1
رومين 23:6
Common Language New Testament
SCLNT
ڇالاءِجو گناھہ جو اجر موت آھي. پر خدا جي بخشش اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي معرفت دائمي زندگي آھي.
Vergleichen
Studiere رومين 6:23
2
رومين 14:6
ڇالاءِجو ھاڻي گناھہ جو اوھان تي ڪوبہ اختيار نہ آھي، انھيءَ لاءِ تہ ھاڻي اوھين شريعت جي تابع نہ پر خدا جي فضل جي تابع آھيو.
Studiere رومين 6:14
3
رومين 4:6
تنھنڪري اسين سندس مرڻ ۾ بپتسما جي وسيلي ھن سان گڏ دفن ٿي ويا ھئاسين، انھيءَ لاءِ تہ جيئن مسيح پنھنجي پيءُ جي جلوي سان مئلن مان جياريو ويو تيئن اسين بہ نئين زندگيءَ ۾ گذاريون.
Studiere رومين 6:4
4
رومين 13:6
پنھنجي جسم جي عضون کي گناھہ جي حوالي نہ ڪريو، متان اھي بڇڙائيءَ جا ھٿيار ٿين. پر پاڻ کي مئلن مان جيئرو سمجھي خدا جي حوالي ڪريو تہ جيئن اوھان جي جسم جا عضوا سچائيءَ جا ھٿيار ٿين.
Studiere رومين 6:13
5
رومين 6:6
ڇالاءِجو اسان کي خبر آھي تہ اسان جي اڳين انسانيت مسيح سان گڏ صليب تي چاڙھي ويئي، تہ جيئن اسان جون گناھہ ڪرڻ واريون نفساني خواھشون ناس ٿي وڃن ۽ اڳتي اسين گناھہ جي غلاميءَ کان ڇٽي پئون،
Studiere رومين 6:6
6
رومين 11:6
اھڙيءَ طرح اوھين بہ پاڻ کي گناھہ جي نسبت مئل سمجھو، پر خدا جي نسبت عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري پاڻ کي جيئرو سمجھو.
Studiere رومين 6:11
7
رومين 1:6-2
تہ پوءِ ڇا اسين ائين چئون تہ گناھہ ڪندا رھون تہ جيئن خدا جو فضل وڌيڪ ٿئي؟ نہ، بلڪل نہ. اسين گناھہ جي نسبت مئل آھيون تہ پوءِ ڪيئن ان ۾ وڌيڪ جيئرا رھي سگھنداسين؟
Studiere رومين 6:1-2
8
رومين 16:6
اوھان کي خبر آھي تہ جيڪڏھن اوھين غلامن وانگر ڪنھن جي تابعداري ڪريو ٿا تہ اوھين انھيءَ ماڻھوءَ جا غلام آھيو. ھاڻي جيڪڏھن اوھين گناھہ جي تابعداري ڪندا تہ ان جو نتيجو موت آھي. پر جيڪڏھن خدا جي تابعداري ڪندا تہ ھو اوھان کي سچار ڪري قبول ڪندو.
Studiere رومين 6:16
9
رومين 17:6-18
خدا جو شڪر آھي جو جيتوڻيڪ اوھين گناھہ جا غلام ھئا، پر جيڪا تعليم اوھان کي ڏني ويئي تنھن جي اوھان دلوجان سان تابعداري ڪئي. اوھين گناھہ جي غلاميءَ کان آزاد ٿيا آھيو ۽ ھاڻي اوھين سچائيءَ جا غلام ٿيا آھيو.
Studiere رومين 6:17-18