YouVersion Logo
Search Icon

2.ڪرنٿين 2

2
1مون پنھنجيءَ دل ۾ اھو پڪو ارادو ڪيو آھي تہ آءٌ وري اوھان وٽ غمگين ٿي نہ ايندس. 2ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن آءٌ اوھان کي غمگين ڪريان تہ مون کي سواءِ انھيءَ جي ڪير خوش ڪندو، جيڪو منھنجي ڪري غمگين ٿيو آھي، 3۽ مون انھيءَ ڪري اوھان کي لکيو ھو تہ متان جڏھن آءٌ اچان تہ جن کان مون کي خوشي ٿيڻ گھرجي، تن کان مون کي ڏک پھچي. ڇالاءِ⁠جو اوھان سڀني جي لاءِ آءٌ يقين رکان ٿو تہ منھنجي خوشيءَ ۾ ئي اوھان سڀني جي خوشي آھي. 4مون اوھان ڏانھن گھڻي ڏک ۽ دلگيريءَ سان ڳوڙھا ڳاڙيندي خط لکيو، انھيءَ لاءِ نہ، تہ اوھان کي غمگين ڪريان، پر ان ڪري جو اوھين ڄاڻو تہ منھنجو اوھان سان ڪيترو نہ گھڻو پيار آھي.
گنھگار لاءِ معافي
5جيڪڏھن ڪنھن مون کي رنجايو آھي تہ انھيءَ رڳو مون کي نہ، پر ٿورو گھڻو اوھان سڀني کي بہ رنجايو آھي. پر آءٌ انھيءَ ڳالھہ کي وڌائڻ نہ ٿو چاھيان. 6اھا سزا جيڪا اوھان مان گھڻن ماڻھن جي طرفان کيس ملي، سا اھڙي ماڻھوءَ لاءِ ڪافي آھي. 7ھاڻي ان جي بدران اوھان کي گھرجي تہ کيس معاف ڪريو ۽ تسلي ڏيو، متان اھو ماڻھو غم ۾ غرق نہ ٿي وڃي. 8تنھنڪري آءٌ اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ کيس يقين ڏياريو تہ اوھين ساڻس پيار ٿا ڪريو. 9سو مون انھيءَ لاءِ اوھان کي لکيو تہ جيئن اوھان کي آزمايان ۽ ڏسان تہ اوھين سڀني ڳالھين ۾ منھنجا فرمانبردار آھيو يا نہ. 10جڏھن اوھين ڪنھن کي ڪا ڳالھہ معاف ڪريو ٿا تہ آءٌ بہ ان کي معاف ڪريان ٿو ۽ جيڪي مون معاف ڪيو آھي، جيڪڏھن ڪا معاف ڪرڻ جوڳي ڳالھہ ھئي تہ مسيح جي حضور ۾ اوھان جي خاطر معاف ڪئي اٿم. 11انھيءَ ڪري تہ متان اسين شيطان جي فريب ۾ ڦاسي نہ پئون، ڇوجو اسين سندس منصوبن کان بي⁠خبر نہ آھيون.
مسيح جي وسيلي فتح
12 # رس ۱‏:۲۰ جڏھن آءٌ مسيح جي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ تروآس ۾ آيس تہ خداوند جي طرفان مون لاءِ ھڪڙو در کلي پيو. 13تڏھن بہ منھنجي دل کي آرام نہ آيو، ڇالاءِ⁠جو مون پنھنجي ڀاءُ طيطس کي نہ ڏٺو. پوءِ اتان جي ماڻھن کان موڪلائي مڪدونيا ۾ ھليو آيس.
14پر خدا جو شڪر آھي، جيڪو اسان کي مسيح سان گڏي ھڪ ڪري سدائين سوڀ واري جلوس ۾ گھمائي ٿو ۽ اھڙيءَ طرح پنھنجي علم جي خوشبوءِ اسان جي وسيلي ھر ھنڌ پکيڙي ٿو. 15انھيءَ ڪري اسين خدا جي آڏو ڇوٽڪارو پائيندڙن ۽ تباھي حاصل ڪرڻ وارن ٻنھي لاءِ مسيح جي سرھاڻ آھيون. 16ھڪڙن جي واسطي مرڻ لاءِ موت جي بوءِ ۽ ٻين جي واسطي جيئڻ لاءِ زندگيءَ جي خوشبوءِ آھيون. ڪير اھا ذميواري کڻڻ جي لائق آھي؟ 17اسين انھن گھڻن ماڻھن وانگر نہ آھيون، جيڪي پنھنجي نفعي لاءِ خدا جي ڪلام جو غلط استعمال ڪن ٿا. پر اسين خدا جي طرفان ۽ دل جي سچائيءَ سان خدا کي حاضر ڄاڻي مسيح سان شامل ٿي ڳالھايون ٿا.

Currently Selected:

2.ڪرنٿين 2: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy