1
رومين 20:4-21
Common Language New Testament
SCLNT
پر ھن جي ايمان کي لوڏو بہ نہ آيو. ھن خدا جي واعدي تي ذرو بہ شڪ نہ ڪيو، بلڪ ھو ايمان ۾ وڌيڪ پڪو ٿي خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳو. ھن کي پورو يقين ھو تہ خدا جيڪو واعدو ڪيو آھي سو پورو ٿيندو.
Vergleichen
Studiere رومين 4:20-21
2
رومين 17:4
جيئن لکيل آھي تہ ”اي ابراھيم! مون تو کي گھڻين قومن جو پيءُ بڻايو آھي.“ اھو واعدو سچو آھي، ڇالاءِجو ابراھيم جو ايمان انھيءَ خدا تي ھو، جيڪو مئلن کي جيئرو ڪري ٿو ۽ جنھن جو حڪم انھن شين کي وجود ڏئي ٿو جيڪي اڳ ۾ موجود نہ آھن.
Studiere رومين 4:17
3
رومين 25:4
اسان جي گناھن جي لاءِ ھن کي موت جي حوالي ڪيو ويو ۽ وري کيس جيئرو ڪيو ويو، تہ جيئن ھو اسان کي خدا ڏانھن سچار بڻائي.
Studiere رومين 4:25
4
رومين 18:4
جيتوڻيڪ اميد پوري ٿيڻ جھڙي نہ ھئي، تنھن ھوندي بہ ابراھيم اميد رکي خدا تي ايمان آندو ۽ ھو ”گھڻين قومن جو پيءُ“ بڻيو. جيئن لکيل آھي تہ ”تنھنجو گھڻو ئي نسل ٿيندو.“
Studiere رومين 4:18
5
رومين 16:4
تنھنڪري اھو واعدو ايمان جي بنياد تي ۽ خدا جي فضل جي نتيجي ۾ ٿيو، تہ جيئن اھو ابراھيم جي سڄي اولاد لاءِ قائم رھي. نہ رڳو انھن لاءِ جن وٽ شريعت آھي، پر انھن لاءِ بہ جيڪي ابراھيم وانگر ايمان آڻين ٿا، ڇالاءِجو ابراھيم اسان سڀني جو پيءُ آھي.
Studiere رومين 4:16
6
رومين 7:4-8
”سڀاڳا آھن اُھي، جن جا ڏوھہ خدا معاف ڪيا ۽ سندن گناھہ ڍڪي ڇڏيائين. سڀاڳو آھي اُھو، جنھن جا گناھہ خداوند حساب ۾ ڪين آڻيندو.“
Studiere رومين 4:7-8
7
رومين 3:4
پاڪ ڪتاب ۾ لکيل آھي تہ ”ابراھيم خدا تي ايمان آندو ۽ انھيءَ ڪري خدا کيس پاڻ ڏانھن سچار ليکيو.“
Studiere رومين 4:3