1
رومين 17:14-18
Sindhi Bible FB
SB
ياد رک، خدا جي بادشاهي کائڻ پيئڻ تي مدار نہ ٿي رکي، بلڪ اها سچائيءَ، ڀائيچاري ۽ انهيءَ خوشيءَ تي ٻڌل آهي جيڪا اسان ۾ پاڪ روح جي هئڻ ڪري آهي. سو جيڪو بہ اهڙي نموني مسيح جي خدمت ٿو ڪري، اهو خدا کي پسند آهي ۽ ماڻهن کي بہ قبول آهي.
Vergleichen
Studiere رومين 14:17-18
2
رومين 8:14
هائو، جيڪڏهن اسين جيئون ٿا تہ خداوند عيسيٰ جي خاطر ۽ جي مرون ٿا تہ بہ خداوند عيسيٰ جي خاطر. سو اسين جيئون توڙي مرون تہ بہ خداوند عيسيٰ جا ئي آهيون.
Studiere رومين 14:8
3
رومين 19:14
پوءِ اچو تہ اسين اهڙا ڪم ڪندا رهون، جن سان ڀائيچارو پيدا ٿئي ۽ هڪٻئي جي ايمان کي وڌائي سگھون.
Studiere رومين 14:19
4
رومين 13:14
تنهنڪري اسان کي گھرجي تہ اڳتي هڪٻئي کي ڏوهاري قرار نہ ڏيون، بلڪ اهو فيصلو ڪري ڇڏيون تہ اسان مان ڪوبہ ماڻهو ڪنهن ٻئي لاءِ ڪا اهڙي ڳالهہ نہ ڪندو، جيڪا سندس ٿاٻو کائڻ يا گمراهہ ٿي وڃڻ جو سبب بڻجي.
Studiere رومين 14:13
5
رومين 11:14-12
جيئن پاڪ ڪلام ۾ خداوند فرمايو آهي تہ ”آءٌ خدا پنهنجي حياتيءَ جو قسم کڻي چوان ٿو تہ هر گوڏو منهنجي اڳيان جھڪندو، ۽ هر زبان مون خدا جي واکاڻ ڪندي.“ مطلب تہ اسان مان هر هڪ خدا کي پنهنجو پنهنجو حساب ڏيندو.
Studiere رومين 14:11-12
6
رومين 1:14
جنهن جو ايمان ڪمزور آهي تنهن کي قبول ڪريو ۽ شڪ شبهي بابت ساڻس بحث نہ ڪريو.
Studiere رومين 14:1
7
رومين 4:14
سو تون ڪير ٿيندو آهين جو ڪنهن ٻئي جي نوڪر تي تهمت ٿو هڻين؟ انهيءَ کي قبول ڪرڻ يا نہ ڪرڻ جي فيصلي جو اختيار سندس مالڪ کي ئي آهي ۽ اهو قبول ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ تہ سندس مالڪ کيس قبول پوڻ جي لائق بڻائي سگھي ٿو.
Studiere رومين 14:4