1
يوحنا 26:12
Sindhi Bible FB
SB
جيڪو منهنجي خدمت ڪرڻ چاهي سو منهنجي پيروي ڪري، تہ جيئن جتي آءٌ آهيان اتي منهنجو خدمتگار بہ هجي. منهنجو پيءُ انهيءَ کي عزت بخشيندو جيڪو منهنجي خدمت ڪندو.“
Vergleichen
Studiere يوحنا 12:26
2
يوحنا 25:12
جيڪو بہ پنهنجي جان سان پيار ڪري ٿو سو اها وڃائيندو. پر جيڪو هن دنيا ۾ پنهنجي جان کي نظرانداز ڪري ٿو تنهن کي دائمي زندگي ملندي.
Studiere يوحنا 12:25
3
يوحنا 24:12
آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪڻڪ جو داڻو زمين ۾ پورجي نہ ٿو تيستائين اڪيلو ٿو رهي. پر جي پورجي ٿو تہ ڪيترائي داڻا پيدا ڪري ٿو.
Studiere يوحنا 12:24
4
يوحنا 46:12
آءٌ روشني آهيان ۽ هن دنيا ۾ انهيءَ لاءِ آيو آهيان تہ جيڪو بہ مون تي ايمان آڻي سو اونداهيءَ ۾ نہ رهي.
Studiere يوحنا 12:46
5
يوحنا 47:12
جيڪو منهنجيون ڳالهيون ٻڌي انهن تي عمل نہ ٿو ڪري، تنهن کي آءٌ گنهگار قرار نہ ٿو ڏيان. آءٌ دنيا کي گنهگار قرار ڏيڻ لاءِ نہ، بلڪ انهيءَ کي بچائڻ لاءِ آيو آهيان.
Studiere يوحنا 12:47
6
يوحنا 3:12
تڏهن مريم اڌ ليٽر تمام قيمتي عطر، جيڪو سچي سُرهي مُرَ مان تيار ڪيل هو، سو کڻي عيسيٰ جي پيرن کي مکيو ۽ پوءِ پنهنجي وارن سان سندس پير اُگھيائين. انهيءَ عطر جي سرهاڻ سان سڄو گھر ڀرجي ويو.
Studiere يوحنا 12:3
7
يوحنا 13:12
سو اهي ميڙ وارا کجيءَ جون ڇڙيون هٿن ۾ کڻي سندس آڌرڀاءَ لاءِ اڳڀرو ويا ۽ نعرا هڻڻ لڳا تہ ”خدا جي واکاڻ هجي! سڀاڳو آهي اهو، جيڪو خداوند جي نالي تي ٿو اچي! بني اسرائيل جو بادشاهہ مبارڪ، مبارڪ!“
Studiere يوحنا 12:13
8
يوحنا 23:12
تنهن تي عيسيٰ چيو تہ ”اها گھڙي اچي پهتي آهي، جڏهن ابنِ آدم جو جلوو ظاهر ٿيندو.
Studiere يوحنا 12:23