YouVersion Logo
Search Icon

متي 1

1
1يسوع مسيح دائود جي فرزند، ابراهيم جي فرزند جو نسب نامو.
2ابراهيم مان اسحاق پيدا ٿيو؛ ۽ اسحاق مان يعقوب پيدا ٿيو؛ ۽ يعقوب مان يهوداهہ ۽ سندس ڀائر پيدا ٿيا. 3۽ يهوداهہ مان تمر جي پيٽان فارص ۽ زرح پيدا ٿيا: ۽ فارص مان حصرون پيدا ٿيو: ۽ حصرون مان رامہ پيدا ٿيو: 4۽ رامہ مان عميناداب پيدا ٿيو: ۽ عميناداب مان نحشون پيدا ٿيو: ۽ نحشون مان سلمون پيدا ٿيو: 5۽ سلمون مان راحاب جي پيٽان بوعز پيدا ٿيو: ۽ بوعز مان روٿ جي پيٽان عوبيد پيدا ٿيو: ۽ عوبيد مان يشي پيدا ٿيو: 6۽ يشيءَ مان دائود بادشاهہ پيدا ٿيو: ۽ دائود مان سليمان انهيءَ جي پيٽان پيدا ٿيو جا پهريائين اورياہ جي زال هئي. 7۽ سليمان مان رحبعام پيدا ٿيو: ۽ رحبعام مان ابياہ پيدا ٿيو: ۽ ابياہ مان آسا پيدا ٿيو: 8۽ آسا مان يهوشافاط پيدا ٿيو: ۽ يهوشافاط مان يورام پيدا ٿيو: ۽ يورام مان عزياہ پيدا ٿيو: 9۽ عزياہ مان يوتام پيدا ٿيو: ۽ يوتام مان اخز پيدا ٿيو: ۽ اخز مان حزقياہ پيدا ٿيو: 10۽ حزقياہ مان منشي پيدا ٿيو: ۽ منشي مان آمون پيدا ٿيو: ۽ آمون مان يوشياہ پيدا ٿيو: 11۽ جن ڏينهن ۾ هو گرفتار ٿي بابل ڏي ويا، تن ڏينهن ۾ يوشياہ مان يڪنياهہ ۽ سندس ڀائر پيدا ٿيا. 12۽ بابل ڏي گرفتار ٿي وڃڻ کان پوءِ يڪنياهہ مان شئلتي ايل پيدا ٿيو: ۽ شئلتي ايل مان زربابل پيدا ٿيو: 13۽ زربابل مان ابيئود پيدا ٿيو: ۽ ابيئود مان الياقيم پيدا ٿيو: ۽ الياقيم مان عازور پيدا ٿيو: 14۽ عازور مان صدوق پيدا ٿيو: ۽ صدوق مان اخيم پيدا ٿيو: ۽ اخيم مان اليئود پيدا ٿيو: 15۽ اليئود مان اليعاذار پيدا ٿيو: ۽ اليعاذار مان متان پيدا ٿيو: ۽ متان مان يعقوب پيدا ٿيو. 16۽ يعقوب مان يوسف پيدا ٿيو، جو مريم جو مڙس هو؛ جنهن جي پيٽان يسوع پيدا ٿيو، جو مسيح سڏبو آهي. 17انهي طرح ابراهيم کان وٺي دائود تائين مڙيئي چوڏهن پيڙهيون ٿيون؛ ۽ دائود کان وٺي بابل ڏي گرفتار ٿي وڃڻ تائين چوڏهن پيڙهيون؛ ۽ بابل ڏي گرفتار ٿي وڃڻ کان وٺي مسيح تائين چوڏهن پيڙهيون.
18هاڻي يسوع مسيح جو تولد هن طرح ٿيو: جو جڏهن هن جي ماءُ مريم جو مڱڻو يوسف سان ٿيو، ۽ اڃا هو پاڻ ۾ گڏ نہ ٿيا هئا، تڏهن معلوم ٿيو تہ هوءَ پاڪ روح جي قدرت سان حاملہ ٿي آهي. 19۽ هن جو مڙس يوسف، جو راستباز ماڻهو هو ۽ مرضي نہ هيس تہ هن کي خلق ۾ خوار ڪريان، تنهن خيال ڪيو تہ هن کي پنهنجي پر ۾ ڇڏي ڏيان. 20پر جڏهن هو انهن ڳالهين بابت فڪر ۾ هو، تہ ڏسو تہ هن کي خواب ۾ خدا جو هڪڙو ملائڪ ڏسڻ ۾ آيو، جنهن چيس تہ اي دائود جا پٽ يوسف، تون مريم پنهنجي زال کي پاڻ وٽ آڻڻ کان نہ ڊڄ، ڇالاءِ جو جيڪو حمل ٿيو اٿس سو پاڪ روح جي قدرت سان آهي. 21۽ هن کي پٽ ڄمندو ۽ انهي جو نالو يسوع رکج. ڇالاءِ جو هو اُهو ئي آهي جو پنهنجي اُمت کي سندن گناهن کان نجات ڏيندو. 22هاڻي اُهي سڀ ڳالهيون انهي لاءِ ٿيون تہ جيڪي خداوند پنهنجي نبيءَ جي معرفت چوايو هو، سو اچي پورو ٿئي تہ 23”ڏسو هڪڙي ڪنواري حاملہ ٿيندي ۽ کيس پٽ ڄمندو، ۽ انهي جو نالو عمانوئيل رکندا؛“ جنهن جي معنيٰ آهي، ”خدا اسان سان“. 24پوءِ يوسف ننڊ مان اُٿيو ۽ جيئن خداوند جي ملائڪ فرمايو هوس تيئن ئي ڪيائين، ۽ پنهنجي زال کي پاڻ وٽ وٺي آيو. 25۽ جيسين هن کي پٽ نہ ڄائو، تيسين کيس هٿ نہ لاتائين، ۽ انهي ٻار جو نالو يسوع رکيائين.

Currently Selected:

متي 1: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in