1
يوحنا 12:8
Common Language New Testament
SCLNT
عيسيٰ وري فريسين سان ڳالھائيندي چيو تہ ”آءٌ دنيا جي روشني آھيان. جيڪو بہ منھنجي پيروي ڪري ٿو، تنھن کي زندگيءَ جي روشني ملندي ۽ وري ڪڏھن بہ اونداھيءَ ۾ نہ گھمندو.“
Vergleichen
Studiere يوحنا 8:12
2
يوحنا 32:8
پوءِ اوھان کي سچ جي خبر پوندي ۽ اھو سچ اوھان کي آزاد ڪندو.“
Studiere يوحنا 8:32
3
يوحنا 31:8
پوءِ جن يھودين مٿس ايمان آندو ھو، عيسيٰ تن کي چيو تہ ”جيڪڏھن اوھين منھنجي تعليم تي قائم رھندا تہ اوھين سچپچ منھنجا شاگرد آھيو.
Studiere يوحنا 8:31
4
يوحنا 36:8
تنھنڪري جيڪڏھن فرزند اوھان کي آزاد ڪندو تہ اوھين سچپچ آزاد ٿيندا.
Studiere يوحنا 8:36
5
يوحنا 7:8
جڏھن ھو کانئس پڇندا رھيا، تڏھن ھن ڪنڌ مٿي ڪري چين تہ ”اوھان مان جنھن ڪڏھن بہ ڪو گناھہ نہ ڪيو ھجي، سو پھريائين ھن عورت کي پٿر ھڻي.“
Studiere يوحنا 8:7
6
يوحنا 34:8
عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪو بہ گناھہ ٿو ڪري سو گناھہ جو غلام آھي.
Studiere يوحنا 8:34
7
يوحنا 10:8-11
عيسيٰ ڪنڌ مٿي ڪري انھيءَ عورت کي چيو تہ ”اي مائي! اھي ڪيڏانھن ويا؟ ڇا ھتي ڪوبہ ڪونہ آھي جو تو کي سزا ڏئي؟“ انھيءَ عورت وراڻيو تہ ”سائين! نہ، ڪوبہ ڪونھي.“ تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”چڱو آءٌ بہ تو کي سزا نہ ٿو ڏيان. سو وڃ، پر وري گناھہ نہ ڪجانءِ.“
Studiere يوحنا 8:10-11