪم نہ ڪندو ھجان تہ اوھين مون تي ايمان نہ آڻيو. 38پر جيڪڏھن پيءُ جا ڪم ڪريان ٿو، تہ اوھين ڀل مون تي ايمان نہ آڻيو پر منھنجي انھن ڪمن تي تہ ايمان آڻيو، تہ جيئن اوھان کي خبر پوي ۽ سمجھو تہ پيءُ مون ۾ آھي ۽ آءٌ پيءُ ۾ آھيان.“
39تنھن تي انھن وري بہ عيسيٰ کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھو سندن ھٿن مان نڪري ويو.
40 # يو ۲۸‏:۱ عيسيٰ موٽي وري اردن درياءَ جي ھُن ڀر انھيءَ جاءِ تي آيو، جتي اڳي يحيٰ بپتسما ڏيندو ھو. ھو اتي رھي پيو. 41ڪيترائي ماڻھو وٽس ايندا ھئا. ھو چوندا ھئا تہ ”يحيٰ تہ ڪوبہ معجزو نہ ڏيکاريو، پر جيڪي ڳالھيون ھن ماڻھوءَ بابت چيائين سي سڀ پوريون ٿيون.“ 42اتي ڪيترن ئي ماڻھن مٿس ايمان آندو.

Currently Selected:

يوحنا 10: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy