YouVersion Logo
Search Icon

رومين ‮تعارف‬

تعارف
رومين ڏانھن پولس رسول جو ھي خط انھيءَ لاءِ لکيو ويو تہ جيئن روم شھر جي ڪليسيا وٽ پولس رسول جي وڃڻ واري رٿيل منصوبي جي راھہ ھموار ٿئي. ھن جو منصوبو اھو بہ ھو تہ ھو اتي مسيح جي پوئلڳن ۾ ڪم ڪري ۽ پوءِ انھن جي حمايت سان اسپين ملڪ ڏانھن وڃي. ھن مسيح تي ايمان آڻڻ بابت ۽ مسيح جي پوئلڳن جي زندگين تي انھيءَ ايمان جي عملي اثرات بابت وضاحت سان لکيو آھي.
روم جي ڪليسيا جي ڪارڪنن کي سلام ڪرڻ ۽ کين سندن لاءِ پنھنجي دعائن بابت ٻڌائڻ کان پوءِ، پولس رسول خط جو مطلب ٻڌائي ٿو تہ ”انھيءَ خوشخبريءَ مان اھو ظاھر آھي تہ خدا ماڻھن کي پاڻ ڏانھن ڪيئن سچار ٿو بڻائي. اھو رڳو ايمان جي ئي وسيلي شروعات کان وٺي پڇاڙيءَ تائين ٿئي ٿو“ (۱۷‏:۱).
پولس رسول پوءِ انھيءَ موضوع کي وڌائي ٿو. پوري انسانذات، يعني يھودي توڙي غير يھودي، ٻنھي لاءِ اھو ضروري آھي تہ ھو خدا ڏانھن سچار ٿين، ڇالاءِ⁠جو سڀيئي ھڪجھڙا گناھہ جي قبضي ۾ آھن. عيسيٰ مسيح تي ايمان رکڻ جي وسيلي ئي ماڻھو خدا ڏانھن سچار ٿي سگھن ٿا. ان کان علاوہ پولس رسول عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ سان انھيءَ نئين زندگيءَ کي بيان ڪري ٿو، جنھن جو نتيجو خدا سان ھن نئين تعلق ۾ نڪري ٿو. ايمان رکڻ وارو خدا سان صلح ۾ آھي ۽ خدا جي روح جي وسيلي گناھہ ۽ موت جي اختياريءَ کان آزاد ٿي وڃي ٿو.
پنجين کان اٺين باب تائين پولس رسول خدا جي شريعت جي مقصد ۽ ايمان وارن جي زندگيءَ ۾ خدا جي روح جي طاقت تي پڻ بحث ڪري ٿو. پوءِ رسول ھن مسئلي تي دماغ⁠سوزي ڪري ٿو تہ ڪيئن يھودي ۽ غير يھودي انسانذات لاءِ خدا جي منصوبي ۾ ٺھڪي اچن ٿا. ھو ھن نتيجي تي پھچي ٿو تہ يھودين جو عيسيٰ مسيح کي رد ڪرڻ خدا جي منصوبي جو حصو آھي، تہ جيئن عيسيٰ مسيح ۾ خدا جي فضل جي پھچ اندر پوري انسانذات اچي وڃي ۽ ھن کي يقين آھي تہ يھودي عيسيٰ مسيح کي ھميشہ رد نہ ڪندا. آخر ۾ پولس رسول لکي ٿو تہ مسيح سان گڏ ھئڻ واري زندگي ڪيئن ھئڻ گھرجي، خاص طور ٻين سان محبت وارن تعلقات جي باري ۾. ھو ھنن موضوعن جھڙوڪ: خدا جي خدمت، ايمان آڻيندڙن تي ملڪ لاءِ ۽ پاڻ ۾ ھڪ ٻئي لاءِ فرض ۽ ضمير جي مسئلي بابت بحث ڪري ٿو. ھو خط جي پڄاڻي پنھنجي شخصي پيغامن ۽ خدا لاءِ تعريفي لفظن سان ڪري ٿو.
سِٽاءُ
تعارف ۽ مضمون ۱‏:۱‎–۱۷
انسانذات لاءِ ڇوٽڪاري جي ضرورت ۱۸‏:۱‎–۲۰‏:۳
ڇوٽڪاري لاءِ خدا جي واٽ ۲۱‏:۳‎–۲۵‏:۴
مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري نئين زندگي ۱‏:۵‎–۳۹‏:۸
بني اسرائيل خدا جي منصوبي ۾ ۱‏:۹‎–۳۶‏:۱۱
ايمان آڻيندڙن جي ھلت چلت ۱‏:۱۲‎–۱۳‏:۱۵
آخري نصيحتون ۽ دعا سلام ۱۴‏:۱۵‎–۲۷‏:۱۶

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy