Λογότυπο YouVersion
Εικονίδιο αναζήτησης

پيدائش 1

1
1خدا شروعات ۾ آسمان ۽ زمين کي پيدا ڪيو. 2۽ زمين بي ترتيب ۽ ويران هئي؛ ۽ اونهائيءَ جي مٿان اوندهہ هئي: ۽ خدا جي روح پاڻيءَ جي مٿان آرو ڪيو. 3۽ خدا چيو تہ سوجهرو ٿئي: ۽ سوجهرو ٿيو. 4۽ خدا ڏٺو تہ سوجهرو چڱو آهي: ۽ خدا سوجهري کي اوندهہ کان ڌار ڪيو. 5۽ خدا سوجهري کي ڏينهن سڏيو ۽ اوندهہ کي رات سڏيائين. سو سانجهي ۽ صبح ٿيو، ۽ پهريون ڏينهن ٿيو. 6۽ خدا چيو تہ، پاڻين جي وچ ۾ خال ٿئي تہ پاڻي، پاڻين کان جدا ٿين. 7سو خدا خال جوڙيو، ۽ خال جي هيٺان جيڪي پاڻي هئا تن کي انهن پاڻين کان جدا ڪيائين جيڪي خال جي مٿان هئا: ۽ ائين ئي ٿيو. 8۽ خدا خال کي آسمان سڏيو. سو سانجهي ۽ صبح ٿيو، ۽ ٻيو ڏينهن ٿيو.
9۽ خدا چيو تہ آسمان جي هيٺان جيڪي پاڻي آهن، سي سڀ هڪڙي هنڌ گڏ ٿين: تہ خشڪي ظاهر ٿئي: ۽ ائين ئي ٿيو. 10۽ خدا خشڪيءَ کي زمين سڏيو؛ ۽ گڏ ٿيل پاڻين کي سمنڊ سڏيائين: ۽ خدا ڏٺو تہ چڱو آهي. 11۽ خدا چيو تہ زمين تي گاهہ، ٻج وارا ٻوٽا، ۽ ميويدار وڻ، جي پنهنجي پنهنجي جنس موجب ميويدار ۽ ٻج وارا آهن، سي سڀ زمين مان اُڀرن: ۽ ائين ئي ٿيو. 12تڏهن زمين تي گاهہ، ۽ ٻوٽا جن ۾ سندن جنس موجب ٻج آهي ۽ ميويدار وڻ، جي پنهنجيءَ جنس موجب ٻج وارا آهن، سي زمين مان اُڀريا: ۽ خدا ڏٺو تہ چڱو آهي. 13سو سانجهي ۽ صبح ٿيو، ۽ ٽيون ڏينهن ٿيو.
14۽ خدا چيو تہ آسمان جي خال ۾ روشنايون ٿين تہ ڏينهن کي رات کان ڌار ڪن؛ ۽ اُهي نشانين، مندن، ڏينهن ۽ ورهين جي لاءِ ٿين: 15۽ اهي آسمان جي خال ۾ سوجهري لاءِ ٿين: تہ زمين کي روشن ڪن: ۽ ائين ئي ٿيو. 16سو خدا ٻہ وڏيون روشنيون جوڙيون: هڪڙي اڪبر، جا ڏينهن تي حڪومت هلائي، ٻي اصغر، جا رات تي حڪومت هلائي: ۽ تارا بہ جوڙيائين. 17۽ خدا انهن کي آسمان جي خال ۾ رکيو، تہ زمين تي سوجهرو ڪن، 18۽ ڏينهن تي ۽ رات تي حڪومت هلائين، ۽ سوجهري کي اوندهہ کان ڌار ڪن: ۽ خدا ڏٺو تہ چڱو آهي. 19سو سانجهي ۽ صبح ٿيو، ۽ چوٿون ڏينهن ٿيو.
20۽ خدا چيو تہ پاڻيءَ ۾ رهندڙ بيشمار ساهوارا پيدا ٿين، ۽ پکي زمين جي مٿان آسمان جي خال ۾ اُڏامن. 21۽ خدا وڏا وڏا درياهي جانور ۽ سڀ ڪنهن قسم جا پاڻيءَ ۾ رهندڙ بيشمار ساهوارا، سندن جنس موجب، ۽ سڀ ڪنهن قسم جا پکي سندن جنس موجب پيدا ڪيا: ۽ خدا ڏٺو تہ چڱو آهي. 22۽ خدا اُنهن کي برڪت ڏيئي، چيو تہ وڌو ۽ ويجهو ۽ سمنڊ جي پاڻين کي ڀرپور ڪريو، ۽ پکي زمين تي وڌن ويجهن. 23سو سانجهي ۽ صبح ٿيو، ۽ پنجون ڏينهن ٿيو.
24۽ خدا چيو تہ زمين مان سڀ ڪنهن قسم جا ساهوارا سندن جنس موجب پيدا ٿين، سڀيئي ڍور ۽ سرندڙ جيت، ۽ جهنگلي جانور سندن جنس موجب پيدا ٿين: ۽ ائين ئي ٿيو. 25سو خدا جهنگلي جانورن کي ۽ سڀني ڍورن کي سندن جنس موجب، ۽ زمين تي سرندڙ جيتن کي سندن جنس موجب جوڙيو: ۽ خدا ڏٺو تہ چڱو آهي. 26پوءِ خدا چيو، اسين انسان کي پنهنجيءَ صورت تي پاڻ جهڙو جوڙيون: تہ اُهي سمنڊ جي مڇين تي، هوا جي پکين تي، سڀني ڍورن تي، سڄيءَ زمين تي، ۽ سڀني سرندڙ جيتن تي حڪومت هلائين. 27۽ خدا پنهنجيءَ صورت تي انسان کي پيدا ڪيو. خدا جي صورت تي کين پيدا ڪيائين؛ نر ۽ ناري بڻائي کين پيدا ڪيائين. 28۽ خدا انهن کي برڪت ڏيئي چيو، تہ وڌو ۽ ويجهو، ۽ زمين کي ڀرپور ۽ تابع ڪريو؛ ۽ سمنڊ جي مڇين تي، هوا جي پکين تي ۽ سڀني جانورن تي حڪومت هلايو. 29۽ خدا چيو تہ ڏسو، آءٌ زمين جي سڀ ڪا ٻج واري ڀاڄي، ۽ هرڪو وڻ جنهن ۾ سندس ٻج وارو ڦل آهي، سي سڀ اوهان کي ٿو ڏيان؛ اهي اوهان جي کاڌي لاءِ آهن: 30۽ زمين جي سڀني جانورن، هوا جي سڀني پکين، ۽ سڀني سرندڙ جيتن، ۽ جن ۾ ساهہ آهي تن کي زمين جا ساوا ٻوٽا کائڻ لاءِ ٿو ڏيان: ۽ ائين ئي ٿيو. 31۽ جيڪي خدا جوڙيو هو تنهن سڀ تي نظر ڪيائين، ۽ ڏٺائين تہ تمام چڱو آهي. سو سانجهي ۽ صبح ٿيو ۽ ڇهون ڏينهن ٿيو.

Επιλέχθηκαν προς το παρόν:

پيدائش 1: SB62

Επισημάνσεις

Κοινοποίηση

Αντιγραφή

None

Θέλετε να αποθηκεύονται οι επισημάνσεις σας σε όλες τις συσκευές σας; Εγγραφείτε ή συνδεθείτε

Η YouVersion χρησιμοποιεί cookies για να εξατομικεύσει την εμπειρία σας. Χρησιμοποιώντας τον ιστότοπό μας, αποδέχεστε τη χρήση των cookies όπως περιγράφεται στην πολιτική απορρήτου