YouVersion Logo
Search Icon

ڪلسين 4

4
1 # اف ۹‏:۶ اي مالڪؤ! پنھنجن غلامن سان عدل ۽ انصاف جي ھلت ڪريو، ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ اوھان جو بہ ھڪڙو مالڪ آھي جيڪو آسمان ۾ آھي.
وڌيڪ ھدايتون
2دعا ۾ مشغول رھو ۽ شڪرگذاريءَ سان انھيءَ ۾ ھوشيار رھو. 3انھيءَ سان گڏ اسان جي لاءِ بہ دعا گھرندا ڪريو تہ خدا اسان لاءِ ڪلام ٻڌائڻ جو دروازو کولي، تہ جيئن اسين مسيح جي انھيءَ راز کي بيان ڪري سگھون جنھن جي ڪري آءٌ قيد ۾ آھيان. 4دعا ڪريو تہ انھيءَ کي صاف طور پڌرو ڪريان، جيئن مون کي ڪرڻ گھرجي.
5 # اف ۱۶‏:۵ ھرھڪ موقعي جو فائدو وٺندي جيڪي ڪليسيا کان ٻاھر آھن، تن سان سياڻپ سان ھلت ڪريو. 6اوھان جي ڳالھہ ٻولھہ ھميشہ فضيلت واري ۽ سلوڻي ھئڻ کپي، تہ جيئن اوھان کي خبر پوي تہ ھرھڪ کي ڪيئن مناسب جواب ڏجي.
آخر ۾ دعا سلام
7 # رس ۴‏:۲۰، ۲.تم ۱۲‏:۴ #اف ۲۱‏:۶‎–۲۲ تُخِڪُس اوھان کي منھنجو سارو احوال ٻڌائيندو. ھو پيارو ڀاءُ، سچو خدمتگار ۽ خداوند جو ھئڻ ڪري اسان جو ھم⁠خدمت آھي. 8ھن کي آءٌ انھيءَ مقصد لاءِ اوھان ڏانھن موڪلي رھيو آھيان تہ اوھين اسان جي حالتن بابت ڄاڻو ۽ ھو اوھان جي دلين کي ھمتائي. 9#فلي ۱۰‎–۱۲ ھن سان گڏ اُنيسمس کي بہ موڪلي رھيو آھيان. ھو اسان جو سچو ۽ پيارو ڀاءُ آھي ۽ اوھان مان ئي ھڪڙو آھي. اُھي اوھان کي ھتي جون سڀ ڳالھيون ٻڌائيندا.
10 # رس ۲۹‏:۱۹، ۲‏:۲۷، فلي ۲۴، رس ۱۲‏:۱۲‏،۲۵، ۱۳‏:۱۳، ۳۷‏:۱۵‎–۳۹ ارسترخس، جيڪو مون سان گڏ قيد ۾ آھي، اوھان کي سلام چوي ٿو. مرقس بہ، جيڪو برنباس جو سوٽ آھي اوھان کي سلام چوي ٿو. ھن بابت اوھان کي ھدايتون ٿيل آھن تہ جيڪڏھن ھو اوھان وٽ اچي تہ سندس آڌرڀاءُ ڪجو. 11يشوع جنھن کي يوستُس ڪري سڏيندا آھن، تنھن بہ اوھان کي سلام ڏنا آھن. يھودين مان رڳو ھي ٽي ماڻھو آھن، جن خدا جي بادشاھيءَ لاءِ مون سان گڏجي ڪم ڪيو آھي. اھي منھنجي گھڻي تسليءَ جو سبب پئي ٿيا آھن.
12 # ڪل ۷‏:۱، فلي ۲۳ اِپفراس جيڪو اوھان مان ھڪڙو آھي ۽ عيسيٰ مسيح جو غلام آھي، سو اوھان کي سلام ٿو چوي. ھو اوھان جي لاءِ ھميشہ گرم⁠جوشيءَ سان دعا ٿو گھري، تہ جيئن اوھين ڪامل ٿي، پوري يقين سان ھرھڪ ڳالھہ ۾ خدا جي مرضيءَ تي قائم رھو. 13آءٌ سندس شاھدي ٿو ڏيان تہ ھو اوھان جي ۽ انھن جي لاءِ، جيڪي لوديڪيا ۽ ھيراپلس ۾ آھن سخت محنت ٿو ڪري. 14#۲.تم ۱۰‏:۴‏،۱۱، فلي ۲۴ اسان جو پيارو دوست ڊاڪٽر لوقا ۽ ديماس اوھان کي سلام ٿا ڏين.
15لوديڪيا شھر جي ڀائرن ۽ ڀينرن ۽ ڀيڻ نمفا ۽ سندس گھر ۾ جيڪا ڪليسيا آھي، تن کي منھنجا سلام ڏجو. 16جڏھن ھي خط اوھين پڙھي وڃو، تڏھن انھيءَ کي لوديڪيا جي ڪليسيا ۾ بہ پڙھيو وڃي. وري جيڪو خط لوديڪيا ڏانھن موڪليو ويو آھي، اھو اوھين بہ پڙھجو. 17#فلي ۲ ان کان سواءِ ارخپس کي چئجو تہ جيڪو ڪم خداوند جي خدمت لاءِ تو کي مليو آھي، تنھن کي ضرور پورو ڪجانءِ.
18آءٌ پولس، ھاڻي پنھنجي ھٿ سان ھي سلام لکي رھيو آھيان. منھنجي قيد جي زنجيرن کي ياد رکجو. شل اوھان تي فضل ٿيندو رھي.

Currently Selected:

ڪلسين 4: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy